علي محمد شاھ راشدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھن مضمون ۾ معلومات جو ورجاءُ ٿيل آھي، ان کي درست نموني ضم ڪرڻ جي ضرورت آھي. جولاءِ 2019ع
پير علي محمد راشدي
پيدائش آگسٽ 05 1905(1905-08-05)ع
لاڙڪاڻو، ھاڻوڪو پاڪستان
وفات مارچ 14 1987(1987-03-14)ع
ڪراچي، پاڪستان
قلمي نالو پير علي محمد راشدي
ڌنڌو سياستدان، صحافي، اديب، سفارت ڪار، مورخ
ٻولي اردو، سنڌي، انگريزي
قوميت برٽش انڊين ۽ پاڪستاني
شهريت Flag of Pakistan.svg پاڪستانپاڪستاني
صنف سياسيات، صحافت، آپ بيتي، تاريخ
مُکيه ڪم رودادِ چمن
اھي ڏينھن اھي شينھن (جلد 1,2,3)
فرياد سنڌ
ايوارڊ آرڊر آف سيڪا تونا Flag of the Philippines.svg Philippines فلپائن

پير علي محمد راشدي (انگريزي: Pir Ali Muhammad Rashidi)، (پيدائش: 5 آگسٽ، 1905ع - وفات: 14 مارچ، 1987ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جو ممتاز سياستدان، صحافي، مورخ، سفارت ڪار ۽ اديب ھو. ھو تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن ۽ محمد علي جناح جي ويجھي ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. ھو تحريڪ پاڪستان جي انھن شخصن ۾ شامل ھو جن تاريخي پاڪستان جي ٺھراءَ جي ڊرافٽنگ جو ڪم سرنجام ڏنو. ھو سنڌ جي ممتاز مورخ، محقق ۽ فارسي ادبيات جي ماھر پير حسام الدين راشدي جو وڏو ڀاءُ ھو.[1]سيد علي محمد شاھ راشدي 12 جمادي الثاني 1324ھ، مطابق 5 آگسٽ 1905ع ساڍي پنجين صبح جو جمعي جي ڏينهن تولد ٿيو.[2]

احوال[سنواريو]

پير علي محمد راشدي 5 آگسٽ، 1905ع تي سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بھمن، برطانوي ھندستان ھاڻوڪي پاڪستان ۾ سنڌ جي مشھور روحاني گھراڻي راشدي خاندان ۾ پير سيد حامد شاھ راشدي جي گھر پيد ٿيا.[1][3] پاڻ اسڪول يا ڪاليج سان تعليم حاصل نہ ڪئي بلڪہ گھر تي ئي عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مھارت حاصل ڪئي.[3] ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار، ويٺل ڊکڻ ۽ مولوي محمد صديق ميرپورخاص واري وٽ ورتي. سنڌي چار درجا ۽ فارسي سڪندر نامہ تائين پڙهيائين. ٿوري عربي بہ پڙهيو. پوءِ انگريزي تعليم ماستر محمد رفيق، ويٺل مائونٽ آبو وٽ ورتائين. ان جي وڃڻ کان پوءِ نصرت اسٽيشن جي ماستر وٽ انگريزي جا سبق وٺندو رهيو. قريبن چئن درجن تائين انگريزي تعليم ورتائين.[2].

صحافت[سنواريو]

پير علي محمد راشدي گھر تي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد صحافت جي پيشي سان وابستہ ٿي ويا.[3] ھن پندرھن سال جي عمر ۾ ئي لکڻ جي صلاحيت پيدا ٿي چڪي ھئي ۽ ھو ايترو مطالعو بہ رکندا ھا جو اخبار جي لاءِ مضمون لکڻ لڳا. ھنن پنھنجي ڳوٺ مان ھڪ ماھنامو الراشد جاري ڪيو. ھي مولانا ابوالڪلام آزاد جي الھلال ۽ البلاغ جي طرز تي شايع ٿيڻ لڳي. ان جو دفتر پير صاحب پنھنجي ڳوٺ 'بھمن' ۾ ئي رکيو. پاڻ لکن ٿا تہ: 1924ع تائين جڏھن منھنجي عمر اڻويھ سال ھئي، مون ۾ ايتري صلاحيت پيدا ٿي وئي ھئي جو مان ڪجھ لکي سگھان پيو. مان ھڪ ماھنامو 'الراشد' جي نالي سان اتان ڳوٺ مان ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو، ان کي ڇپايو سکر مان ھو مگر دفتر ڳوٺ ۾ ئي رکيو.[1]

سکر اچڻ وڃڻ سان سندن جو واسطو پريس ۽ اخباري دنيا سان بہ پيو جنھن سبب ھو جلد ئي صحافتي دنيا ۾ اچي ويا ۽ اور ڇائنجي ويا. ان زماني (1924ع) ۾ راشدي صاحب سنڌ نيوز اخبار جو نامہ نگار بڻيا. 1926ع ۾ الحزب شڪارپور جا ايڊيٽر بڻيا. 1927ع کان 1934ع ۾ پنھنجي اخبار ستاره سنڌ جاري ڪئي جيڪا 1937ع تائين نڪرندي رھي. ان دوران پير صاحب 1936ع ۾ ھڪ اخبار صبح سنڌ جي نالي سان جاري ڪري چڪا ھا. بعد ۾ ھو مسلم وائيس جي نالي سان پھريان سکر کان بعد ۾ ڪراچي کان شايع ڪندا رھيا.[1]

1926ع کان 1931ع تائين سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ سيڪريٽري خان بهادر ولي محمد حسن علي هئا. 1926ع ڌاري هن اخبار "الحزب" شڪارپور مان ايڊٽ ڪئي. 1928ع ۾ اخبار"الراشد" جي ايڊيٽريءَ جا فرض بجا آندائين. 1929ع ۾ سنڌ زميندار اخبار سکر جو ڪجھ وقت لاءِ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. جا مرحوم آغا نظر علي خان جي نظرداري هيٺ کهڙو صاحب ڪڍائيندو هو.[2] هن 1940ع کان انگريزي ۾ مسلم وائيس نالي هفتيوار اخبار پهرين سکر مان پوءِ ڪراچي مان ڪڍڻ شروع ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ ادبي مسئلن تي مضمون لکندو هو. اها اخبار 1946ع تائين هلندي رهي.[2]. 1945ع جي آخر ۾ الوحيد اخبار مخالف پروپيگنڊا ڪرڻ لڳي تہ شڪارپور مان نڪرندڙ"قرباني" اخبار ۽ پريس خريد ڪري ڪراچي ۾ آندي وئي. پهرين ان جو ايڊيٽر مولوي خير محمد نظاماڻي هو پر ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهن ڏٺو ويو تہ پارٽي جي هو صحيح ترجماني نٿو ڪري ته اخبار جي نظرداري جو ذمو ميان علي محمد شاھ کنيو. اخبار جي ايڊيٽريءَ ۾ نالو ٻين جو هوندو هو پر اهم مضمون ۽ ايڊيٽوريل هي پاڻ لکندو هو. مشهور ڪتاب"فرياد سنڌ" اول مضمونن جي صورت ۾ قربانيءَ ۾ ڇپيو هو. پوءِ ان کي ڪتابي صورت ڏيئي سنڌ ۾ ورهايو ويو. اها اخبار 1947ع ۾ کهڙي صاحب جي دور وزارت ۾ بند ڪرائي وئي.[2]. ان ۾ "ڊان" اخبار جي فرقيوار پروپيگنڊه جو مقابلو ڪيائين. 1952ع ۾ هن هفتيوار انگريزي اخبار "اسٽيٽسمن" ڪڍڻ شروع ڪئي جا نالي خاطر اڄ تائين پير صاحب پاڳاري طرفان منسٽر اويس نالي هڪ شخص ڪڍندو رهي ٿو. ڪجھ وقت لاءِ راشدي صاحب پاڪستان نيوز پيپرس ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو ۽ انهي سلسلي ۾ هندستان، مصر ۽ انگلينڊ ۾ وفد وٺي دوري تي ويو.[2]

هانگ ڪانگ ۾ رهڻ واري عصي ۾ هو دنيا جي مختلف اخبارن کي مضمون موڪليندو رهيو ۽ پاڪستان جي اردو اخبار "جنگ" ۾ گهڻي وقت تائين "مشرق بعيد" تي مضمون لکيائين، جي سياسي سماچار ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار سمجهيا ويندا هئا.[2] ھي اخبار 1946ع تائين جاري رھي. ان اخبار جي ذريعي پاڪستان جي متعلق ھندو پريس جي زھر ڀريل بيانن جو مقابلو وڏي جرأت سان ڪيو ويو. بعد ۾ پير صاحب (1947ع) قرباني اخبار سان وابستہ ٿي ويا. ھي اخبار محمد ايوب کھڙو جي وزارت ۾ بند ڪرائي وئي. 1949ع ۾ محمد ايوب کھڙو جڏھن انگريزي اخبار سنڌ آبزرور جو انتظام سنڀاليو تہ پير صاحب ٻن سالن جي لاءِ ان جو ايڊيٽر بڻيو. ان ئي زماني ۾ ھن اخبار جو ٽڪراءُ انتھائي طاقتور اخبار ڊان سان ٿيو. روزاني ڊان جي ايڊيٽر الطاف حسين جي پير صاحب سان قلمي جنگ پاڪستان جي صحافتي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ دلچسپ باب آھي. 1949ع ۾ راشدي صاحب آل پاڪستان نيوزپيپرز ايڊيٽرز ڪانفرنس جو صدر چونديو ويو. 1951ع ۾ پاڪ ڀارت جي ايڊيٽرز جي تنظيم جوائنٽ پريس ڪميشن جو صدر منتخب ٿيو. ھن جي سربراھي ۾ ڪيترن ئي وفدن مصر، برطانيا ۽ ھندستان جا دورا ڪيا. ھڪ وفد ھندستان بہ ويو ھو، جنھن سان لياقت نھرو معاھدي جي لاءِ راھ سڌي ٿي ھئي. وفد يوپي، دھلي ۽ ڀارتي پنجاب جي فسادن واري علائقن جو بہ دورو ڪيو ھو. بعد ۾ ھو 1952ع ۾ اسٽيٽسمين اخبار جاري ڪري چڪو ھو. 1954ع ۾ ڪراچي کان انگريزي اخبار ايسٽرن ايڪسپريس جي نالي سان شايع ڪندا رھيا ۽ ھي سلسلو 1955ع تائين جاري رھيو. ان کان بعد اخباري ڪالم نگاري تائين محدود ٿي ويا. روزانہ جنگ ۾ ھن جا ڪالم پوري آب و تاب سان شايع ٿيندا رھيا. ھو 23 سال مسلسل جنگ جي لاءِ ڪالم لکندا رھيا. ھن ھانگ ڪانگ ۾ رھندي 1963ع کان 1964ع تائين جنگ جي لاءِ مڪتوب مشرق بعيد جي عنوان سان ڪالم لکيا. 1964ع کان 1978ع تائين مشرق و مغرب عنوان جي تحت ڪالم لکيا. ان ئي دوران جنگ ۾ ئي مزاحيہ ڪالم وغيره وغيره لکڻ شروع ڪيا. 1967ع کان 1969ع تائين روزانہ سنڌي اخبار عبرت ۾ رندء پند جي عنوان سان ھفتيوار ڪالم لکيا ۽ 1974ع ۾ لنڊن کان شايع ٿيڻ واري روزانہ جنگ ۾ A point of view جي عنوان سان ھفتيوار ڪالم لکيا ۽ 1974ع ۾ ڪراچي جي شام جي اخبار ليڊر ۾ ڪجھ مھينن جي لاءِ IMPRESSIONS AND REFLECTIONS نالي سان ڪالم لکيا.[1]

سياست[سنواريو]

پير علي محمد راشدي جو شمار تحريڪ پاڪستان جي بنيادي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان ٺاھڻ ۾ ھن جو ڪردار اھم رھيو آھي ۽ پاڪستان جي آبياري ۾ بہ پيش پيش رھيا. پير صاحب قائد اعظم محمد علي جناح جو ويجھو ساٿي ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ ھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل رھيو. خود قائد اعظم ھن جو معترف ھو. ڪجھ موقعن تي ٻنھي جي وچ ۾ خط ۽ ڪتابت جو سلسلو بہ ھلندو رھيو. 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ قائد اعظم جي زير صدارت اجلاس ۾ پيش ڪيل تاريخي پاڪستان جي ٺھراءَ جي ڊرافٽنگ پير صاحب ڪئي ھئي. ان ئي سلسلي ۾ پير صاحب ھڪ سال تائين لاهور ۾ قيام بہ ڪيو ھو. ھن 1938ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جي انعقاد ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو جنھن جي صدارت قائد اعظم محمد علی جناح ڪئي. ان اجلاس ۾ ھندستان جا وڏا مسلم ليگي اڳواڻ شريڪ ھيا. ان ئي اجلاس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمانن جي لاءِ ھڪ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ھو جنھن کان بعد قائد اعظم ۽ عبداللہ ھارون جي سربراھي ۾ ھڪ فيڪٽس فائينڊنگ ڪميٽي ٺاھي وئي ۽ راشدي صاحب کي ان جو سيڪريٽري بڻايو ويو. بعد ۾ قائد اعظم آل انڊيا مسلم لیگ جي صدر جي حيثيت سان راشدي صاحب کي ليگ جي فارين ڪميٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. ھو مسلم ليگ جو صوبائي سيڪريٽري بہ بڻيا. حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي تہ پير صاحب قومي یڪجھتي جو مڪمل نمونو ھو. ھو سچو محب وطن ۽ پڪو مسلم ليگي ھو.[1]

پير علي محمد راشدي صحافتي زندگي سان گڏ ادبي ۽ سياسي زندگي جو آغاز ھڪ ئي وقت ڪيو. سياسي زندگي جي ابتدا ھن 1924ع کان ڪئي. جڏھن ھن حيدرآباد ۾ سنڌي تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي اتي ھن جي ملاقات جي ايم سيد سان ٿي. بعد ۾ ھن انجمن سادات راشديہ قائم ڪئي ۽ ان جي ترجماني جي لاءِ الراشد رسالو جاري ڪيو. ان کان بعد ھو سنڌ جي مسلمانن جي واحد سياسي تنظيم سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جو رڪن بڻجي ويو. ان تنظيم جو صدر سر شاهنواز ڀٽو ۽ سيڪريٽري خان بھادر ولي محمد حسن ھو. 1927ع تائين راشدي ان تنظيم جو سيڪريٽري بڻيو رھيو. 1929ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ 1936ع تائين، سنڌ جي عليحدگیي تائين پنھنجو قلمي جھاد جاري رکيو. 1933ع ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ميمبر بڻيو. 1939ع ۾ سکر ۾ مسجد منزل گاھ تحريڪ شروع ٿي تہ ھندو مسلم فسادن جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جسٽس ويسٽن جي سربراھي ۾ ھڪ تحقيقاتي ڪميشن بڻائي وئي. جنھن جي سامھون راشدي صاحب نھايت ڪاميابي سان مسلمانن جي وڪالت ڪئي. خود پاڻ لکن ٿا تہ ان ئي دوران سکر ۾ منزل گاھ تحريڪ ھلي رھي ھئي ۽ ھڪ زبردست ٽربيونل ويٺو ھو. ان ٽربيونل جي سامھون بہ مسلم ليگ جي طرفان مان وڪالت ڪئي ھئي ۽ ڪيس کٽيا ھا. 1934ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي ليڊرشپ ۾ پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي تہ ان ۾ پير صاحب شريڪ ٿيا. 1936ع ۾ سر حاجي عبداللہ ھارون سان ملي ڪري سنڌ اتحاد پارٽي بڻائي.[1] پوءِ پارٽيءَ طرفان بيهاريل اميدوار جي مدد ۾ هي"صبح سنڌ" اخبار ۾ مضمون لکندو رهيو. ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽيءَ جي ڪارڪنن 1937ع جي آخر ۾ سر غلام حسين جي وزارت سان پروگرام جي بنياد تي ڪوئليشن ڪرائڻ ۾ هن جو هٿ هو.[2]

1946ع ۾ گڏيل ھندستان جي مرڪزي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ مسلم ليگي اميدوار يوسف ھارون جي مقابلي ۾ بيٺا پر ڪامياب نہ ٿي سگھيا. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو بنا مقابلي ممبر چونڊجي ويو. ۽ ماليات ، صحت عامہ ۽ اطلاعات جو وزير بڻيو. وزير ماليات جي حيثيت سان 1954ع ۾ سنڌ جي جاگيرن جو خاتمو ڪيو ۽ زمين غريبن ۾ ورھائي. صحت عامہ جي متعلق ادارن کي منظم ڪيو. ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪئي. لاڙڪاڻي، سکر ۽ نوابشاھ ۾ سول اسپتال قائم ڪيون. سجاول ۾ ويم خانو ۽ ڪوٽڙي ۾ تپ دق جي مريضن جي علاج جي لاء ادارو قائم ڪيو. ان کان پھريان گورنر دين محمد جڏھن سنڌ ۾ قلم 92 نافذ ڪري حڪومت جي ڀڄ ڊڪ پنھنجي ھٿ ۾ رکي تہ پير صاحب انھن کان ٽي اھم ڪم ڪرايا جن ۾ پير پاڳاري جي گدي بحال ڪرائڻ، فرنٽيئر ريگيوليشن رد ڪرائڻ ۽ ڪرمنل ٽرائلس ايڪٽ ختم ڪرائي ڪري حرن کي حاضرين کان نجات ڏياري. ھن 1954ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي طرفان ون يونٽ ۾ شامل ٿيڻ واري قرارداد منظور ڪرائڻ محمد ايوب کھڙو جي سربراھي ۾ سرگرمي سان حصو ورتو. ون يونٽ کان بعد پير صاحب 1956ع تائين مرڪزي حڪومت ۾ نشر ۽ اشاعت جو وزير بڻيو. انئي دوران حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيو. پاڪستان جي 1956ع جي آئين کي ٺاھڻ ۾ ھن جو وڏو ھٿ رھيو. 1949ع ۾ اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ جي ايم سید سان ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو 1970ع ۾ ون يونٽ جو خاتمو ٿيو. 1970ع ۾ ئي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شپ جي لاءِ سيوھڻ ڪوٽڙِ حلقي مان اليڪشن وڙھيو پر ڪامياب نہ ٿي سگھيو. 1972ع کان 1977ع ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ اطلاعات ۽ نشریات جي وزارت ۾ مشير رھيو.[1]

پير علي محمد راشدي ملڪ جو واحد سياستدان ھو جيڪو نہ ڪڏھن عتاب ۾ آيو، نہ ڪيس داخل ٿيو، نہ ايبڊو ۾ آيو ۽ نہ ڪڏھن جيل ۾ ويو.[1]سن 1953ع جي نين چونڊن ۾ مسلم ليگ طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر چونڊجي آيو. ان کان اڳ ۾ گورنر دين محمد جڏهن سنڌ سان 92 قلم لاڳو ڪري حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون تہ هن ان کان 3 نمايان ڪم ڪرايا: 1- پير صاحب پاڳاري جي گادي وري بحال ڪرايائين. 2- فرنٽيئر ريگيوليشن رد ڪرايائين، 3- ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ رد ڪرائي حرن کي لوڙهن ۽ حاضرين کان آزادي ڏياريائين.

نين چونڊن بعد پيرزاده وزارت ۾ روينيو وزير 1953ع کان 1954ع تائين ٿي رهيو. ان عرصي ۾ هن جاگيرن کي رد ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ اسان سان ڪراچي واپس ڏيارڻ واري ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۾ بہ شامل رهيو. ان وچ ۾ هن جا پيرزاده صاحب سان اختلاف پيدا ٿي پيا. هي قاضي محمد اڪبر سان گڏ پيرزاده وزارت کان ٻاهر نڪري ويو.[2]

سائين جي ايم سيد لکي ٿو تہ: سياست ۾ عجيب اتفاق ٿين ٿا. کهڙي ۽ هن محنتون ڪري سنڌ بمبئي کان جدا ڪرائي هئي. سي ئي وري ان کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جا ڪارڻ بڻيا. پير الاهي بخش، جنهن مرڪزي حڪام جي چوڻ تي ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪئي هئي ان انهيءَ ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي. ون يونٽ ٿيڻ کان پوءِ راشدي صاحب ڪجھ وقت سن 1956ع ۾ مرڪزي حڪومت ۾ نشر واشاعت جي کاتي جو وزير ٿي رهيو. انهيءَ ايام ۾ هن حيدرآباد سنڌ ۾ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن کولائي، سنڌين کي هڪ ريڊيو اسٽيشن ڏياري.[2]. مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ جڏهن مسلم ليگ ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا ته هن چوڌري محمد علي وزيراعظم جي چوڻ تي مسلم ليگ جي مدد ڪئي. چوڌري صاحب کي بهرالحال انهيءَ سازباز سبب وزارت تان ڪڍيو ويو. راشدي صاحب دانشمندي ڪري پاڪستان سرڪار طرفان 21 سيپٽمبر 1957ع تي فلپائينس ۾ سفير جي عهدي تي هليو ويو. اتان ٿوري وقت کان پوءِ سنہ 1962ع ۾ هي چين جو ڏهن مهينن لاءِ سفير مقرر ٿيو. مدي گذرڻ بعد هن سفارت مان 1963ع ۾ رٽائر ڪيو وري هن کي سفير ڪري نہ کنيو ويو. جو نئين حڪومت جي پاليسي موجب اهي عهدا گهڻو ڪري سرڪاري عملدارن کي ڏنا ٿي ويا.[2].

سفارتي خدمتون[سنواريو]

1957ع ۾ مرڪزي مجلس قانون ساز کان مستعفي ٿي ڪري فلپائن ۾ پاڪستان جو سفير بڻجي ويو. فلپائن جي حڪومت ھن کي چار سال تائين سفير جي حيثيت سان خدمتون ڏيڻ تي اعليٰ سول اعزاز آرڊر آف سيڪا تونا سان نوازيو . 1962ع ۾ ھو چين ۾ سفير مقرر ٿيو. ان ئي دوران ھن جون ملاقاتون مائو زي تنگ ۽ چو اين لائي سان ٿينديون رھيون. چين ۽ پاڪستان کي ويجھو آڻڻ ۾ راشدي صاحب جو تاريخي ڪردار اھم آھي.[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

پير علي محمد راشدي پنھنجي ذات ۾ ھڪ تحريڪ ھو. ھن جي قلم کان افسر شاھي کان وٺي ڪري نوڪر شاھي تائين ڪئو کائيندا ھيا. حڪمران ھن جي تحريرن کان خوف ۾ رھندا ھئا. لکڻ جي معاملي ۾ ھو بي باڪ ھو ۽ ھن جو قلم حق ۽ صداقت جي پاسداری ڪندو ھو. پير علي محمد راشدي خاص نظري جي تحت لکندو ھو. ھو بالواسطہ يا بلاواسطہ مسئلن جي نشاندھي ڪندو ۽ انھن جو حل ٻڌائيندو رھندو ھو. ملڪي خواھ غير ملڪي حالات تي ڪڙي نگاھ رکندو ھو. ھن جي نظر ۾ ملڪي ۽ ٻين ملڪن جي خرابين جو اصل محرڪ، نوڪر شاھي ۽ افسر شاھي ھو. بدقسمتي سان پاڪستان کي ھي بيماری ولادت کان ئي لڳي چڪي ھئي. لياقت علي خان جي قتل سان ملڪ ۾ نوڪر شاھي ۽ افسر شاھي ڀڄي ويا. ھو پاڻ لکي ٿو

قائد ملت جي شھادت 16 آڪٽوبر 1951ع تي راولپنڊي ۾ ٿي، ان ڏينھن جمھوريت جو چراغ وسامي ويو ۽ نوڪر شاھي جي لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ اقتدار تي قبضہ ڪرڻ جو رستو کلي ويو[1]

جيتوڻيڪ پاڪستاني عوام سان پير علي محمد راشدي جو حقيقي تعارف سادو ۽ عام فھم زبان ۾ تحرير اردو ڪالم ئي بڻيا، پر سياست ۽ صحافت ۾ مصروف رھنفي ھو پنھنجي تاريخ ، تھذيب ۽ ثقافت کان به غافل نہ رھيا. راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ تي مضمون ۽ تحقيقي مقالا بہ تحرير ڪيا، جيڪي تاريخ جو ھڪ اھم حصو آھي .سکر ۾ رھائش جي دوران راشدي صاحب جو واسطو سکر ۽ روهڙي جي آثار قديمہ سان بہ پيو ۽ ان تي تحقيقي ڪم ڪيو. پير علي محمد راشدي جي يادداشت تي مبني سنڌ ڪتاب اھي ڏينھن اھي شينھن کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آھي. ھي ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آھي جيڪو سنڌي ادب جو شاھڪار آھي. ان کان علاوه فرياد سنڌ ڪتاب بہ سنڌي ادب ۾ اھم آھي. راشدي صاحب ھڪ انگريزي ڪتاب STORY OF SUFFERINGS OF SIND جي عنوان سان لکيو پر اھو خان بھادر محمد ايوب کھڙو جي نالي سان شايع ٿيو، ان کان علاوه پير صاحب جو ھڪ اھم ڪتاب SINDH WAYS AND DAYS منظر عام تي اچي چڪو آھي.[1]راشدي صاحب 1940ع کان 1958ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.[2].

اولاد ۽ گھراڻو[سنواريو]

پير علي محمد راشدي جو وڏو صاحبزادو حسين شاھ راشدي مرحوم بہ ھڪ مايہ ناز اديب ۽ دانشور ھجڻ سان گڏ سياستدان بہ ھو سينيٽر به بڻيو. پير صاحب جو ٻيو صاحبزادو عادل راشدي صحافت جي شعبي سان وابستہ آھي . پير علي محمد راشدي جي گھرواري بيگم ممتاز راشدي بنگال کان مولوي فضل الحق جي پوٽي ھئي ۽ جيڪا پان بہ نامور اھل قلم ۽ سماجي شخصيت ھئي.[1][1]

تصنيفون[سنواريو]

  • رودادِ چمن (اردو)
  • اھي ڏينھن اھي شينھن (سنڌي)
  • فرياد سنڌ (سنڌي)
  • چين جي ڊائري (سنڌي)
  • ون يونٽ ڪي تاريخ (اردو)
  • (انگريزي) SINDH: WAYS AND DAYS

وفات[سنواريو]

پير علي محمد راشدي 14 مارچ 1987ع تي ڪراچي، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو. ھو ڪراچي ۾ واقع سنڌي مسلم جماعت جي قبرستان ۾ مٽيء ماءُ حوالي ٿيل آھي.[3]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 پير علي محمد راشدي جون علمي ۽ ادبي خدمتون، علي امام، اخبار اردو، مارچ اپريل 2013ع، اداره فروغ قومي زبان پاڪستان
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 جنب گذاريم جن سين، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005ع
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 ص 611، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثو / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ع

سانچو:تحريڪ پاڪستان