ممتاز راشدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

ممتاز راشدي
مقامي ٻوليء ۾ نالو ممتاز راشدي
پيدائش 8 مارچ 1934
ڪلڪتي
وفات 1 نومبر 2004
ڌنڌو ليکڪ، سماجي ڪارڪن,اديب
مادرِ علمي ڍاڪا يونيورسٽي،نارٿ ڊئم انڊيانا يونيورسٽي آمريڪا
جيون ساٿي علي محمد شاھ راشدي

بيگم ممتاز راشدي, (مارچ 1934 - 1 نومبر 2004) هڪ پاڪستاني سوشل ورڪ ۽ اديب ھئي.سنڌ جي نامور عالم ۽ سياستدان علي محمد شاھ راشدي.[1] جي گهرواري، 8 مارچ 1934ع تي ڪلڪتي ۾ ڄائي.

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

شروعاتي تعليم 1947ع ۾ انڊيا جي دارجيلنگ ضلعي جي ڊائوهل اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1952ع ۾ ايڊن گرلس ڪاليج ڍاڪا مان آرٽ جي اعليٰ امتحان ۾ پهرين پوزيشنحاصل ڪيائين. سندس مضمونن ۾انگريزي، معاشيات، منطق، علم سياسيات ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تصوف شامل هئا. ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ پهرين پوزيشن ۾ بي. اي پاس ڪيائين. 55- 1954ع ڌاري ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان پهرين پوزيشن ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. 56- 1955ع[2] ۾ آمريڪا جي نارٿ ڊئم انڊيانا يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪيائين. انگريزي اردو فارسي سنڌيءَ تي مهارت حاصل هئي.

سنڀاليندڙ[سنواريو]

بيگم ممتاز راشدي 1955ع ۾ شاديءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻارن جي صحت، عورتن جي رتبي جي واڌاري لاءِ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو. 1959ع ڌاري فلپائين ۾ وومين لايرس جي سيمينار جي صدارت ڪيائين. 1984ع کان 1986ع تائين پاڪستان سرڪار جي ڪئبينيٽ ڊويزن هيٺ عورتن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ واري ڪميشن جي ميمبر پڻ رهي. سنڌ ۾ سماج سڌار تحريڪ جي صدر رهي، هن عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀلائيءَ لاءِ سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پڻ ٺاهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جي ترقيءَ وارن منصوبن واري نئشنل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آلپاڪستان وومين ائسوسيئيشن جي ايڊوائيزر ۽ ڪوآرڊينيٽر رهي. 1986ع ۾پاڪستان طرفان سارڪ ڪانفرنس ڍاڪا ۾ شرڪت لاءِ وفد جي اڳواڻي ڪيائين. 1959ع ۾ يونيسڪو ڪانفرنس منيلا ۾ شرڪت ڪيائين. 1961ع ۾ منيلا ۾ اسلامجي ترقيءَ بابت يونيسيف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي. ان کان سواءِ هن پاڪستانطرفان ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. 1984ع ۾ سندس ’ڊان‘ ۾ ڇپيل علمي ڪالمن جياردو ترجمي جو ڪتاب ”سنڌ نگاههِ قدر شناس“ ڇپيو، جڏهن ته ”ايرانين بليو انسنڌ“ ۽ ”اسلامڪ آرٽ اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ڪتابڙن مان پهريون ڇپيل آهي. 1986ع کان 1989ع تائين قائداعظم اڪيڊمي جي بورڊ آف گورنرس جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي ميمبر چونڊي وئي. پاڻ پاڪستان نئشنل ڪائونسل آف آرٽس، اسلام آبادجي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ رهي. 1987ع کان 1990ع تائين يونيسڪو سان سهڪار بابت پاڪستاني ڪميشن جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر رهي. 1989ع ۾ بيگم ممتاز راشديءَ کي تعليم واري وفاقي وزارت پاران آثار قديمه بابت بينالاقوامي ڪميشن جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ جي ميمبر پڻ رهي

1975ع واري ”سنڌ ٿرو سينچري انٽرنيشنل ڪانفرنسڪراچي جي فعال ۽ متحرڪ ميمبر رهي.

ليکڪار جي حيثيت سان[سنواريو]

محترمه راشدي مختلف اخبارن ۾ باقاعده لکڻيون شامل آهن، جن ۾ ڊان، مارننگ نيوز ۽ ڊي سن شامل آهن.

  • سنڌ ۽ نگاھي قدرشناس
  • سنڌ جي اسلامي فن ۽ ثقافت

موت[سنواريو]

سندس وفات پهرين نومبر 2004ع تي ٿي، ۽ کيس ميوا شاهه قبرستان ۾ سندس مڙس علي محمد شاھ راشدي جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس اولاد ۾ پٽ عادل ۽ نياڻي عنادل آهن.

ڏسو[سنواريو]

راشدي خاندان

حوالو[سنواريو]

  1. گھري لکتdex.php?title=%D8%B9%D9%84%DB%8C_%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF_%D8%B1%D8%A7%D8%B4%D8%AF%DB%8C&oldid=536729 "علی محمد راشدی" Check |url= value (مدد), وکیپیڈیا, حاصل ڪيل 2020-03-07 [مئل ڳنڍڻو]
  2. "بيگم ممتاز راشدي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-07.