اھي ڏينھن اھي شينھن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اُھي ڏينھن اُھي شينھن پير علي محمد راشديءَ جي تصنيف آھي، جيڪا ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇپائي آهي. هن ڪتاب جو جلد پھريون، سال 1966ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ 536 صفحا هئا. جلد ٻيو، سال 1980ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ 498 صفحا هئا ۽ جلد ٽيون، سال 1981ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ 470 صفحا هئا. هن ڪتاب جا نوان ڇاپا نيو فليڊ پبليڪيشن ۽ روشني پبليڪيشن بہ ڇپايا آهن. هن ڪتاب ۾ پير صاحب سنڌ جي سياست، صحافت، ادب ۽ ٻين شعبن جي شصيتن بابت پنهنجي مائيدار ٻوليءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ان کي تاريخ ساز ڪتاب جي حيثيت ڏني آهي.[1]

حوالا[سنواريو]