مائوزي تنگ
ڏيک
مائو زئ تنگ (چيني: 毛泽东؛ انگريزي: Mao Zedong؛ پيدائش: 26 ڊسمبر، 1893ع وفات: 9 سيپٽمبر، 1976ع) جنهن کي عام طور چيئرمين مائو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هڪ چيني اشتراڪي انقلابي هو، جنهن عوامي جمهوريه چين جا بنياد رکيا ۽ کيس چين ۾ "باباءِ قوم" سڏيو وڃي ٿو. هن چيني ڪميونسٽ پارٽي (CCP) جو 1949ع کان سندس وفات 1976ع تائين چيئرمين رهيو. سندس نظريا جنهن کي هن مارڪسزم-ليننزم جي چيني موافقت قرار ڏنو، "مائو ازم" جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.