ابو الڪلام آزاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ابو الڪلام آزاد
(اردو ۾: مولانا ابوالکلام محی الدین احمد آزاد‎ خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
Abul Kalam Azad 1.jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 11 نومبر 1888[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڪو[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 22 فيبروري 1958 (70 سال)[3][1][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
دهلي[5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of India.svg ڀارت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت آل انڊيا ڪانگريس  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو[6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
Autograph of Maulana Abul Kalam Azad.jpg 

مشهور مفڪر، عالم دين ۽ عظيم سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد (Maolanaa Abu Alkalaam Aaazaad) جو سڄو نالو محي الدين احمد بن خيرالدين ڪنيت ’ابوالڪلام‘ ۽ تخلص ’آزاد‘ هو. هي صديقي خاندان مان هو. سندس والد خيرالدين، مولانا محمد افضل جي ننڍي صاحبزادي محمد هاديءَ جو فرزند هو. محمد هادي مغل بادشاهه شاهجهان جي دور ۾ آگري ۾ سرڪاري ملازم هو.

مولانا آزاد جو والد خيرالدين، هندستان جون حالتون سازگار نه ڏسي، پنهنجي ناني مولانا منورالدين سان گڏ مڪي معظمه ويو، جتي شيخ محمد بن طاهر وتري جي ڀاڻيجيءَ سان 1862ع ڌاري شادي ڪيائين. کيس آگسٽ 1888ع ۾ مڪي شريف ۾، باب سلام جي ويجهو، قدوه محلي ۾ محي الدين احمد نالي فرزند ڄائو، جيڪو اڳتي هلي عالم اسلام جو جيد عالم ٿيو ۽ ابوالڪلام آزاد جي نالي سان مشهور ٿيو. مولانا آزاد پنجن سالن جي عمر ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي. سندس والد 1895ع ۾ علاج لاءِ ڪلڪتي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو. مولانا آزاد عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم والد وٽ ورتي، پوءِ مختلف استادن وٽ پڙهي، 1902ع ۾ تحصيل ۽ تڪميل ڪيائين، تعليم کي پڪي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت شاگردن کي پڙهائيندو رهيو. 1903ع ڌاري طب ۾ تعليم ورتائين. انهيءَ زماني ۾ شعر به چوڻ لڳو. مطالعي جو گهڻو شوق هئس. اردو مصنفن مان مولانا حالي، مولانا شبلي، ڊاڪٽر نذير احمد ۽ سر سيد احمد خان جا ڪتاب شوق سان پڙهيائين. 1905ع کان 1910ع تائين مذهبي ڪتابن جو پورو اڀياس ڪيائين. هن علامه ابن رشد، امام غزالي، مولوي محمد حسين آزاد ۽ ٻين عالمن جو پڻ مطالعو ڪيو.

اخبار نويسيءَ جو شوق 11 سالن جي عمر کان هئس. 1899ع ۾ ’نيرنگ خيال‘ رسالو ڪڍيائين، جيڪو 8 مهينا هليو. 1900ع ۾ ’المصباح‘ رسالو ڪڍڻ لڳو. 1903ع ۾ ’احسن الاخبار‘ ۾ مضمون لکيائين. ساڳئي سال نومبر 1903ع ۾ ’لسان الصدق‘ نالي ماهوار رسالو ڪڍيائين. 1904ع ۾ انجمن حمايت اسلام جي سالياني اجلاس ۾ تقرير ڪيائين. انهيءَ سال جي آخر ۾ والد سان گڏ حجاز ويو. ٻئي سال موٽڻ بعد، هن جي مولانا شبليءَ سان بمبئيءَ ۾ واقفيت ٿي، جنهن پنهنجي رسالي ’الندوه‘ جي ايڊيٽري هن جي حوالي ڪئي. ان کان پوءِ 1906ع ۾ اخبار ’الوڪيل‘ امرتسر ۾ ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. اتان واپس ڪلڪتي اچڻ بعد اربندو گهوش ۽ ٻين انقلابي ڪارڪنن سان واقفيت ٿيس. سندس والد 15 آگسٽ 1908ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ مولانا آزاد مسلمان ملڪن جي سير تي ويو. عراق، شام، مصر ۽ ترڪي گهمڻ کان پوءِ فرانس ويو، جتان موٽي وطن آيو. 1909ع جي سفر ۾ هن مسلمان ملڪن جي سياسي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي هلچل جو مطالعو ڪيو ۽ ڪيترن ليڊرن سان ملاقات ڪئي. واپس اچڻ بعد 13 جولاءِ 1912ع تي هن مشهور اردو رسالو ’الهلال‘ ڪڍيو، جنهن ۾ هن مذهبي، ادبي ۽ سياسي مضمون لکي، پنهنجي قابليت جو سڪو هندستان تي ويهاري ورتو. 1913ع ۾ هن مسلم ليگ ۾ حصو وٺي، سر وزير حسين جي مشوري سان، ان جي مقصدن ۾ تبديلي ڪرائي، يعني مسلم ليگ سان گڏجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين.

1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، لڙائيءَ دوران انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ جي پاليسي ڏيکاري، پر هن ديوبندي عالمن سان گڏ اها پاليسي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ’الهلال‘ ۾ آزادانه مضمون لکندو رهيو. 14 ۽ 21 آڪٽوبر 1914ع جي ’الهلال‘ تي پابندي مڙهي وئي. ۽ مولانا آزاد 18 نومبر 1914ع کان ’الهلال‘ کي پاڻ ئي بند ڪري ڇڏيو. 12 نومبر 1915ع ۾ هفتيوار رسالو ’البلاغ‘ شروع ڪيائين. نئين سرڪار، کيس رانچي (بهار) ۾ 30 مارچ 1916ع تي نظربند ڪري رکيو. نتيجي طور کيس ’البلاغ‘ رسالو به بند ڪرڻو پيو. رانچيءَ ۾ نظربنديءَ دوران ’ترجمان القرآن‘ لکڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ زماني حال جي تقاضائن مطابق قرآن پاڪ جي تشريح ڪيائين. 1919ع ۾ ڪتاب ’تذڪره‘ لکيائين. 1 جنوري 1920ع ۾ آزاد ٿيو. ان وقت آزاديءَ جي هلچل ۽ خلافت تحريڪ جو زور هو، جنهنڪري سموري هندستان جو سير ڪيائين. فيبروري 7 8 9 10، 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير رشدالله شاهه جهنڊي واري جي صدارت ۾ ٿيل صوبه سنڌ خلافت ڪانفرنس ۾ تقرير ڪيائين. 15 16 17 فيبروري 1920ع تي، بمبئيءَ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صدارت ۾ ٿيل خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ بعد 20 فيبروري 1920ع تي ڪلڪتي ۾ خلافت ڪانفرنس جي اجلاس جي صدارت ڪيائين.

مولانا آزاد، مهاتما گانڌيءَ سان ملي، حڪيم اجمل خان جي همراهيءَ ۾، ناگپور انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ سرڪار سان عدم تعاون جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان زماني ۾ هندو مسلم اتحاد جو اوج هو، ان ڪري مسجدن ۽ مندرن ۾ هندو ۽ مسلمان سياستدان ۽ عالم گڏجي تقريرون ڪرڻ لڳا. مولانا سڄي هندستان جو سير ڪري تقريرون ڪيون. مارچ 1921ع ۾ لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ سرڪار جي جاري ڪيل منعنامي جي خلاف ورزي ڪندي زوردار تقرير ڪيائين. سرڪار 7 8 9 19 جولاءِ 1921ع تي مولانا محمد عليءَ جي صدارت هيٺ سڏايل خلافت ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقريرن تي ڇهن ليڊرن کي سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو، جنهن ۾ مٿن الزام هو ته هنن ملٽريءَ کي بغاوت لاءِ آماده ڪيو هو. مولانا آزاد عوامي گڏجاڻين ۾ اهي ٺهراءَ ورجائڻ لڳو. نومبر 1921ع ۾ پرنس آف ويلس هندستان آيو، جنهن جو سمورين سياسي تحريڪن بائيڪاٽ ڪيو. نتيجي طور مولانا کي 10 ڊسمبر 1921ع تي 124 اي قلم هيٺ ڪيس هلائي، هڪ سال سزا ڏني وئي. مولانا ان موقعي تي تاريخي بيان ڏنو، جيڪو ’قول فيصل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهي. ان وچ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ وڌي وئي. سيپٽمبر 1923ع ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس مولانا جي صدارت ۾ ٿيو، ڪو خاص نتيجو نه نڪتو، پر مولانا ڪوشش ڪندو رهيو. ان کان پوءِ مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا: (1) قومپرست گروهه (2) فرقي پرست گروهه. مولانا قومپرست گروهه سان رهيو. 1925ع ۾ ڪانپور ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ صدارت ڪيائين. 1930ع ۾ سول نافرمانيءَ جي تحريڪ ۽ لوڻ جي قانون ٽوڙڻ واري تحريڪ ۾ 6 مهينا سزا ڪاٽيائين. 1931ع ۾ جميعت العلماءِ هند جي آل انڊيا ڪانفرنس (ڪراچيءَ) جو صدر ٿيو. 1940ع ۾ رامڳڙهه واري ڪانگريس اجلاس جو صدر چونڊيو، جنهن عهدي تي هندستان جي ورهاڱي 1947ع تائين رهيو. ان کان پوءِ ڀارت جي آزاد حڪومت ۾ وزير تعليم ٿي رهيو. 21 فيبروري 1958ع ۾ وفات ڪيائين. جامع مسجد جي سامهون سرمد شهيد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ مدفون آهي.

’ترجمان القرآن‘، ’تذڪره‘، ’غبار خاطر‘، ’آزاديء هند‘، ’انسانيت موت ڪي دروازي پر‘۽ سندس ٻيون تصنيفون شاهڪار حيثيت رکن ٿيون. مولانا آزاد اعليٰ پايي جو اديب، بيڊپو، قربانيءَ جو مجسمو، بلند پايي جو مفڪر، روح اسلام جو ڄاڻو ۽ ارادي جو پختو انسان هو.[7][8]

مائونٽ بيٽن نهرو ۽ مينن کي رڳو اهو چئي شملي گهرايو ته " اسان جا مهمان بڻجو Just to keep us company انهي مهمان نوازي دوران مائونٽ بيٽن نهرو ۽ پٽيل کي اهڙيون ته ڪي پٽيون پڙهايون جو اهي سندس ڳالهه مڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا. ايڊوينا انهي سلسلي ۾ پنهنجو ڪم ڏاڍي سٺي نموني سان سرانجام ڏنو ۽ مولانا آزاد کي صفا هيڪلو ڪري ڇڏيو ويو. هن سان رڳو ان وقت رابطو ڪيو ويو، جڏهن سڀ معاملا طئي ٿي چڪا هئا. واعدا وچن ٿي چڪا هئا.تنهن کان پوءِ نهرو مولانا آزاد ڏي ويو وضاحت پيش ڪندي چيائينس : ".......اهو منهنجي لاءِ سياڻپ وارو ڪم نه هو ته معاملي تي آئون لارڊ مائونٽ بيٽن جي مخالفت ڪريان کيس مسئلي جي اخلاقي يا جذباتي پاسي يا رخ جي ڪا به پرواهه نه هئس. هن کي اختيار منتقل ڪرڻا هئا ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو آخري برطانوي وائسراءِ ۽ هندستان جي پهرئين گورنر جنرل طور لکرائڻو هو ۽ بس"

آسٽريلوي تاريخ دان پيٽر ڊينس لکي ٿو:[سنواريو]

".....مائونٽ بيٽن تي اهو جنون چڙجيک هو ته تاريخ ۾ سندس ڪاميابين ۽ عظيم واقعن ۾ سندس ادل ڪيل ڪردار کي مڃتا حاصل ٿئي." [9]

خير هندستان جي ورهاڱي وارو فيصلو ٿي چڪو هو. مسٽر جناح کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪانگريس هندستان جي ورهاڱي واري ڳالهه تي ائين راضي ٿي ويندي. ڇو جو هن چيو هو ته " مسلم ليگ پاڪستان جي قيام واري مطالبي تان هڪ انچ به پٺتي نه هٽندي " اها ڳالهه اڳواٽ ئي مائونٽ بيٽن تي واضح ڪري ڇڏي هئي.

مولانا ابوالڪلام آزاد ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اهڙي ڳٺ جوڙ تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو ته ".....ڪانگريس جنهن سدائين ملڪي ايڪتا ۽ وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي سان هاڻي مسلم ليگ جي مرضي سان هندستان جي ورهاڱي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ باضابطا هڪ ٺهراء آڻڻ جو سوچي رهي آهي.... منهنجي لاءِ اها ٿيڻ جوڳي ڳالهه ئي نه هئي ته آئون ڪانگريس پاران پنهنجي موقف تان اهڙي ڪريل طريقي سان هٿ کڻڻ واري عمل کي برداشت ڪيان.." [10]

مولانا آزاد اڳتي لکي ٿو: "....حقيقتن ڏانهن سندس اهڙي عجيب انڌپڻي جو جيڪو واحد ڪارڻ منهنجي سمجهه ۾ ئي نٿو اچي , سو اهو آهي ته ڪروڌ يا نراسائي سندن سوچن تي عقل تي پردو وجهي ڇڏيو هو. ٿي سگهي ٿو ته هنن تي (نهرو ۽ جناح) ڪوبه طلسم طاري ڪيو ويو هو, جو لارڊ مائونٽ بيٽن ڪجهه کين چيو ٿي, هنن اکيون پوري ڪنڌ ڌوڻ ٿي ڪئي" [11]

۽ ائين هڪ عالمي سامراج خلاف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ عوامي مزاحمتي آزادي جي هلچل ڪجهه ماڻهن جي محلاتي سازشن جو نتيجو بڻجي ويئي. نئين وجود ۾ آيل مسلم رياست پاڪستان جي تاريخي قومن کي اها شڪايت رهي آهي ته سندن سان ويساهه گهاتي ڪندي کين 1940ع تحت گهڻ قومي رياستن طور قبول نه ڪيو ويو.

مولانا ابوالڪلام جي تقرير[سنواريو]

**منهنجي ڳالهه ياد رکو، جيڪڏهن مسٽر جناح (جيڻا) پنهنجي هوڏ تي اڙيو رهيو ته پوءِ هندوستان جو ئي ورهاڱو ڪو نه ٿيندو، پر اڳيان هلي جلد ئي پاڪستان به ورهائجي ويندو. امرتسر تائين جو علائقو هندوستان کڻي ويندو ۽ پاڪستان تي هوريان هوريان اهي ئي ماڻهو قابض ٿي ويندا, جيڪي اڄ به انگريزن جا نمڪ خوار آهن. پاڪستان اشرافيا (عمرائن) جي جنت هوندو، پر نانوي سيڪڙو عوام جي لاءِ اهي ئي ساڳيا ڏينهن رات هوندا جتي اسلام هڪ مسافر وانگر هوندو.

مسلم ليگ وارئو! توهين هندوستان جي مسلمانن جي مسئلي جو حل پاڪستان ٻڌايو ٿا. منهنجو نقطه نگاهه آهي ته توهان جي ان ورهاڱي واري ڏنل حل سان اهو مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿيندو. ها ان سان مسلمان ٽن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويندا.

[12][13]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Abul-Kalam-Azad — named as: Abul Kalam Azad — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. اجازت نامو: CC0
  3. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb122131527 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Open License
  4. Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/azad-abul-kalam-mohiuddin-ahmad — named as: Abul Kalam Mohiuddin Ahmad Azad — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. اجازت نامو: CC0
  6. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb122131527 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Open License
  7. ابوالڪلام آزاد : (Sindhianaسنڌيانا)
  8. Abul Kalam Azad - Wikipedia
  9. آسٽريلوي تاريخ دان پيٽر ڊينس
  10. India wins Freedom. pp 215
  11. wins Freedom p 226
  12. خطاب؛ بيرون دهلي، دروازه لاهور، 2 سيپٽمبر 1946ع
  13. روزنامه انقلاب، لاهور، 4 سيپٽمبر 1946ع