مواد ڏانھن هلو

دهلي

(دھلي کان چوريل)
نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف دھلي
مٿان کان ساڄي طرف: ڪنول وارو مندر،ھمايون جو مقبرو،ڪوناٽ محل نئين  دهلي، اڪشردم مندر ۽ انڊيا جو دروازو
انڊيا ۾ دھلي واري يونين ٽيريٽري جو مقام
انڊيا ۾ دھلي واري يونين ٽيريٽري جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 28°36′36″N 77°13′48″E / 28.61000°N 77.23000°E / 28.61000; 77.23000
ملڪ  ڀارت
قيام 1956 ۾ ستين آئيني ترميم ذريعي
يونين ٽيريٽري جو قيام "آئين 1956 ۾ 7th ترميم"ذريعي />[1] 1956
Formation of NCT[2] 1 February 1992
گادي واري سيٽ دهلي شھر
Boroughs 11 ضلعا
Government
  Body دھلي جي رياست جي حڪومت
  گورنر انيل بائجال [3]
  چيف منسٽر عام آدمي پارٽيءَ جو اروند ڪيجريوال
Area
1,484.0 ڪ.م2 (573.0 ميل2)
  Water 18 ڪ.م2 (6.9 ميل2)
  Rank انڊيا جي رياستن ۽ خطن ۾ پکيڙ ۾ 31ھون نمبر


دھلي يا نئشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري (انگريزي: National Capital Territory ) ڀارت جو ھڪ خطو جيڪو رياستي درجو رکي ٿو جنھن جو گاديءَ جو هنڌ دھلي شھر آھي. ھن خطي جو پراڻو نالو چيف ڪمشنر وارو دھلي صوبو ھيو پوء ان جي جاء تي اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ آف 1956 جو قانون منظور ڪندي ساڳي سال يونين ٽيريٽري آف دھلي ۾ قائم ڪئي وئي پر 1992 م ان کي نئشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري جو نالو ڏنو ويو. ھن خطي جي ٽن طرفن اتر، اولھ ۽ ڏکڻ کان ھريانا رياست ۽ اوڀر پاسي اتر پرديش رياست واقع آھن. ھن ٽيريٽري۾ 11 ضلعا 33 سب ڊويزنون ۽ 59 مردم شماري وارا شھر ۽ 300 کن ڳوٺ واقع آھن. ھن رياستي خطي جو وڏي ۾ وڏو شھر دھلي شھر آھي ساڳي شھر جي لڳو لڳ نيو دھلي شھر واقع آھي جيڪو انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ آهي . ھن رياست جي پکيڙ 1483 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا پکيڙ ۾ انڊيا جي صوبائي رياستن ۽ خطن ۾ 31ھين نمبر تي آهي. ھن رياست جون مکيه ٻوليون ھندي، انگريزي، اردو ۽ پنجابي آھي.[4] ھن رياستي خطي جي پنھنجي ليجسليٽو اسيمبلي آھي جيڪا 1956 ۾ منسوخ ٿيڻ بعد 1993 ۾ ھڪ دفعو ٻيھر بحال ڪئي وئي جيڪا ھن خطي جي حڪومت جي سربراھ وزيراعلي کي چونڊيندي آھي. مرڪزي رياست جي طرفان ليفٽيننٽ گورنر مقرر ٿيندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ReorgAct56
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NCTact
  3. "Anil Baijal takes over as new Lt Governor of Delhi". Times of India (Delhi). 31 December 2016. Archived from the original on 3 January 2017. https://web.archive.org/web/20170103035905/http://m.timesofindia.com/india/anil-baijal-takes-over-as-new-lt-governor-of-delhi/articleshow/56268275.cms. Retrieved 31 December 2016.
  4. Necipoglu, Gulru (2002) [2002]. "Epigraphs, Scripture, and Architecture in the Early Sultanate of Delhi". Muqarnas: An Annual on the Visual Culture of the Islamic World. BRILL. pp. 12–43. ISBN 9004125930. http://books.google.com/books?id=UJc2u33fCKQC&pg=PA16&dq=delhi+sultanate+political+center+city+delhi&sig=ACfU3U3zNMesuCjnsH7iAlLe5mKHpddn8w#PPA12,M1.