راشدي خاندان
ڏيک
سنڌ جي راشدي خاندان جو بنياد روضي ڌڻي سيد محمد راشد شاہ رکيو. سندس نالي راشد سبب ئي پونئير راشدي سڏجڻ لڳا ۽ انھن کي راشدي پير پڻ سڏيو وڃي ٿو.[1]
محمد راشد شاہ چار شاديون ڪيون، انھن شادين مان ھڪ پٽ صبغت اللہ شاھہ جي نالي سان پيدا ٿيو، جنھن تي پڳ آئي، ان خاندان جي پوئلڳن کي پير پاڳارو (پير پڳ وارو) چيو ويندو آھي.
ٻي شادي مان ھڪ پٽ سيد ياسين شاھہ پيدا ٿيو، جنھن کي جاين وارو پڻ سڏيو وڃي ٿو، ان جي حصي ۾ جھنڊو آيو، ان لاءِ ھن جي پوئرن کي جھنڊي وارو پير سڏيو وڃي ٿو، ھي خاندان ضلعي مٽياري جي پير جھنڊو ۾ رھي ٿو. صوفي شاعر اعجاز شاھہ راشدي، عالم دين بديع الدين راشدي، محب اللہ راشدي جو تعلق ھن ئي خاندان سان آھي.
حوالو
[سنواريو]- ↑ صاحبڏنو, ميمڻ (2013). سخن اعجاز (پھريون ed.). سنڌي ساھت گهر. p. 11.