علي محمد شاهه راشدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
پير علي محمد راشدي
پيدائش آگسٽ 05 1905(1905-08-05)ع
لاڙڪاڻو، ھاڻوڪو پاڪستان
وفات مارچ 14 1987(1987-03-14)ع
ڪراچي، پاڪستان
قلمي نالو پير علي محمد راشدي
ڌنڌو سياستدان، صحافر، اديب، سفارت ڪار، مورخ
ٻولي اردو، سنڌي، انگريزي
شهريت Flag of Pakistan.svg پاڪستانپاڪستاني
صنف سياسيات، صحافت، آپ بيتي، تاريخ
مُکيه ڪم رودادِ چمن
اھي ڏينھن اھي شينھن
فرياد سنڌ
ايوارڊ آرڊر آف سيڪا تونا Flag of the Philippines.svg Philippines فلپائن

پير علي محمد راشدي (انگريزي: Pir Ali Muhammad Rashidi)، (پيدائش: 5 آگسٽ، 1905ع - وفات: 14 مارچ، 1987ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جو ممتاز سياستدان، صحافي، مورخ، سفارت ڪار ۽ اديب ھو۔ ھو تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن ۽ محمد علي جيڻا جي ويجھي ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو۔ ھو تحريڪ پاڪستان جي انھن شخصن ۾ شامل ھو جن تاريخي پاڪستان جو ٺھراءُ جي ڊرافٽنگ جو ڪم سرنجام ڏنو۔ ھو سنڌ جي ممتاز مورخ، محقق ۽ فارسي ادبيات جي ماھر پير حسام الدين راشدي جو وڏو ڀاءُ ھو۔

احوال[سنواريو]

پير علي محمد راشدي 5 آگسٽ، 1905ع تي سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بھمن، برطانوي ھندستان ھاڻوڪي پاڪستان ۾ سنڌ جي مشھور روحاني گھراڻي راشدي خاندان ۾ پير سيد حامد شاھ راشدي جي گھر پيد ٿيا۔[1][2]۔ پاڻ اسڪول يا ڪاليج سان تعليم حاصل نہ ڪئي بلڪہ گھر تي ئي عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مھارت حاصل ڪئي۔[2]

صحافت[سنواريو]

پير علي محمد راشدي گھر تي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد صحافت جي پيشي سان وابستہ ٿي ويا۔[2] ھن ۾ پندرھن سال جي عمر ۾ ئي لکڻ جي صلاحيت پيدا ٿي چڪي ھئي ۽ ھو ايترو مطالعو بہ رکندا ھا جو اخبار جي لاءِ مضمون لکڻ لڳا۔ ھنن پنھنجي ڳوٺ مان ھڪ ماھنامو الراشد جاري ڪيو۔ ھي مولانا ابوالڪلام آزاد جي الھلال ۽ البلاغ جي طرز تي شايع ٿيڻ لڳي۔ ان جو دفتر پير صاحب پنھنجي ڳوٺ 'بھمن ' ۾ ئي رکيو۔ پاڻ لکن ٿا تہ: 1924ع تائين جڏھن منھنجي عمر اڻويھ سال ھئي، مون ۾ ايتري صلاحيت پيدا ٿي وئي ھئي جو مان ڪجھ لکي سگھان پيو۔ مان ھڪ ماھنامو 'الراشد' جي نالي سان اتان ڳوٺ مان ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو، ان کي ڇپايو سکر مان ھو مگر دفتر ڳوٺ ۾ ئي رکيو۔ [1]

سکر اچڻ وڃڻ سان سندن جو واسطو پريس ۽ اخباري دنيا سان به پيو جنھن سبب ھو جلد ئي صحافتي دنيا ۾ اچي ويا ۽ اور ڇائنجي ويا۔ ان زماني (1924ع) ۾ راشدي صاحب سنڌ نيوز اخبار جو نامہ نگار بڻيا۔ 1926ع ۾ الحزب شڪارپور جو ايڊيٽر بڻيا ۔ 1927ع کان 1934ع ۾ پنھنجي اخبار ستاره سنڌ جاري ڪئي جيڪا 1937ع تائين نڪرندي رھي ۔ ان دوران پير صاحب 1936ع ۾ ھڪ اخبار صبح سنڌ جي نالي سان جاري ڪري چڪا ھا۔ بعد ۾ ھو مسلم وائيس جي نالي سان پھريان سکر کان بعد ۾ ڪراچي کان شايع ڪندا رھيا۔ ھي اخبار 1946ع تائين جاري رھي۔ ان اخبار جي ذريعي پاڪستان جي متعلق ھندو پريس جي زھر ڀريل بيانن جو مقابلو بڑی جرأت سان ڪيو ويو ۔ بعد ۾ پير صاحب (1947ع) قرباني اخبار سان وابستہ ٿي ويا۔ ھي اخبار محمد ايوب کھڙو جي وزارت ۾ بند ڪرائي وئي۔ 1949ع ۾ محمد ايوب کھڙو جڏھن انگريزي اخبار سنڌ آبزرور جو انتظام سنڀاليو ته پير صاحب ٻن سالن جي لاءِ ان جو ايڊيٽر بڻيو۔ ان ئي زماني ۾ ھن اخبار جو ٽڪراءُ انتھائي طاقتور اخبار ڊان سان ٿيو۔ روزاني ڊان جي ايڊيٽر الطاف حسين جي پير صاحب سان قلمي جنگ پاڪستان جي صحافتي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ دلچسپ باب آھي۔ 1949ع ۾ راشدي صاحب آل پاڪستان نيوزپيپرز ايڊيٽرز ڪانفرنس جو صدر چونديو ويو۔ 1951ع ۾ پاڪ ڀارت جي ايڊيٽرز جي تنظيم جوائنٽ پريس ڪميشن جو صدر منتخب ٿيو۔ ھن جي سربراھي ۾ ڪيترن ئي وفدن مصر، برطانيا ۽ ھندستان جا دورا ڪيا۔ ھڪ وفد ھندستان به ويو ھو ، جنھن سان لياقت نھرو معاھدي جي لاءِ راھ سڌي ٿي ھئي۔ وفد يوپي، دھلي ۽ ڀارتي پنجاب جي فسادن واري علائقن جو به دورو ڪيو ھو۔ بعد ۾ ھو 1952ع ۾ اسٽيٽس مين اخبار جاري ڪري چڪو ھو۔ 1954ع ۾ ڪراچي کان انگريزي اخبار ايسٽرن ايڪسپريس جي نالي سان شايع ڪندا رھيا ۽ ھي سلسلو 1955ع تائين جاري رھيو ۔ ان کان بعد اخباري ڪالم نگاري تائين محدود ٿي ويا۔ روزانه جنگ ۾ ھن جا ڪالم پوري آب و تاب سان شايع ٿيندا رھيا۔ ھو 23 سال مسلسل جنگ جي لاءِ ڪالم لکندا رھيا۔ ھن ھانگ ڪانگ ۾ رھندي 1963ع کان 1964ع تائين جنگ جي لاءِ مڪتوب مشرق بعيد جي عنوان سان ڪالم لکيا۔ 1964ع کان 1978ء تائين مشرق و مغرب عنوان جي تحت ڪالم لکيا۔ ان ئي دوران روزانه جنگ ۾ ئي مزاحيہ ڪالم وغيره وغيره لکڻ شروع ڪيا ۔ 1967ء کان 1969ع تائين روزانہ سنڌي اخبار عبرت ۾ رندء پند جي عنوان سان ھفتيوار ڪالم لکيا ۽ 1974ع ۾ لنڊن کان شايع ٿيڻ واري روزانہ جنگ ۾ A point of view جي عنوان سان ھفتيوار ڪالم لکيا ۽ 1974ع ۾ ڪراچي جي شام جي اخبار ليڊر ۾ ڪجھ مھينن جي لاءِ IMPRESSIONS AND REFLECTIONS نالي سان ڪالم لکيا۔[1]

سياست[سنواريو]

پير علي محمد راشدي جو شمار تحريڪ پاڪستان جي بنيادي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو۔ پاڪستان ٺاھڻ ۾ ھن جو ڪردار اھم رھيو آھي ۽ پاڪستان جي آبياري ۾ به پيش پيش رھيا۔ پير صاحب قائد اعظم محمد علي جيڻا جو ويجھو ساٿي ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ ھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل رھيو۔ خود قائد اعظم ھن جو معترف ھو۔ ڪجھ موقعن تي ٻنھي جي وچ ۾ خط ۽ ڪتابت جو سلسلو بہ ھلندو رھيو۔ 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ قائد اعظم جي زير صدارت اجلاس ۾ پيش ڪيل تاريخي پاڪستان جو ٺھراء جي ڊرافٽنگ پير صاحب ڪئي ھئي۔ ان ئي سلسلي ۾ پير صاحب ھڪ سال تائين لاهور ۾ قيام به ڪيو ھو۔ ھن 1938ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جي انعقاد ۾ اھم ڪردار اداڪيو جنھن جي صدارت قائد اعظم محمد علی جيڻا ڪئي۔ ان اجلاس ۾ ھندستان جا وڏا مسلم ليگي اڳواڻ شريڪ ھيا۔ ان ئي اجلاس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمانن جي لاءِ ھڪ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ھو جنھن کان بعد قائد اعظم ۽ عبداللہ ھارون جي سربراھي ۾ ھڪ فيڪٽس فائينڊنگ ڪميٽي ٺاھي وئي ۽ راشدي صاحب کي ان جو سيڪريٽري بڻايو ويو۔ بعد ۾ قائد اعظم آل انڊيا مسلم لیگ جي صدر جي حيثيت سان راشدي صا حب کي ليگ جي فارين ڪميٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۔ ھو مسلم ليگ جو صوبائي سيڪريٽري به بڻيا۔ حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته پير صاحب قومي یڪجھتي جو مڪمل نمونو ھو۔ ھو سچو محب وطن ۽ پڪو مسلم ليگي ھو۔[1]

پير علي محمد راشدي صحافتي زندگي سان گڏ ادبي ۽ سياسي زندگي جو آغاز ھڪ ئي وقت ڪيو۔ سياسي زندگي جي ابتدا ھن 1924ع کان ڪئي۔ جڏھن ھن حيدرآباد ۾ سنڌي تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي اتي ھن جي ملاقات جي ايم سيد سان ٿي۔ بعد ۾ ھن انجمن سادات راشديہ قائم ڪئي ۽ ان جي ترجماني جي لاءِ الراشد رسالو جاري ڪيو۔ ان کان بعد ھو سنڌ جي مسلمانن جي واحد سياسي تنظيم سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جو رڪن بڻجي ويو۔ ان تنظيم جو صدر سر شاهنواز ڀٽو ۽ سيڪريٽري خان بھادر ولي محمد حسن ھو۔ 1927ع تائين راشدي ان تنظيم جو سيڪريٽري بڻيو رھيو۔ 1929ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ 1936ع تائين، سنڌ جي عليحدگیي تائين پنھنجو قلمي جھاد جاري رکيو۔ 1933ع ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ميمبر بڻيو۔ 1939ع ۾ سکر ۾ مسجد منزل گاھ تحريڪ شروع ٿي ته ھندو مسلم فسادن جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جسٽس ويسٽن جي سربراھي ۾ ھڪ تحقيقاتي ڪميشن بڻائي وئي۔ جنھن جي سامھون راشدي صاحب نھايت ڪاميابي سان مسلمانن جي وڪالت ڪئي۔ خود پاڻ لکن ٿا تہ ان ئي دوران سکر ۾ منزل گاھ تحريڪ ھلي رھي ھئي ۽ ھڪ زبردست ٽربيونل ويٺو ھو۔ ان ٽربيونل جي سامھون به مسلم ليگ جي طرفان مان وڪالت ڪئي ھئي ۽ ڪيس کٺيا ھا۔ 1934ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي ليڊرشپ ۾ پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي ته ان ۾ پير صاحب شریک ٿيا۔ 1936ع ۾ سر حاجي عبداللہ ھارون سان ملي ڪري سنڌ اتحاد پارٽي بڻائي ۔ 1940ع ۾ لاھور ۾ رھي ڪري ان اجلاس جو بندوبست ڪيو جنھن ۾ 23 مارچ 1940ء جي قرارداد پاڪستان منظور ڪئي وئي۔[1]

1946ء ۾ گڏيل ھندستان جي مرڪزي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ مسلم ليگي اميدوار يوسف ھارون جي مقابلي ۾ بيٺا پر ڪامياب نه ٿي سگھيا. 1953ء ۾ سنڌ اسيمبلي جو بنا مقابلي ممبر چونڊجي ويو۔ ۽ ماليات ، صحت عامہ ۽ اطلاعات جو وزير بڻيو۔ وزير ماليات جي حيثيت سان 1954ء ۾ سنڌ جي جاگيرن جو خاتمو ڪيو ۽ زمين غريبن ۾ ورھائي۔ صحت عامہ جي متعلق ادارن کي منظم ڪيو۔ ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪئي۔ لاڙڪاڻي، سکر ۽ نوابشاهه ۾ سول اسپتال قائم ڪيون۔ سجاول ۾ ويم خانو ۽ ڪوٽڙي ۾ تپ دق جي مريضن جي علاج جي لاء ادارو قائم ڪيو۔ ان کان پھريان گورنر دين محمد جڏھن سنڌ ۾ قلم 92 نافذ ڪري حڪومت جي ڀڄ ڊڪ پنھنجي ھٿ ۾ رکي ته پير صاحب انھن کان ٽي اھم ڪم ڪرايا جن ۾ پير پاڳاري جي گدي بحال ڪرائڻ ، فرنٽيئر ريگيوليشن رد ڪرائڻ ۽ ڪرمنل ٽرائلس ايڪٽ ختم ڪرائي ڪري حرن کي حاضرين کان نجات ڏياري۔ ھن 1954ء ۾ سنڌ اسيمبلي جي طرفان ون يونٽ ۾ شامل ٿيڻ واري قرارداد منظور ڪرائڻ محمد ايوب کھڙو جي سربراھي ۾ سرگرمي سان حصو ورتو۔ ون يونٽ کان بعد پير صاحب 1956ع تائين مرڪزي حڪومت ۾ نشر ۽ اشاعت جو وزير بڻيو۔ انئي دوران حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيو۔ پاڪستان جي 1956ع جي آئين کي ٺاھڻ ۾ ھن جو وڏو ھٿ رھيو۔ 1949ع ۾ اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ جي ايم سید سان ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڪمڪيو 1970ع ۾ ون يونٽ جو خاتمو ٿيو۔ 1970ع ۾ ئي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شپ جي لاءِ سيوھڻ ڪوٽڙِ حلقي مان اليڪشن وڙھيو پر ڪامياب نہ ٿي سگھيو۔ 1972ء کان 1977ع ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ اطلاعات ۽ نشریيت جي وزارت ۾ مشير رھيو۔[1]

پير علي محمد راشدي ملڪ جو واحد سياستدان ھو جيڪو نه ڪڏھن عتاب ۾ آيو، نہ ڪيس داخل ٿيو، نہ ايبڊو ۾ آيو ۽ نہ ڪڏھن جيل ۾ ويو۔[1]

سفارتي خدمتون[سنواريو]

1957ع ۾ مرڪزي مجلس قانون ساز کان مستعفي ٿي ڪري فلپائن ۾ پاڪستان جو سفير بڻجي ويو۔ فلپائن جي حڪومت ھن کي چار سال تائين سفير جي حيثيت سان خدمتون ڏيڻ تي اعليٰ سول اعزاز آرڊر آف سيڪا تونا سان نوازيو ۔ 1962ع ۾ ھو چين ۾ سفير مقرر ٿيو۔ ان ئي دوران ھن جون ملاقاتون مائو زي تنگ ۽ چو اين لائي سان ٿينديون رھيون۔ چين ۽ پاڪستان کر ويجھو آڻڻ ۾ راشدي صاحب جو تاريخي ڪردار اھم آھي۔[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

پير علي محمد راشدي پنھنجي ذات ۾ ھڪ تحريڪ ھو۔ ھن جي قلم کان افسر شاھي کان وٺي ڪري نوڪر شاھي تائين ڪئو کائيندا ھيا۔ حڪمران ھن جي تحريرن کان خوف ۾ رھندا ھئا۔ لکڻ جي معاملي ۾ ھو بي باڪ ھو ۽ ھن جو قلم حق ۽ صداقت جي پاسداری ڪندو ھو۔ پير علي محمد راشدي خاص نظري جي تحت لکندو ھو۔ ھو بالواسطہ يا بلاواسطہ مسئلن جي نشاندھي ڪندو ۽ انھن جو حل ٻڌائيندو رھندو ھو۔ ملڪي خواھ غير ملڪي حالات تي ڪڙي نگاھ رکندو ھو۔ ھن جي نظر ۾ ملڪي ۽ ٻين ملڪن جي خرابين جو اصل محرڪ، نوڪر شاھي ا۽ افسر شاھي ھو۔ بدقسمتي سان پاڪستان کي ھي بيماری ولادت کان ئي لڳي چڪي ھئي۔ لياقت علي خان جي قتل سان ملڪ ۾ نوڪر شاھي ۽ افسر شاھي ڀڄي ويا۔ ھو پاڻ لکي ٿو

قائد ملت جي شھادت 16 آڪٽوبر 1951ع تي راولپنڊي ۾ ٿي، ان ڏينھن جمھوريت جو چراغ وسامي ويو ۽ نوڪر شاھي جي لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ اقتدار تي قبضہ ڪرڻ جو رستو کلي ويو۔[1]

جيتوڻيڪ پاڪستاني عوام سان پير علي محمد راشدي جو حقيقي تعارف سادو ۽ عام فھم زبان ۾ تحرير اردو ڪالم ئي بڻيا، پر سياست ۽ صحافت ۾ مصروف رھنفي ھو پنھنجي تاريخ ، تھذيب ۽ ثقافت کان به غافل نہ رھيا۔ راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ تي مضمون ۽ تحقيقي مقالا بہ تحرير ڪيا، جيڪي تاريخ جو ھڪ اھم حصو آھي ۔سکر ۾ رھائش جي دوران راشدي صاحب جو واسطو سکر ۽ روهڙي جي آثار قديمہ سان بہ پيو ۽ ان تي تحقيقي ڪم ڪيو۔ پير علي محمد راشدي جي يادداشت تي مبني سنڌ ڪتاب اھي ڏينھن اھي شينھن کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آھي۔ ھي ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آھي جيڪو سنڌي ادب جو شاھڪار آھي۔ ان کان علاوه فرياد سنڌ ڪتاب بہ سنڌي ادب ۾ اھم آھي۔ راشدي صاحب ھڪ انگريزي ڪتاب STORY OF SUFFERINGS OF SIND جي عنوان سان لکيو پر اھو خان بھادر محمد ايوب کھڙو جي نالي سان شايع ٿيو، ان کان علاوه پير صاحب جو ھڪ اھم ڪتاب SINDH WAYS AND DAYS منظر عام تي اچي چڪو آھي۔[1]

اولاد ۽ گھراڻو[سنواريو]

پير علي محمد راشدي جو وڏو صاحبزادو حسين شاھ راشدي مرحوم به ھڪ مايہ ناز اديب ۽ دانشور ھجڻ سان گڏ سياستدان به ھو سينيٽر به بڻيو۔ پير صاحب جو ٻيو صاحبزادو عادل راشدي صحافت جي شعبي سان وابستہ آھي ۔ پير علي محمد راشدي جي گھرواري بيگم ممتاز راشدي بنگال کان مولوي فضل الحق جي پوٽي ھئي ا۽ جيڪا پان به نامور اھل قلم ۽ سماجي شخصيت ھئي۔[1][1]

تصنيفون[سنواريو]

  • رودادِ چمن (اردو)
  • اھي ڏينھن اھي شينھن (سنڌي)
  • فرياد سنڌ (سنڌي)
  • چين جي ڊائري (سنڌي)
  • ون يونٽ ڪي تاريخ (اردو)
  • (انگريزي) SINDH: WAYS AND DAYS

وفات[سنواريو]

پير علي محمد راشدي 14 مارچ 1987ع تي ڪراچي، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو۔ ھو ڪراچي ۾ واقع سنڌي مسلم جماعت جي قبرستان ۾ مٽيء ماءُ حوالي ٿيل آھي۔[3]

پڻ ڏسو[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 پير علي محمد راشدي جون علمي ۽ ادبي خدمتون، علي امام، اخبار اردو، مارچ اپريل 2013ع، اداره فروغ قومي زبان پاڪستان
  2. 2.0 2.1 2.2 ص 611، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثو / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ع
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named پاکستان کرونیکل

سانچو:تحريڪ پاڪستان