عثمان بن عفان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عثمان
Uthman.png
عثماني دور ۾ اسلامي سلطنت
Mohammad adil-Rashidun-empire-at-its-peak-close.PNG
غني
(الله جي راھ ۾ بي حد خرچ ڪرڻ وارو)
پورو نالو عثمان بن عفان
(عثمان بن عفان)
عهد عيسوي سال 11 نومبر 646ع کان 17 جولاءِ 656ع تائين
پیدائش 576 عيسوي
پيدائش جي جڳھ طائف، عرب
وفات عيسوي سال 17 جولاءِ 656ع (عمر 76-77 سال)
وفات جي جڳھ مدينه منوره، حجاز، عرب
دفن ٿيڻ جي جڳھ جنت البقيع، مدينه منوره
پيشرو عمر بن خطاب
جانشين علي بن ابی طالب
والد عفان بن ابو العاص
والد ارويٰ بنت ڪريز
ڀيڻ آمنہ
شريڪ حيات

. رقيه
. ام ڪلثوم
. نائله
. رمله بنت شيبه
. فاطمه بنت الوليد
. فاخته بنت غزوان
. ام البنين

. ام عمرو
پٽ . عمرو
. عمر
. خالد
. ابان
. عبدالله الاصغر
وليد
. سعيد
. عبدالملڪ
ڌيئرون . مريم
. ام عثمان
. عائشه
. ام عمرو
. ام ابان الڪبريٰ
. اروي
. ام خالد
. ام ابان الصغريٰ
ام أبان الصغري
آل غني
لَقَبَ . غني ("الله جي راه ۾ بي دريغ خرچ ڪرڻ وارو")
. ذوالنورين ("ٻن نورن وارو")

عثمان بن عفان اموي قريشي (47ق.ھ - 35ھ /576 - 656ع) اسلام جو ٽيون خليفو، رسول جو ڄاٽو، ۽ جامع القرآن هيو. عثمان غني اڳوڻن اسلام ۾ شامل ٿيڻ ۽ عشره مبشره وارن مان هيو، سندن جي ڪنيت ذو النورين آهي ڇو تہ محمد صلي الله عليه وسلم جي ٻن صاحبزادين سان نڪاح ٿيو هين، پهريان رقيه بنت محمد سان ٿيو، پوء ان جي وفات کان پوء ام ڪلثوم بنت محمد سان نڪاح ٿيو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

عثمان غني پهريون صحابي آهي جنهن حبشہ جي سرزمين ڏانھن هجرت ڪئي، پوء ٻيا صحابي بہ سندن جي پويان حبشہ پهتا. پوء ٻين هجرت مدينه منوره جي طرف ڪئي. رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم عثمان غني تي پورو اعتماد ڪندا ھيا، ۽ سندن جي فطري حياء شرافت ۽ جيڪا انهن پنهنجي مال جي ذريعي اهل ايمان جي نصرت ڪئي هئي، ان جي انتهائي قدر ڪندا هئا. رسول الله صلي الله عليه وسلم ٻين صحابن سان گڏ ساڻن کي بن جنت ۽ شهادت جي موت جي خوشخبري ڏني.
سنہ 23ھ (644ع) ۾ عمر بن خطاب جي شهادت کان پوء مشوري سان سندن کي خلافت جي ذميداري ڏني، جنهن کي انهن 644ع]] کان 656ع تائين انجام ڏنو.[1] سندن جي خلافت جي عھد ۾ قرآن جو جمع ٿيڻ پورو ٿيو، مسجد حرام ۽ مسجد نبوي جو وڌاءُ ٿيو، ۽ قفقاز، خراسان، ڪرمان، سيستان، آفريڪا ۽ قبرص فتح ٿي اسلامي سلطنت ۾ شامل ٿيا. انهن اسلامي ملڪن جي سامونڊي پٽن کي بيزنطينين جي حملن کان محفوظ رکڻ جي لاء پھرين مسلم بحري فوج بہ ٺاهي هئي.[1][2]

سندن جي خلافت جو زمانو ٻارنهن سالن جي عرصي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ آخري ڇھ سال ڪجھ اڻوڻندڙ حادثا پيش آيا، جيڪي بالآخر سندن جي شهادت تي نتيجي تي پھتا.[3] سانچو:فاصلسنہ 35 ھ، 18 ذوالحج، جمعي ڏھاڙي ٻياسي سالن جي عمر ۾ سندن کي سندن جي گهر ۾ قرآن ڪريم جي تلاوت جي دوران شهيد ڪيو ويو، ۽ مديني منور جي قبرستان جنت البقيع ۾ دفن ڪيا ويا.[4]

شروعاتي زندگي[سنواريو]

نسب[سنواريو]

عثمان غني جو نسب حسب هي آهي: «عثمان بن عفان بن ابو العاص بن اميه بن عبد شمس بن عبد مناف بن قصي بن قصي بن ڪلاب بن مره بن لعب بن ڪعب بن لوي بن غالب بن فهر بن فهر بن مالڪ بن مالک بن النضر بن ڪنانه (انهي جو لقب قريش هيو) بن ڪنانه بن خزيمه بن مدرڪه بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن معد بن عدنان»، عثمان غني جو نسب عبد مناف بن قصي کان پوء محمد صلي الله عليه وسلم جي نسب سان وڃي ملي ٿو.

والده: «اروي بنت ڪريز بن ربيعه بن حبيهب بن عبد شمس بن عبد مناف بن قصي بن ڪلاب بن مره بن ڪعب بن ڪعب بن لوي بن غالب بن فهر بن فهر بن مالڪ بن مالک بن النضر بن ڪنانه بن ڪنانه بن خزيمه بن مدرڪه بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن معد بن عدنان»، ان جي والده محمد صلي الله عليه وسلم جي پڦاٽ هئي، ۽ ان جي ناني جو نالو بيضا بنت عبدالمطلب هيو.[5][6][7][8]

پرورش[سنواريو]

عثمان بن عفان جي پيدائش سنہ 576ع ۾ عام الفيل کان ڇھ سال پوء[9] طائف ۾ ٿي،[9] تاهم هڪ قول مڪي ۾ پيدائش جو بہ آهي. هي قريش جي هڪ شاخ بنو اميه بن عبد شمس بن عبد مناف ۾ پيدا ٿيو، هي قبیلو قريش جي سردارن مان هيو. ان جو والد عفان ابو سفيان بن حرب جو سوٽ هيو. عثمان غني جي هڪ ڀيڻ هئي جنهن جو نالو آمنہ بنت عفان هيو. عفان جي انتقال کان پوء ان جي والده عقبه بن ابي معيط سان نڪاح ڪيو، جنهن کان ٽي پٽ ۽ ڌيئرون پيدا ٿيون، وليد بن عقبه، خالد بن عقبه، عمارة بن عقبه ۽ ام ڪلثوم بنت عقبه، هي عثمان غني جا ماءُ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هيا.[10] عثمان غني جي والده اروي بنت ڪريز اسلام قبول ڪيو هيو ۽ سندن جي دور خلافت ۾ وفات ڪيائين،[11] جڏھن تہ ان جي والد عفان جو انتقال جھالت جي زماني ۾ ئي ٿي ويو هيو.

پاڻ پهريان اسلام قبول ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن. پاڻ هڪ خدا ترس ۽ غني انسان هيا. پاڻ فياض دلي سان دولت الله جي راھ ۾ خرچ ڪندا هئا. انهي بنياد تي حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن سندن کي غني جو خطاب ڏنو.

ذوالنورين[سنواريو]

ذوالنورين جو مطلب آهي ٻن نورن وارو. پاڻ جن کي ان لاء ذوالنورين چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جون ٻہ صاحبزاديون هڪ ٻئي پٺيان سندن جن جي نڪاح ۾ آيو هي اهو واحد اعزاز آهي جيڪو ڪنهن ٻئي کي حاصل نہ ٿي سگهيو. پاڻ جن جو شمار عشره مبشره ۾ ڪيو ويندو آهي يعني اهي ڏھ صحابہ ڪرام جن کي رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن پنهنجي حيات مبارڪہ ۾ ئي جنت جي بشارت ڏني هئي.

هجرت[سنواريو]

پاڻ جن اسلام جي راھ ۾ ٻہ هجرتون ڪيون، هڪ حبشه ۽ ٻين مديني منور جي طرف.

خلافت[سنواريو]

فائل:First Islamic coins by caliph Uthman.jpg
چاندي جو درهم جنهن تي حضرت عثمان سانچو:رض مذ جي دور ۾ بسم الله لکيو ويو. ان جو وزن تقريبا 3 گرام آهي. ان کي حضرت عمر سانچو:رض مذ جن 5 گرام کان گهٽ ڪري 3 گرام ڪيو هيو.

[[عمر ابن الخطاب|حضرت عمر فاروق سانچو:رض مذ]] جن پنهنجي وفات کان پهريان هڪ ڪميٽي جوڙي ھئي جنهن ۾ ڇھ صحابي شامل هيا. حضرت عثمان سانچو:رض مذ، حضرت علي، حضرت طلحه، حضرت زبير، حضرت سعد بن ابي وقاص ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوف رضوان الله عليهم اجمعين ان ڪميٽي ۾ شامل هيا. ان ڪميٽيَ حضرت عثمان سانچو:رض مذ کي خليفو نامزد ڪيو. پاڻ جن ٻارنهن سال خلافت جون زميداريون سرانجام ڏنيون. سندن جي دور خلافت ۾ ايران ۽ اتر آفريڪا جو ڳچ علائقو اسلامي سلطنت ۾ شامل ٿيو.

جامع قرآن[سنواريو]

حضرت عثمان ذوالنورين رضي الله عنه کي جامع القرآن چيو ويندو آهي.= [12] ابن ابي دائود بسند صحيح حضرت سويد بن غفله کان روايت ڪئي آهي تہ انهن فرمايو تہ ″حضرت علي جو فرمان آهي ته حضرت عثمان جي باري ۾ خير ئي چئو؛ ڇو تہ انهن مصاحف جي باري ۾ جيڪو ڪجھ بہ ڪيو صرف پنهنجي راء سان نہ پر اسانجي هڪ جماعت جي مشوري سان ڪيو″ [13] ان ئي کان روايت آهي ل″مان خليفو هجان ها تہ مصحف جي باري ۾ اهو ئي ڪيان ها جيڪو حضرت عثمان ڪيو″.

شهادت[سنواريو]

اسلام جي دشمنن خاص ڪري مسلمان سڏرائيندڙ منافقن کي خلافت راشده هڪ نظر بہ وڻندي هئي. هي منافق رسول الله سان بہ دنياوي بادشاهن وانگر توقع رکندا هيا تہ هو بہ پنهنجو ڪوئي ولي عهد مقرر ڪندا. انھن منافقن جي ناپاڪ خواهش تي ان وقت ڪاري ضرب لڳي جڏھن امتَ حضرت ابوبڪر کي اسلام جو پهريون متفقہ خليفو بڻايو. حضرت ابو بڪر جي خلافت راشده کان پوء ان منافقن کي سيني تي ان وقت نانگ ڏنگ هنيا جڏنهن امتَ ڪامل اتفاق سان حضرت عمر سانچو:رض مذ کي خليفو اسلام چونڊيو. حضرت عمر کان پوء حضرت عثمان جن جو گڏيل راءِ سان خليفو ٿيڻ بہ انھن مسلمان سڏرائيندڙ منافقن جي لاء صدمي کان گهٽ نہ هيو. انهن حضرت عثمان جن جي نرم دلي جو ناجائز فائدو کنيو ۽ پاڻ جن کي شهيد ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي ۽ ان وقت ۾ خلافت جو گھيراءُ ڪيو جڏهن اڪثر صحابه ڪرام حج جي لاء مڪي ويا هيا تہ پاڻ جن پنهنجي جان جي خاطر ڪنهن مسلمان کي مزاحمت ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني.

شهادت جو واقعاتي احوال[سنواريو]

حضرت عثمان مسجد ۾ خطاب فرمائي رهيا هيا تہ ماڻهن حضرت عثمان رض کي پٿر هڻڻ شروع ڪيا. ايتري حد تائين جو پاڻ بيهوش ٿي ڦٽيل ۽ زخمي حالت ۾ منبر تان هيٺ ڪري پيا. پوءِ ڪيترن ئي خارجين سندن گهر جو گهيرو ڪري ورتو ۽ چوڻ لڳا هاڻي قتل ڪرڻ کانسواءِ نہ ڇڏينداسين. گهر جي گهيراءَ دوران گهر ڏانهن ڪنهن بہ شيءِ جي اچڻ وڃڻ تي روڪ لڳائي ڇڏي. ايتري حد تائين جو گهر جو پاڻي بہ بند ڪري ڇڏيو ويو. گهر ۾ کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون ختم ٿي ويون. پاڻي بند ٿئي بہ ست ڏهاڙا گذري ويا هئا. حضرت عثمان پنهنجي گهر جي دري مان پنهنجو منهن مبارڪ ڪڍي مسلمانن کي آواز ڏنو تہ آهي ڪير جيڪو اڄ عثمان کي پاڻي پياري. ام المومنين ام حبيبہ پاڻي جي هڪ مشق خچر تي کڻي آئي. پر خارجين خچر جي منهن تي برڇيون هڻي ڀڄائي ڇڏيو. بيبي امم حبيبہ ڏاڍي ڏکيائي سان پاڻ کي ڪرڻ کان بچايو. ان کانپوءِ سندس گهر مبارڪ کي باھ ڏئي ڇڏي. حضرت عثمان نماز پڙهي رهيو هو ۽ گهر سڙي رهيو هو. باغي ڀِٽ ٽپي گهر ۾ داخل ٿي ويا. محمد بن ابوبڪرَ حضرت عثمان جي سنهواري مبارڪ هٿن سان جهلي ڇڪڻ لڳو. سواد بن جبران حضرت عثمان کي گُهٽا ڏنا تہ ٻئي هٿ سان سندن منهن مبارڪ تي چماٽون هڻڻ لڳو ۽ پوءِ ان تلوار جو وار ڪيو. حضرت عثمان جي گهرواري بيبي نائلا جي طرفان تلوار جي وار کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ سندن هٿ پاڪ جون آڱريون ڪٽجي ويون. تنهن کانپوءِ حضرت عثمان کي لاڳيتو ڀرڇيون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ويو. هڪ روايت ۾ آهي حضرت عثمان جو لاش ٽن ڏيهاڙن تائين بي گور ۽ ڪفن گهر ۾ پيو رهيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن جنازي لاءِ ڪوشش ڪئي وئي تہ ان ڪوشش دوران بہ ماڻهن حملو ڪري ڏنو. ان کانپوءِ بہ شهيد ڪرڻ وارن حضرت عثمان جي مڙھ مبارڪ کي جنت البقيع ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني. نيٺ لڪ ڇپ ۾ ڏاڍي ڏکيائي سان رات جو کين يهودين جي قبرستان ”حش ڪوڪب“ ۾ دفنايو ويو ۽ خارجين جي شر سبب سندن قبر مبارڪ جو نشان مٽجي ويو. ان ڪري ڪير به پَڪَ سان نٿو چئي سگهي ته حضرت عثمان جي قبر مبارڪ ڪهڙي ۽ ڪٿي آهي.[14]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 موقع الرقية الشرعية: عثمان بن عفان
  2. الخلافة والخلفاء الراشدون، ص: 222
  3. طبقات ابن سعد (1/ 39 - 47)، البدايه و النهايه (7/ 144 - 149) الخلفاء الراشدون از خالدي، ص: 112
  4. طبري، تاريخ الأمم والملوك ج 2/ص 688، ابن اثير، الڪامل في التاريخ ج 3/ص: 69
  5. مسعوده، مروج الذهب ج 2/ص 340
  6. طبري، تاريخ الأمم والملوك ج 2/ص: 692
  7. ابن اثير، الڪامل في التاريخ ج 3/ص: 74
  8. تاريخ الإسلام ج 1/ص: 252
  9. 9.0 9.1 نداء الإيمان: ڪتاب عثمان بن عفان، الفصل الأول «حياة عثمان»، من تأليف: محمد رضا الأديب
  10. نداء الإيمان الطبقات الڪبري، ذڪر ضرب النساء - أروي بنت ڪريز
  11. الخلافة الراشدة والدولة الأموية، از ڊاڪٽر يحيي اليحيي، ص388
  12. (قرآن ڪيئن جمع ٿيو ازمحمد احمد اعظمي مصباحي)
  13. (الاتقان ص 61)
  14. حافظ ڪريم الله چشتي، روزآني دنيا، آڪٽوبر 1914ع

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

اسلامي مؤرخن جا افڪار:

حضرت عثمان عرب وصيت ۾:

سانچو:S-houسانچو:S-rel
پيشرو
عمر بن خطاب
خليفه راشد
() – ()
جانشين
علي بن ابی طالب
Regnal titles
پيشرو
يزدگرد ٽيون
شاه فارس
() – ()

سانچو:S-non

سانچو:خلفاء راشدين2 سانچو:خلفاء راشدين سانچو:صحابي