عمر بن خطاب

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
(عمر کان چوريل)
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا
عمر
Umar.png
عهد فاروقي ۾ اسلامي سلطنت
Mohammad adil rais-Caliph Umar's empire at its peak 644.PNG
(امير المؤمنين)
پورو نالو عمر بن خطاب
(عمر ابن الخطاب)
عهد 23 آگسٽ 634ء (12ھ) – نومبر 7 644ء (23ھ)
پيدائش 586ء (37 ق‌ھ)-590ء (33 ق‌ھ)
پيدائش جي جڳهه مڪو مڪرم، عرب
وفات 7 نومبر 644ء (23ھ)
وفات جي جڳهه مدينو منور، عرب
دفن ٿيڻ جي جڳهه مسجد نبوي، مدينو منور
پيشرو [[ابو بڪر|ابوبڪر سانچو:رض مذ]]
جانشین [[عثمان ابن عفان|عثمان سانچو:رض مذ]]
والد خطاب بن نفیل
والده حنتمه بنت ھشام بن المغيره
ڀاءُ زيد بن خطاب
ڀيڻ فاطمه بنت خطاب
شريڪ حيات ۔زينب بنت مظعون
۔ ام ڪلثوم بنت علي
۔ قريبه بنت ابي اميه
۔ ام حڪيم بنت حارث
۔ ام ڪلثوم
۔ عاتڪه بنت زيد
بن عمر بن نفيل
۔ لهيا
۔ فقيها
پُٽَ ۔ عبدالله
۔ عبد الرحمٰن
۔ عبيدالله بن عمر
۔ زيد بن عمر
۔ عاصم
۔ عياض بن عمر
۔ الزبير بن بڪر (ابو شهاما)
ڌيئرون ۔ حفصه
۔ فاطمه
۔ زينب
آل فاروقي
لَقَبَ ۔ الفاروق (سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ وارو)
۔ امیر المؤمنین ( مومنن جو امير)
[1]

سانچو:عمر (صحابي)

مضمونن جو سلسلو

اسلام
Istanbul, Hagia Sophia, Allah.jpg
اسلام جي تاريخ

عقيدا ۽ عمل

توحيد
شهادت
نمازروزو
حجزڪوات

اهم حستيون

محمد
ابوبڪر صدیقعمر فاروقعثمان غنيعلي حیدر
صحابہ
اهل البیت
ازواج مطھرات
ٻيا نبي

ڪتاب ۽ قانون

قرآنحدیثشريعت
قانوننڪلام
سـيـرت

مسلمان مڪتبه فڪر

سنيشـيعہصوفي

معاشرتي ۽ سياسي ڌڙا

اسلامياتفلسفو
فنسائنس
فن تعميرجڳھون
سال (ڪيلنڊر)موڪلون
عورت ۽ اسلاماڳواڻ
سياستجهادآزاد

پڻ ڏسندا

اسلامي اصطلاح
اسلام تي مضمونن جي فهرست

حضرت عمر فاروق رضي الله تعالٰيٰ عنه، پهرين خليفي حضرت ابوبڪرصدیق رضي الله تعالٰي عنه کان پوء مسلمانن جو ٻيون خليفو هيو۔ ان جي دور ۾ اسلامي مملڪت 28 لک مربع ميل جي رقبي تائين ڦهلجي وئي۔

نالو ۽ ‌نسب[سنواريو]

پاڻ جن جو نالو مبارڪ عمر آهي ۽ لقب فاروق، ڪنيت ابو حفص، لقب ۽ ڪنيت ٻئي محمد صلي الله عليه و آله وسلم جون عطا ڪيل آهن۔ آپ رضي الله عنه جو نسب نائين پشت ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سان وڃي ملندو آهي۔ پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جي نائين پشت ۾ ڪعب جا ٻه پُٽَ آهن مره ۽ عدي۔ رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم مره جي اولاد مان آهن، جڏهن ته حضرت عمر رضي الله عنه عدي جي اولاد مان آهن۔

شروعاتي زندگي[سنواريو]

پاڻ رضي الله تعالٰي عنه مڪي ۾ پيدا ٿيا ۽ انهن چند ماڻهن مان هيا جيڪي لکي ۽ پڙهي سگهندا هئا۔ جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏني ته حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جي سخت مخالفت ڪئي۔ پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جي دعا سان حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه اسلام قبول ڪريو۔ ان لاء پاڻ کي مراد رسول به چيو ويندو آهي.

سنت حضرت عمر[سنواريو]

حضرت عمر بن خطاب جي متعلق مولوي شبلي نعماني الفاروق ۾ لکي ٿو ته عرب جو مشهور مرثيه خوان مهتمم بن نوير پاڻ جن جي خدمت ۾ آيو ته انهن فرمائش ڪئي ته زيد (پسر عمر بن خطاب) جو مرثيو لک مونکي تو وانگر چوڻ اچي ته مان پاڻ لکان۔

هجرت[سنواريو]

هجرت جي موقعي تي مڪي جي ڪافرن جي شر کان بچڻ جي لاء سڀن خاموشي سان هجرت ڪئي پر پاڻ جن جي غيرت ايمانيءَ لڪي هجرت ڪرڻ گوارو نه ڪيو.پاڻ جن تلوار هٿ ۾ ڪئي ڪعبي جو طواف ڪيو ۽ ڪافرن جي مجمع کي مخاطب ٿي چيو ته " توهان مان جيڪڏهن ڪوئي شخص هي چاهيندو هجي ته ان جي زال بيوه ٿر وڃي ان جا ٻار يتيم ٿي وڃن ته اهو مڪي کان باهر اچي منهنجو رستو روڪي ڏيکاري" پر ڪنهن ڪافر جي هممت نه ٿي جو پاڻ جن جو رستو روڪي سگهي.

واقعا[سنواريو]

هو هڪ حاڪم هيو۔ هو هڪ دفعي مسجد ۾ منبر رسول تي بيهي خطبو ڏئي رهيو هيو ته هڪ غريب شخص اٿي بيٺو ۽ چيو اي عمر اسان تنهنجو خطبو ان وقت تائين نه ٻڌنداس سنیں جيستائين تون هي نه ٻڌائيندي ته هي تون جيڪو ڪپڙو پاتو آهي اهو وڌيڪ آهي جڏهن ته بيت المال مان جيڪو ڪپڙو مليو هيو اهو ان کان تمام گهٽ هيو۔تو عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه چيو ته مجمع ۾ منهنجو پٽ عبداللہ موجيد آهي، عبدالله بن عمر بيهي رهيو۔ عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه چيو ته پٽ ٻڌاء ته تنهنجي پيءُ هي ڪپڙو ڪاڏانهن آندو آ نه ته قسم آهي ان ذات جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي مان قيامت تائين هن منبر تي نه چڙهندس۔ حضرت عبدالله رضي الله تعالٰي عنه ٻڌايو ته بابا کي جيڪو ڪپڙو مليو هيو اهو تمام گهٽ هيو ان سان ان جو پورو ڪپڙو نه ٺهي سگهي ها۔ ۽ ان وٽ جيڪو پائڻ جي لاء لباس هيو اهو تمام پراڻو ٿر چڪو هيو۔ ان لاء مان پنهنجو ڪپڙو پنهنجي والد کي ڏئي ڇڏيو۔

ابن سعد فرمائن ٿا ته اسان هڪ ڏينهن حضرت امير المؤمنين رضي الله عنه جي دروازي تي ويٺا هياس ته هڪ ڪنيز گزري ۔ ڪجهه چوڻ لڳا ته هر ٻانهي حضرت جي آهي۔ پاڻ (حضرت عمر رضي الله عنه) فرمايو ته امير المؤمنين کي ڇا حق آهي ته هو خدا جي مال مان ٻانهي رکي۔ منهنجي لاء صرف ٻه جوڙا ڪپڙا هڪ گرمي جو ۽ ٻيون جهاڙي جو ۽ اوسط درجي جو کاڌو بيت المال مان وٺڻ جائز آهي۔ باقي منهنجي اها ئي حيثيت آهي جيڪا هڪ عام مسلمان جر آهي۔ جڏهن پاڻ ڪنهن بزرگ کي عامل بڻائي موڪليندا هئا ته هي شرطون ٻڌائيندا هئا : 1-گهوڙي تي ڪڏهن نه سوار ٿيجان۔ 2-عمدو کاڌو نه کائجان۔ 3-ڊگهو ڪپڙو نه پائجان۔ 4-حاجت مندن جي داد رسي ڪرجان۔ جيڪڏهن ان جي خلاف هوندو ته سزا ڏيندا هئا۔

عادتون[سنواريو]

حضرت عمر حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه کان به ٻين صحابن وانگرمشورو ڪرندا هئا صحيح بخاری جي روايت جي مطابق حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه جي شهادت کان پوء جڏهن حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه آيو ته فرمايائون ته ما ان جي اعمال نامي سان گڏ الله سان ملندم۔

شهادت[سنواريو]

هڪ غلام ابو لولو فيروزَ پاڻ جن کي فجر جي نماز ۾ مسجد نبوي ۾ خنجر سان حملو ڪيو ۽ ٽن جڳهن تي وار ڪيو۔ پاڻ ان زخمن کي نه صحيح سگهيا ۽ دنياء فاني مان ڪوچ ڪري ويا۔ پاڻ جن جي اتفاق راء سان حضرت عثمان کي امير المومنين منتخب ڪيو ويو۔

حوالو[سنواريو]

  1. محمد, ابن سعد (830-840 BCE). طبقات الڪبريٰ. pp. باب 3 صفحو 281. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:S-houسانچو:S-rel

Preceded by
ابو بڪر
خليفه راشد
634ء (12ھ) – 644ء (23ھ)
Succeeded by
عثمان بن عفان

سانچو:خلفاء راشدين2 سانچو:وزير صحابه سانچو:خلفاء راشدين سانچو:صحابه سانچو:محمد2