توحيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسلامي عقيدي مطابق الله کي سڄي ڪائنات جو هڪ اڪيلو خالق ڪري مڃڻ کي توحيد چئجي ٿو. توحيد جو مطلب آهي هڪ خدا کي مڃڻ ۽ مڪمل طرح پنهنجي دل ۽ دماغ سان ان سان ڳنڍجي وڃڻ. اها ئي خدا ۽ انسانيت جي منزل آهي. هن دنيا ۾ اهوئي انسان ڪامياب آهي، جيڪو هڪ خدا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه بڻائي ڇڏي. هر ڪو انسان هڪ اڻپورو وجود آهي. خدا سان پاڻ کي ڳنڍي، هو پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪندو آهي.[1]

توحيد شعين جي نظر ۾[سنواريو]

شيعه مسلڪ ۾ الله جي وحدانيت کي سڃاڻڻ لاءِ ٻن حصن ۾ توحيد کي جدا ڪيون آهي هڪ صفات ثبوتيه ء ٻي صفعات سلبيه آهي.[2]

توحيد ۽ شرڪ[سنواريو]

قرآن جي مطابق شرڪ جو عقيدو. سڀني انساني برائين جي پاڙ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ توحيد جو عقيدو سڀني انساني خوبين جو سرچشمو آهي. قرآن شريف ۾ واضح لفظن ۾ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته: اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ ۾َا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِ۾َنۡ یَّشَآءُ ۚ وَ ۾َنۡ یُّشۡرِکۡ بِاللّٰہِ فَقَدِ افۡتَرٰۤی اِثۡ۾ًا عَظِیۡ۾ًا (النساء: 48) ”بيشڪ الله نه بخشيندو جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ جنهن لاءِ چاهيندو معاف ڪندو ۽ جنهن شرڪ ڪيو، بيشڪ ان وڌيڪ گناهه جو بهتان ٺاهيو.“

قرآن ڪريم ۾ توحيد جي عقيدي کي هڪ آيت ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: اَللّٰہُ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَۚ اَلۡحَیُّ الۡقَیُّوۡ۾ُ ۬ۚ لَا تَاۡخُذُہٗ سِنَۃٌ وَّ لَا نَوۡ۾ٌ ؕ لَہٗ ۾َا فِی السَّ۾ٰوٰتِ وَ ۾َا فِی الۡاَرۡضِ ؕ۾َنۡ ذَا الَّذِیۡ یَشۡفَعُ عِنۡدَہٗۤ اِلَّا بِاِذۡنِہٖ ؕ یَعۡلَ۾ُ ۾َا بَیۡنَ اَیۡدِیۡہِ۾ۡ وَ ۾َا خَلۡفَہُ۾ۡ ۚ وَ لَا یُحِیۡطُوۡنَ بِشَیۡءٍ ۾ِّنۡ عِلۡ۾ِہٖۤ اِلَّا بِ۾َا شَآءَ ۚ وَسِعَ کُرۡسِیُّہُ السَّ۾ٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ ۚ وَ لَا یَـُٔوۡدُہٗ حِفۡظُہُ۾َا ۚ وَ ہُوَ الۡعَلِیُّ الۡعَظِیۡ۾ُ (البقره: 255) ”الله اهو معبود برحق آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. هو جيئرو آهي ۽ هميشه رهڻ وارو آهي. ان کي نه ننڊ اچي ٿي نه پنڪي، جو ڪجهه زمين ۾ آهي ۽ جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي سڀ ان جو آهي، ڪير آهي جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس ڪنهن جي سفارش ڪري سگهي. جو ڪجهه انهن جي سامهون ٿي رهيو آهي ۽ جو ڪجهه پرپٺ ٿي رهيو آهي، ان کي چڱيءَ پرڄاڻي ٿو ۽ هو سندس معلومات مان ڪنهن حد تائين ڪا پهچ نٿا حاصل ڪري سگهن، البت جيتري حد تائين پاڻ چاهي. ان جي بادشاهي ۽ علم زمين ۽ آسمان سڀ کي گهيرو ڪيل آهي ۽ اهو الله وڏي شان ۽ بلند درجي وارو آهي.“[3]

توحيد ۽ ھندن جي ويدانيت[سنواريو]

ڪثرت ۾ وحدت: رگ ويد جي منڊل ڏهين (82، 1-3) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سڀڪجهه خلقڻهار وڏو آهي. اهو ئي سڀني کي خلقي ٿو، اهو ئي سڀني کي سنڀالي ٿو ۽ اهو ئي سڀني جي مٿان آهي... جنهن پتا (پيءُ) اسان کي پيدا ڪيو آهي، جنهن کي سڀني قومن ۽ سڀني شين جي ڄاڻ آهي، سو هڪڙو ئي آهي، پر مٿس نالا گهڻا رکيل آهن.“ هن مان چٽيءَ ريت ظهار آهي ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ جيتوڻيڪ عناصرن يا تتون کي ملائيندڙ طاقتن کي ديوتائون ڪري پوڄيائون ٿي، ته به ائين ڄاتائون ٿي ته ساري جهان جو خلقيندڙ هڪڙو ئي قادر مطلق ڌڻي آهي. رگ ويد جي منڊل پهرين (164، 46) ۾ به ائين ئي چيل آهي ته جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجن پروڙين ٿا.[4]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسانيت جي تعمير ، مولانا وحيد الدين خان
  2. Shia Namaz Jafria in Urdu by Iqtada
  3. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13 
  4. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)