صحيح بخاري
صحيح بخاري هڪ حديث جو ڪتاب آهي جنهن جو ترتيب ڪندڙ امام بخاري آهي.هن ڪتاب کي قرآن کان پوءِ دنيا ۾ صحيح مڃيو وڃي ٿو ۽ هن ڪتاب جو شمار صحاح سته ۾ ٿيئي ٿو.[1]
ڪتاب ء حديثون[سنواريو]
حديثون[سنواريو]
صحيح بخاري ۾ ست هزار پنج سو ٽي اٺ حديثون آهن.
ڪتاب[سنواريو]
صحيح بخاري ۾ ستانوي ڪتاب آهن جنهن کي گڏ ڪري ڪل 9 جلدون ٺاهيا ويا آهن.[1]
حديثون گڏ ڪرڻ جو طريقو[سنواريو]
اما بخاري ڪا به حديث ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ کان پهرين هي شرط رکيا
- سڀ حديث بيان ڪرڻ وارا سچا هجن.
- حديث بيان ڪرڻ وارن جو حافظو تکو هجي ء ڪا به ڳالهه نه ڀليل هجين.
- حديث بيان ڪندڙن جي ڪا به ڪڙي گهٽ نه هجي ۽ سڌو سلسلو صحابي تائين وڃي ملي.[2]
صحيح بخاري اهل حديث جي نظر ۾[سنواريو]
صحيح بخاري شيعن جي نظر ۾[سنواريو]
شيعا صحيح بخاري جي متعلق ڪافي سخت عقيدو رکن ٿا انهن جي مطابق صحيح بخاري ۾ ڪجھ اهڙيون حديثون آهن جيڪي صفا ڪمزور ء انهن جا راوي پڻ غلط آهن مير مراد علي خان لکي ٿو ته[3]
- اصحابين جي فضيلت وڌائڻ لاءِ بنو اميه ڪوڙيون حديثون سندن حڪومتن ۾ جاري ڪيون جيڪي صحيح بخاري ۾ شامل آهن.
- پاڻ حضرت محمد صلي الله علي وآله وسلم جو نماز جي دوران رڪعتون ڀلجڻ.
- پاڻ حضرت محمد صلي الله علي وآله وسلم جو قرآن مجيد کي وسارڻ ۽ صحابي جو ياد ڏيارڻ.