احد جبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
احد جبل
بلندي [اوزا تبديل: needs a number]
امتياز [اوزا تبديل: needs a number]
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
جاگرافي
جڳهه مديني جي ڀرسان

احد جبل عربستان جو هڪ مشهور جبل آهي، جيڪو حضرت هارون جي تربت ۽ احد جي جنگ سبب مشهور آهي. احد جبل مديني کان اُتر طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3ھ/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’اُحد واري جنگ‘ لڳي هئي، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو. هن جبل کي ”جبل الرمان“، ”جبل العين“ يعني ٻن اکين وارو جبل به چوندا آهن. پهريون نالو ان ڪري پيس، جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هن ٽڪريءَ تي احد واري جنگ ۾ تير انداز مامور ڪيا هئا ۽ ٻيو نالو شايد ان ڪري پيس، جو هن جبل جي اُترئين دامن ۾ ٻه چشما موجود آهن. هن جبل جي ڊيگھ 3 ميل آهي، ۽ هتي حضرت حمزه جي قبر به موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. احد جبل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.