احد جبل
ڏيک
| احد جبل | |
|---|---|
| جاگرافي | |
| جڳهه | مديني جي ڀرسان |
احد جبل عربستان جو هڪ مشهور جبل آهي، جيڪو حضرت هارون جي تربت ۽ احد جي جنگ سبب مشهور آهي. احد جبل مديني کان اُتر طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ئي جبل جي ڏاکڻي واديءَ ۾ 3ھ/625ع ۾ مسلمانن ۽ قريشن جي وچ ۾ ’اُحد واري جنگ‘ لڳي هئي، جنهن کان پوءِ هيءُ جبل وڌيڪ مشهور ٿيو. هن جبل کي ”جبل الرمان“، ”جبل العين“ يعني ٻن اکين وارو جبل به چوندا آهن. پهريون نالو ان ڪري پيس، جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هن ٽڪريءَ تي احد واري جنگ ۾ تير انداز مامور ڪيا هئا ۽ ٻيو نالو شايد ان ڪري پيس، جو هن جبل جي اُترئين دامن ۾ ٻه چشما موجود آهن. هن جبل جي ڊيگھ 3 ميل آهي، ۽ هتي حضرت حمزه جي قبر به موجود آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ احد جبل آرڪائيو ڪيا ويا 2016-04-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.