مواد ڏانھن هلو

جنت البقيع

جنت البقيع
البقيع الغرقد
قبرستان
ٱلْبَقِيْع الغرقد
جنت البقيع جو عام ڏيک
جنت البقيع جو عام ڏيک
جاگرافي بيهڪ: سانچو:Wikidatacoord
ملڪ سعودي عرب
شهر مدينه المنوره
بنياد سيپٽمبر 21، 622ع
قبرن جو انگ 10000 قبرون[1]


جنهن ۾ شامل آهن؛

مذهب الإسلام
نقشو سعودي عرب
رقبو 180،000 چورس ميٽر
بنياد 622ع
ٻيهر سعودي دور
زمانو شاه فيصل جو دور
نگراني مڪتبه الوڪلا
Government
  سرپرستي شاهه سلمان، سعودي حڪومت
  انتظام ڪندڙ سعودي عرب جي اسلامي امور جي وزارت
Area
  ڪل (چورس ميٽر)
180,000 ڪ.م2 (70,000 ميل2)

جنت البقيع (عربي: ٱلْبَقِيْع) مدينه المنوره جو سڀ کان پراڻو ۽ پهريون اسلامي قبرستان آهي،[2] جيڪو اڄوڪي سعودي عرب جي حجاز واري علائقي ۾ واقع آهي.[3] ان کي بقيع الغرقد (عربي: بَقِيْع الْغَرْقَد، معنيٰ، ڳاراٺي وارو بقيع) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.[4]

چيو وڃي ٿو ته البقيع جو بنياد نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم رکيو ويو هو ۽ پنهنجي ڪيترن ئي مائٽن ۽ اصحابن کي دفن ڪرڻ جي جڳهه طور ڪم ڪريو، ان کي اسلامي روايتن جي ٻن مقدس قبرستانن مان هڪ جي حيثيت ڏئي ٿو. بيبي فاطمه الزهره، ام المومنين سيده عائشه، امام حسن، عثمان غني، زينب (ڌيء)، ابراهيم (پٽ) سميت گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار صحابه ۽ اهل بيت جنت البقيع ۾ دفن آهن.

انگريزي

[سنواريو]

جنت البقيع مديني جو سڀ کان پراڻو ۽ پهريون اسلامي قبرستان آهي. هن کي بقيع الغرقد (ڪنڊي جي وڻن وارو کنڊ يا بقعو، صنوبر جو وڻ،) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.

هن جاء کي، جيڪا هڪ غير آباد، ڪانٽي واري وڻن سان ڀريل زمين جو هڪ رقبو هو، مسلمانن لاءِ هڪ قبرستان طور هن وقت مخصوص ڪيو ويو، جڏهن هجرت کان پوء محمد ﷺ سندس ڪيترن ئي مائٽن ۽ ساٿين جي تدفين لاء هن جاء کي استعمال ڪيا. اها مسلمانن لاءِ سڀ کان مقدس قبرستان آهي ۽ هن جي فضيلت بابت رسول الله ﷺ جا ڪيترائي قول حديث جي ڪتابن ۾ آيا آهن.

the oldest and first Islamic cemetery of Medina[5] located in the Hejazi[6] region of present-day Saudi Arabia. It is also known as Baqi al-Gharqad (, meaning "Baqiʿ of the Boxthorn").[5]

Al-Baqi is reportedly founded by Prophet Muhammad and serves as the burial place for many of his relatives and companions, establishing it as one of the two holiest cemeteries in Islamic tradition. Monuments and mosques built on or near al-Baqīʿ were demolished under the Emirate of Diriyah in 1806. After their reconstruction, they were again demolished in 1926 under the Sultanate of Nejd, in accordance with their Wahhabi interpretation of Islamic law regarding idolatry.[5] These demolitions were condemned across the Islamic world, but the Saudi government has rejected calls for reconstruction.[5]

عربي

[سنواريو]

البقيع هي المقبرة الرئيسية لأهل المدينة المنورة منذ عهد الرسول محمد، ومن أقرب الأماكن التاريخية إلى مبنى المسجد النبوي حاليًا، ويقع في مواجهة القسم الجنوبي الشرقي من سُوْرِه، وقد ضمت إليه أراضٍ مجاورة وبني حوله سور جديد مرتفع مكسو بالرخام. ولا تزال المقبرة قيد الاستخدام حتى الآن. وموضع البقيع يقصد به بقيع الغرقد المنسوب إلى شجر الغرقد وهو يختلف عن بقيع الزبير وبقيع الخيل وبقيع الخبجبة وبقيع الخضمات. وتبلغ مساحته الحالية مائة وثمانين ألف متر مربع؛ يضم بقيع الغرقد رفات الآلاف المؤلفة من أهل المدينة ومن توفي فيها من المجاورين والزائرين أو نقل جثمانهم على مدى العصور الماضية، وفي مقدمتهم الصحابة الكرام، ويروى أن عشرة آلاف صحابي دفنوا فيه، منهم ذو النورين عثمان بن عفان ثالث الخلفاء الراشدين وأمهات المؤمنين زوجات النبي محمد عدا خديجة وميمونة، كما دفن فيه ابنته فاطمة الزهراء، وابنه إبراهيم، وعم النبي العباس، وعمته صفية، وزوجته عائشة بنت أبي بكر الصديق، وحفيده الحسن بن علي، وكذلك بعض ذرية الحسين مثل علي بن الحسين ومحمد الباقر وجعفر الصادق.

نقشو

[سنواريو]
جنت البقيع
ٱلْبَقِيْع
Map

انگريزي

[سنواريو]

Jannat al-Baqī (Script error: The function "langx" does not exist., "The Baqi'", acw) is the oldest and first Islamic cemetery of Medina[5] located in the Hejazi[6] region of present-day Saudi Arabia. It is also known as Baqi al-Gharqad (Script error: The function "langx" does not exist., meaning "Baqiʿ of the Boxthorn").[5]

Al-Baqi is reportedly founded by Prophet Muhammad and serves as the burial place for many of his relatives and companions, establishing it as one of the two holiest cemeteries in Islamic tradition. Monuments and mosques built on or near al-Baqīʿ were demolished under the Emirate of Diriyah in 1806. After their reconstruction, they were again demolished in 1926 under the Sultanate of Nejd, in accordance with their Wahhabi interpretation of Islamic law regarding idolatry.[5] These demolitions were condemned across the Islamic world, but the Saudi government has rejected calls for reconstruction.[5]

تاريخ

[سنواريو]

جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن سيپٽمبر 622ع ۾ مڪي کان مديني ۾ پهتا ته البقيع هڪ خالي زمين هئي، جيڪا ڳاراٺي سان ڍڪيل هئي. تاريخي ريڪارڊ موجب، رسول الله ﷺ جي اچڻ کان پوءِ، مديني جا گهر البقيع جي ويجهو وڌيا، ان ڪري ان کي عوامي مقبرو سمجهيو ويندو هو. جهاڙين کي صاف ڪيو ويو ۽ جڳهه کي پاڪ ڪيو ويو ته مستقبل ۾ مسلمانن، جيڪي مديني ۾ مري ويندا، جو قبرستان آهي. ان کان علاوه، البقيع هڪ هنڌ جي طور تي متعارف ڪرايو ويو جنهن جي اوڀر طرف کجور جا وڻ ۽ ان جي اولهه طرف گهر هئا.

مڪي کان مديني ڏانهن هجرت کان پوءِ هن ٻن يتيم ٻارن کان خريد ڪئي ان جاءِ تي مسجد نبوي جي تعمير دوران، نبي ﷺ جي صحابه مان هڪ اسعد بن زراره فوت ٿي ويا. نبي ﷺ ان جاءِ کي قبرستان بڻائڻ لاءِ چونڊيو ۽ انصار ۾ اسعد ٻن زراره پهريان صحابي هئا، جنهن کي البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. جڏهن رسول الله ﷺ بدر جي جنگ ۾ مديني کان ٻاهر هئا ته سندس ڌيءَ رقيه بيمار ٿي پيئي ۽ سال 624ع ۾ وفات ڪيائين، کيس البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. رقيه اهل بيت مان پهرين هئي جنهن کي هن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. رسول الله جي بدر کان اچڻ کان ٿورو پوءِ عثمان بن مظعون 3 هجري (624/625ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. هن کي مهاجرن مان رسول الله جو پهريون صحابي سمجهيو ويندو آهي جنهن کي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. حضرت محمد ﷺ جن کي ”اسان مان آخرت ڏانهن وڃڻ وارو پهريون شخص“ به سڏيو ۽ هن ان جاءِ جو نالو، جتي عثمان بن مظعون دفن ٿيل آهن، "رواحة" رکيو.

جڏهن سندس ننڍو پٽ ابراهيم وفات ڪري ويو، ته رسول الله حڪم ڏنو ته کيس به اتي ئي دفن ڪيو وڃي. هن قبر کي پاڻي ڏنو ۽ ان جاءِ کي "زواره" سڏيو. سندس حڪم تي عمل ڪندي سندس ٻن ڌيئرن زينب ۽ ام ڪلثوم کي به عثمان بن مظعون جي قبر جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.

دفين

[سنواريو]

صحابه ۽ اهلبيت جيڪا جنت البقيع ۾ مدفون آهن

[سنواريو]

رسول الله ﷺ

نالو تعارف
رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا اهلبيت
عائشه بنت ابوبڪر

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي ٽين زال ۽ پهرين راشد خليفي ابوبڪر صديق (رضي الله عنه) جي ڌيء.
سيده فاطمه الزهره جنت جي عورتن جي سردار؛ رسول الله ﷺ جي ڌيءَ، زال علي (رضي الله عنه) ۽ حسن، حسين ۽ زينب (رضي الله عنهما) جي ماءُ.[7]
حفصه بنت عمر

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي چوٿين زال، ٻي راشد خليفي، عمر (رضي الله عنه) جي ڌيءَ (شادي: 625ع).
امام حسن جنت جي نوجوانن جو سردار؛ ٻيو امام؛ رسول الله ﷺ جو نواسو، فاطمه ۽ علي (رضي الله عنه) جو پٽ.
امام زين العابدين شيعن جو چوٿون امام، فاطمه ۽ علي (رضي الله عنهم) جو پوٽو، واحد بالغ مرد، جيڪو ڪربلا جي جنگ ۾ بچي ويو ڇاڪاڻ ته هو بيمار هو ۽ جنگ نه ڪري سگهيو.
امام باقر شيعن جو پنجون امام؛ علي زين العابدين ابن حسين جو پٽ.
امام جعفر صادق شيعن جو ڇهين امام؛ محمد باقر جو پٽ، اسلامي دنيا ۾ نامور سائنسدان ۽ استاد.
ابراهيم بن محمد ام المومنين، مريم قبطيہ کان رسول الله ﷺ جا پٽ، ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويا.
زينب بنت محمد رسول الله ﷺ جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي ڌيءَ، هوءَ امامه بنت ابي العاص جي ماءُ آهي.
رقيه بنت محمد رسول الله ﷺ جي ٻي ڌيءَ ۽ عثمان بن عفان (رضي الله عنه) جي زال.
ام ڪلثوم بنت محمد عثمان بن عفان جي زال، رسول الله ﷺ جي ٽين ڌيءَ، هن پنهنجي وڏي ڀيڻ (رقيه) جي وفات کان پوءِ عثمان (رضي الله عنه) سان شادي ڪئي.
عبدالله بن عثمان عثمان ۽ رقيه جو پٽ (620-625)، رسول الله ﷺ جو پهريون نواسو، ننڍي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
فاطمه بنت اسد رسول الله ﷺ جي چاچي ۽ علي (رضي الله عنه) جي ماءُ.
عبدالله بن جعفر جعفر طيار (رضي الله عنه) جو پٽ، علي جو ڀائٽيو، جيڪو علي (رضي الله عنه) جي ڌيءَ، زينب جو مڙس هو.
عباس ابن عبدالمطلب رسول الله ﷺ جو چاچو ۽ عبدالله ابن عباس (رضي الله عنه)، عظيم اسلامي اسڪالر ۽ مفسر قرآن، جو پيء.
لبابه بنت حارث ام المومنين سيده خديجه الڪبري جي سهيلي، اسلام قبول ڪندڙ ٻي عورت، سيدنا عباس بن عبدالمطلب جي زال هئي.
ام البنين سيده فاطمه الزهره (رضي الله عنها) جي وفات کان پوءِ علي (رضي الله عنه) سان شادي ڪئي ۽ هوءَ عباس بن علي جي ماءُ آهي ۽ سندس سڀ پٽ ڪربلا جي جنگ ۾ شهيد ٿيا.
صفيه بنت عبدالمطلب رسول الله ﷺ جي پڦي ۽ زبير بن العوام (رضي الله عنه) جي ماء.
عاتڪه بنت عبدالمطلب رسول الله ﷺ جي پڦي.
عقيل ابن ابي طالب علي (رضي الله عنه) جو وڏو ڀاءُ ۽ مسلم بن عقيل جو پيءُ.
سوده بنت زمعه

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي ٻي زال، ام المومنين، خديجه الڪبري (رضي الله عنها) جي وفات کان پوءِ ان سان شادي ڪيائين (شادي: 620ع).
زينب بنت خزيمه

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي پنجين زال (شادي: 625 يا 626ع)، هوءَ ام المساڪين (غريبن جي ماءُ) جي نالي سان پڻ مشهور آهي.
ام سلمه

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي ڇهين زال (شادي: 626ع).
زينب بنت جحش

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي ستين زال (شادي: 627ع) ، زيد بن حارثه (رضي الله عنه) سان شادي ڪئي پوء طلاق وٺي ۽ الله تعالي انهن جو نڪاح رسول الله ﷺ سان ڪيو.
جويريه بنت

حارث

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي اٺين زال (شادي: 628).
ام حبيبه

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي نائين زال (شادي: 628ع)، ابو سفيان بن حرب جي ڌيءَ، امير معاويه جي اڌ ڀيڻ.
صفيه بنت حئي

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي ڏهين زال، هوءَ هڪ يهودي قبيلي بنو نضير سان تعلق رکندي هئي، خيبر جي جنگ ۾ مسلمانن جي فتح کان پوءِ رسول الله ﷺ ان سان شادي ڪئي (م 628).
ماريه قبطيه

(ام المومنين)

رسول الله ﷺ جي آخري زال (628ع)، هوءَ هڪ مصري عورت هئي ۽ اسڪندريه جي هڪ عيسائي گورنر المقوقس طرفان 628ع ۾ محمد کي غلام جي حيثيت ۾ تحفي ۾ ڏني وئي هئي. انهن سان رسول الله ﷺ جو هڪ پٽ، ابراهيم (628ع) ڄائو، جيڪا ننڊ پڻ ۾ وفات ڪيائين.
رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا صحابه
حليمه سعديه ڍائي حليمه سعديه، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رضاعي ماء، جنهن رسول الله کي ننڊ پڻ ۾ پنهنجو کير پيارو.
عثمان بن عفان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا ابتدائي صحابي، ٽيون راشد خليفا (دور: 644-656ع) ۽ هو رسول الله جا داماد هئا، هن پنهنجي ڌيئرن مان ٻن (رقيه ۽ ام ڪلثوم) جي عثمان سان شادي ڪئي، کيس عزت وارو لقب ذو النورين (ٻه روشنيون جو مالڪ) ڏنو ويو.[8][9]
عبدالله ابن مسعود رسول الله ﷺ جا هڪ مشهور صحابي، اسلامي روايت کيس قرآن جو عظيم ترين مفسر قرار ڏئي ٿي ۽ هن ڪيترن ئي قرآن ۽ حديث جي عالمن کي متاثر ڪيو.
ابو هريره ابو هريره رسول الله ﷺ جا صحابي، هو حديث جو سڀ کان وڏو راوي آهي. هن جو شمار ڪثرت سان حديث بيان ڪرڻ وارن ۾ ٿئي ٿو.
اسعد ٻن زراره اسعد بن زراره مديني جا پهريان قبائلي سردار هئا جيڪا اسلام قبول ڪيائين ۽ هن جنت البقيع ۾ دفن ٿين وارا پهريان صحابي هئا.
خنيس بن حذافه هي صحابي رسول الله صلي الله جي هجرت ۽ مديني آمد کانپوء ڪجهه مهينن بعد نوجواني ۾ وفات ڪيائين.
عثمان بن مظعون عثمان بن مظعون مهاجر صحابه ۾ پهريان هئا جيڪا جنت البقيع ۾ دفن ٿيا.
سعد ابن معاذ سعد بن معاذ قبيلي بنو اوس جا سردار هئا. خندق جي جنگ ۾ شديد زخمي ٿيا ۽ يهودين (قريظه) جو فيصلو ڪرڻ کانپوء شهادت جي رتبي تي فائز ٿيا.
ابو سعيد خدري ابو سعيد الخدري جو شمار ڪثرت سان حديث بيان ڪرڻ وارن ۾ ٿئي ٿو ۽ هن نوجواني ۾ جهاد ۾ حصو ورتو.

ٻين مسلم شخصيتون

[سنواريو]
  • محمد حيات السنڌي، حديث جا عالم
  • امام شامل، مسلمان اڳواڻ ۽ قفقاز کان آزادي جي جنگجو.
  • محمد سيد طنطاوي، عالم
  • ادريس السنوسي، لبيا جو بادشاهه.
  • حسن السنوسي، ليبيا جو ولي عهد.
  • محمد ذڪريا ڪانڌلوي، عالم ۽ فضائل اعمال جو مرتب ڪندڙ
  • رفيع الدين ديوبندي، دارالعلوم ديوبند جو وائيس چانسلر.
  • بدر عالم ميرٺي، فيض الباري الصحيح البخاري جو مرتب ڪندڙ.
  • سلطان عبدالمجيد ثاني: آخري عثماني خليفو ۽ عثمان اوغلو خاندان جو سربراهه (1926-1944).
  • محمد ادريس: هو هڪ سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ لبيا جو بادشاهه هو (1952-1969).
  • زين العابدين بن علي: هو هڪ تيونس جو سياستدان هو جنهن تيونس جو ٻيو صدر (1987-2011) رهيو.

گيليري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • جنت المعلاء (مڪي جو قبرستان)
  • باب الصغير جو قبرستان
  • اسلام جا مقدس ترين ماڳ

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

24°28′02″N 39°36′58″E / 24.4672°N 39.616°E / 24.4672; 39.616

حوالا

[سنواريو]
  1. العربية - "البقيع" أشهر مقابر العالم الإسلامي وتحوي رفات 10 آلاف صحابي آرڪائيو ڪيا ويا 26 October 2017[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. سانچو:EI3
  3. Hopkins, Daniel J.; 편집부 (2001). Merriam-Webster's Geographical Dictionary. Merriam-Webster. p. 479. ISBN 0-87779-546-0. https://books.google.com/books?id=Co_VIPIJerIC&pg=PA479. Retrieved 17 March 2013.
  4. سانچو:EI3
  5. 1 2 3 4 5 6 7 8 سانچو:EI3
  6. 1 2 Hopkins, Daniel J.; 편집부 (2001). Merriam-Webster's Geographical Dictionary. Merriam-Webster. p. 479. ISBN 0-87779-546-0. https://books.google.com/books?id=Co_VIPIJerIC&pg=PA479. Retrieved 17 March 2013.
  7. Lady Fatima آرڪائيو ڪيا ويا 11 September 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Islamic Insight, Accessed 1 September 2012.
  8. "Al Baqi Cemetery", Al-Mustafa International University (ٻولي ۾ انگريزي), اصل کان 7 November 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 June 2017۔
  9. "History of the Cemetery Of Jannat Al-Baqi", Al-Islam.org (ٻولي ۾ انگريزي), 23 December 2013, اصل کان 10 April 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 June 2017۔