حديث

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

حديث اسلام جو بنيادي جز آهي, جنهن کانسواءِ قرآن مجيد جي تشريع نٿي ٿي سگهي، هر اهو قول جيڪو حضرت محمد ﷺ فرمايو ان کي حديث چيو ويندو آهي.

حديث ۽ سنت ۾ فرق[سنواريو]

عرب جا ماڻهو سنت کي طريقو ڪار يا رستي جي نالي سان سڃاڻندا آهن.حضرت محمد صه جو طور ء طريقو سنت جي ضمري ۾ ايندو آهي ء حديث سان مراد حجھرت محمد صه جو چوڻ حديث آهي.

حديث جا درجا[سنواريو]

مُحَدثن جي اصطلاح موجب هر حديث کي جُدا جُدا مقام ۽ مرتبو آهي جن کي حاصل ڪري چڱيءَ طرح ڇاڻڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اُن تي نالا رکيا ويا ۽ آخر ۾ مُحدثن ان حديثن کي گڏ ڪري مُتفقه طور تي 6 ڪتابن جي نالي سان پيش ڪري اُمت اسلاميا اڳيان آندو جيئن مُسلم قوم کي نبي سائين صلي الله عليه وسلم ڪوٺيل (شرڪ و بدعت) کان بچائي سگهجي.

حديثن جا ڪلاس[سنواريو]

مُحدثن پُوري دُنيا مان حديثون گڏ ڪري هُنن کي هن ريت ڪلاسيفائيڊ ڪيو ويو آهي. [1]


1. حديث مرفوع[سنواريو]

اهڙي حديث جن کي اصحاب سڳورن نبي سائين (صلعم) جن جو نالو وٺي بيان ڪيو آهي.

2. حديث موقوف[سنواريو]

اهڙيون حديثون جن کي اصحاب سڳورن، نبي سائين (صلعم) جن جو نالو وٺڻ کان سواءِ بيان ڪيو يا پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.


3. حديث آحاد[سنواريو]

اهڙيون حديثون جنهن جي روايت ڪندڙ (راوي) تعداد ۾ متواتر حديث جي راوين کان گهٽ هُجن. اهڙين حديثن جا به ٽي قسم آهن.


1. آحاد مشهور[سنواريو]

جنهن جا راوي گهٽ ۾ گهٽ ٽي رهيا هُجن.

2. آحاد عزيز[سنواريو]

جنهن جا راوي گهٽ ۾ گهٽ 2 رهيا هُجن.


3. آحاد غريب[سنواريو]

جنهن حديث جو راوي هڪ هُجي.


4. حديث متواتر[سنواريو]

جنهن حديث جا راوي هر زماني ۾ ايترا هُجن، جن جو ڪُوڙ تي گڏ ٿيڻ ممڪن نه هُجي.

5. حديث مقبول[سنواريو]

جنهن حديث جي روايت ڪندڙن (راوين) جي ايمانداري (ديانت) ۽ سچائي تسليم ٿيل هُجي. هن حديث جا به 2 قسم آهن. هڪ حسن ۽ ٻيو صحيح.

1.مقبول حسن[سنواريو]

جنهن حديث جا راوي صحيح حديث جي راوين جي مُقابلي ۾ حافظي ۾ گهٽ هُجن باقي شرط اُهي هُجن.

2. مقبول صحيح[سنواريو]

جنهن حديث جا سڀ راوي، هر زماني ۽ هر دئور ۾ ثقه (قابل اعتماد)، پرهيزگار، قابل اعتبار حافظي جا مالڪ هُجن.


حديث ضعيف[سنواريو]

جيڪا حديث صحيح ۽ حسن جي شرطن مطابق پوري نه ايندي هُجي، جنهنجو ڪو راوي ساقط (غير مطعون (مورد الزام) هُجي. ضعيف حيثن جي به 8 حصن ۾ درجا بندي ڪيل آهي.

1. ضعيف معلق[سنواريو]

جنهن حديث جو هڪ يا سڀ راوي شروع واري سَنَد حذف ڪري ڇڏين ، يعني ڪيرائي ڇڏين.

2. ضعيف منقطع[سنواريو]

جنهن حديث ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ راوي مُختلف هنڌن تي ساقط هُجن.

3. ضعيف مرسل[سنواريو]

جنهن حديث جو راوي آخر ۾ ساقط هُجي يعني تابعي کان پوءِ صحابيءَ جو نالو نه هُجي.

4. ضعيف معضل[سنواريو]

جنهن حديث ۾ 2 يا ٻن کان وڌيڪ گڏ راوي سَنَد جي وچ ۾ حذف (ڪِريل) هجن.

5. ضعف موضوع[سنواريو]

جنهن حديث جي راويءَ جو حديث جي معاملي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ثابت هُجي.

6. ضعيف متروڪ[سنواريو]

جنهن حديث جي راويءَ تي رُڳو ڪوڙ جي تُهمت هُجي، ليڪن حديث جي معاملي ۾ ڪوڙ ثابت نه هُجي.

7. ضعيف شاذ[سنواريو]

جنهن حديث ۾ هڪ ثقه رواوي پاڻ کان وڌيڪ ثقه راوي ۽ ضابطي جي مخالفت ڪري.

8. ضعيف مُنڪر[سنواريو]

جنهن حديث جو راوي فاسق يا بدعتي هُجي.

ٻنهي حالتن ۾ صبر[سنواريو]

حديث سڳوري ۾ آهي ته رسول الله ﷺجن فرمايو:

عجبت من قضاء اللہ عزوجل للمؤمن ان اصابہ خیر حمد ربہ و شکر وان اصابتہ مصیبۃ حمد ربہ و صبر المومن یوجر فی کل شئ۔ (مسند الامام احمد بن حنبل 1-137)

”يعني مؤمن جي معاملي ۾ الله جو فيصلو ڪيڏو نه عجيب آهي. جڏهن کيس ڀلائي ملي ٿي ته ساراهه ڪندو آهي ۽ شڪر ڪندو آهي ۽ جڏهن مٿس ڪا مصيبت ڪڙڪندي آهي ته به اهو ساراهه ڪندو آهي ۽ صبر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح مؤمن کي هرشيءِ ۾ اجر ملندو رهندو آهي.“

حديث قدسي آهي، الله تعاليٰ فرمايو: اذا ابتلیت عبدی بحبیبتیہ فصبر عوضہ منھماالجنة (فتح الباري بشرح البخاري: 10-12)

”يعني الله تعاليٰ فرمايو ته، جڏهن مان پنهنجي ڪنهن ٻانهي (بندي) کي، ٻن محبوب شين سان آزمائيندو آهيان ۽ هو ان تي صبر ڪندو آهي ته مان ان کي ان جي بدلي ۾ جنت ڏئي ڇڏيندو آهيان.“ [2] [3]

  1. http://islamhouse.com/ur/books/395885/
  2. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=307
  3. ڪتاب:انسانيت جي تعمير، مولانا وحيد الدين خان