مواد ڏانھن هلو

عبدالمطلب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالمطلب
عَبْد ٱلْمُطَّلِب (عربي)
قريش جا سردار
497ع کان 578ع (81 سال)
پيشرو هاشم ابن عبد مناف
جانشين ابو طالب ابن عبدالمطلب
جيون ساٿي
  • سميرا بنت جندب
  • لبنيٰ بنت حجر
  • فاطمه بنت عمرو
  • هاله بنت وهيب
  • نطيله بنت جناب
  • ميمونه بنت عمرو
نسل پٽ:
  • حارث (سميره سان)
  • ابو طالب(فاطمه سان)
  • زبير (فاطمه سان)
  • عبدالله (فاطمه سان)
  • عبدالعزيٰ، ابو لھب (لبنيٰ سان)
  • عباس (نطيله سان)
  • حمزه (هاله سان)
  • حجل (هاله سان)
  • المقوم (هاله سان)
    ڌيئرون:
  • ام حڪيم (فاطمه سان)
  • بره (فاطمه سان)
  • ارويٰ (فاطمه سان)
  • عاتڪه (فاطمه سان)
  • اميمه (فاطمه سان)
  • صفيه (هاله سان)
عربي عَبْد ٱلْمُطَّلِب
شَيْبَة بْن هَاشِم
گهراڻو بنو هاشم
پيءُ هاشم بن عبد مناف
ماءُ سلميٰ بنت عمرو
جنم شيبه بن هاشم (عربي: شَيْبَة بْن هَاشِم) جي نالي سان، سال 481 عيسوي (اندازو) ۾ يثرب، حجاز، عربستان (هاڻوڪي مدينه منوره، سعودي عرب ۾)
لاڏاڻو سال 578ع، 97 سال جي ڄمار ۾ مڪه المڪرمه، حجاز ((هاڻوڪي سعودي عرب ۾)
تدفين جنت المعليٰ، مڪه المڪرمه

عبدالمطلب، (اصل نالو: شيبه بن هاشم؛ عربي:شَيْبة بْن هاشِم؛ 481ع-578ع)، جيڪا پنهنجي عرفيت، عبدالمطلب سان سڃاڻا ويندا آهن، محمد ﷺ جا ڏاڏا ۽ مڪي جي قريشي قبائلي اتحاد جا چوٿا سردار (قصي، عبد مناف ۽ هاشم کانپوء)، سال 481ع (اندازو) ۾ مديني ۾ ڄائيا هئا.[1]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

بنو هاشم جي سرداري

[سنواريو]

زم زم جي کوهه جي دريافت

[سنواريو]

عام الفيل (هاٿين جو سال)

[سنواريو]

عبدالله جي قرباني

[سنواريو]

خاندان

[سنواريو]

وفات

[سنواريو]

ورثو

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • ابراهيم عليه السلام
  • بي بي هاجره
  • اسماعيل عليه السلام
  • قصي بن ڪلاب
  • امنه بنت وهب

ڪنيت

[سنواريو]

عبدالمطلب جي ڪُنيت (ابو حارث ۽ ابو البطحا) هُئي۔ (؟)

حليو

[سنواريو]

هو تمام خوبصورت، قد جا ڊگها، دانشور ۽ فصاحت و بلاغت ۾ مشهور هُئا۔

مذهب

[سنواريو]

هُو (دين ابراهيم ع) موجب عبادت ڪندڙ هُئا.(؟)رمضان جو پورو مهينو (ڪوه حرا) تي گُذاريندا هُئا.(؟)

اخلاق

[سنواريو]

غريبن، مسڪينن، ايستائين جو جهنگلي جانورن ۽ پکين کي خوراڪ کارائيندا هُئا.

حرام کان پرهيز

[سنواريو]

هُو شراب پيئڻ، مُحرم عورتن سان نڪاح ڪرڻ، ڇوڪرين کي جيئرو دفن ڪرڻ خلاف هُئا.

عزت ۽ مقام

[سنواريو]

حطيم ۾ سندن ويهڻ لاءِ هڪ غالچو وڇايو ويندو هو۔ جنهن ته ساڻن علاوه ڪير به نه ويهندو هو.

اولاد

[سنواريو]

عبدالمطلب جي ٻاره پُٽن مان پنج پُٽ جن اسلام ِيا ڪُفر جي خصوصيتن جي ڪري شهرت ورتا، اها آهن؛

ٻين پُٽن جا نالا اها ها؛

  • الحارث (سڀ کان وڏا، بدر جي جنگ ۾ شهيد ٿيئن واري سوٽ، عبيده ابن الحارث رضي الله عنه جا پئي)
  • زُبير
  • مقوم
  • حجل
  • ضرار
  • قُثم
  • عبدالڪعبه
  • عيداق[2]

آب زم زم جي تلاش

[سنواريو]

عبد المطلب، جيئن ته شيبه جي پرورش سندس چاچي مطلب ڪئي اُن ڪري اُن نسبت سان سندس نالو عبدالمطلب (مطلب جو غلام) پئجي ويو. سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو ته زم زم جو کوهه، جيڪو هڪ مُدت اڳ پهرئين واري، ۾ دفن ٿي گُم ٿي ويو هو، پاڻ انهن جي کوج ڪئي ۽ کوهه کوٽارائي اُن کي نئي نموني جاري ڪرايو.[3]۔

عبدالمطلب جي منت

[سنواريو]

عبدالمطلب منت مڃي هُئي ته ڏه پُٽ پنهنجي سامهون جوان ڏسندا ته هڪ پُٽ الله جي راه ۾ قربان ڪري ڇڏيندو۔ اها آرزو پوري ٿي ته ڏه ئي پُٽن کي وٺي ڪعبي ۾ آيا ۽ ڪعبي جي پُڄاري کان قرعه ڪڍايو، اتفاق سان قرعه ۾ عبدالله جو نالو آيو۔ عبدالله جون ڀينرون رُئڻ لڳيون ته سندس بدلي ۾ ڏه اُٺ قربان ڪجن۔ وري ٻيهر قرع اندازي شروع ڪرائي وئي پر وري به عبدالله جو نالو نڪري آيو۔ هاڻ عبدالمطلب ڏه جي بدران ويهه اُٺ قربان ڪرڻ تي تيار ٿي ويو ۽ وري وري قرع اندازي ٿيڻ لڳي ۽ بار بار عبدالله جو نالو قرع ۾ نڪتو ايستائين جو اُٺن جو تعداد سو تي پُهچي ويو۔ پو اُٺن تي قرع ڪڍيو ويو ۽ اهو اُٺن تي نڪري آيو ۽ ائين سو اُٺ قربان ڪرڻ سان عبدالله بچي ويو۔(هي واقدي جي روايت آهي) ابن اسحاق جو بيان آهي ته اُٺن جي بدلي تي تجويز قريش جي رئيس جي تدبير هُئي[4]۔

وفات

[سنواريو]

سندن وفات جڏهن پيغمبر صلي الله عليه وسلم جي عمر ڇهه سال هئي، 578 عيسوي (578ء يا 579ء) ۾ ٿي (ساڳئي سال جن ۾ نوشيروان عادل، فارس جي بادشاهه جو انتقال ٿيو هُيو).

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]