مسجد قبا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاريخ[سنواريو]

پيغمبر اسلام کي جڏھن رب پاڪ طرفان ھجرت جو حڪم ٿيو ته نبوت جو تيرھون سال ھو. 12 سيپٽمبر 622ء تي رات جي وقت حضور اڪرم ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق جن کي پاڻ سان گڏ وٺي مڪي معظم کان غار ثور ڏي روانا ٿيا. ڪافرن جي حملي کان بچڻ لاءِ پاڻ ٽي راتيون ان غار ۾ لڪل رھيا. ٽن راتين کانپوءِ پاڻ مديني شريف روانا ٿيا ۽ 23 سيپٽمبر 622ء تي قبا پھتا. جتان مدينو منوره فقط ٽي ميل پنڌ تي ھو. قبا ۾ حضرت عمرو بن عوف کي حضور ﷺ جن جي مھمان نوازيءَ جو شرف حاصل ٿيو.


قرآن ۾ مسجد جو ذڪر[سنواريو]

پا ڻ ڪجهه ڏينهن ھتي رھي پيا ۽ مسجد ٺھرايائون، جيڪا مسجد قبا جي نالي سان سڏجي ٿي. مديني شريف ۾ اسلام جي ھيءَ پھرين مسجد ھئي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ سورھ التوبة جي 108 آيت ۾ ھن مسجد جو بيان ھن طرح فرمايو آھي:

ترجمو:

”اھا مسجد جنهن جو بنياد روز اول کان ئي تقويٰ تي رکيو ويو، ان ڳالهه جي زياده حقدار آھي ته تون ان ۾ اٿي بيهه“.[1]

مسجد قبا جي فضيلت[سنواريو]

اسلام ۾ ھن مسجد جي وڏي فضيلت آئي آھي. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”ھن مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪرڻ جو ثواب ھڪ عمري جي ثواب برابر آھي“. ان ڪري مديني جي زيارت ڪرڻ وارا مسجد قبا ۾ به وڃن ٿا. جتي نفل ادا ڪري دعائون گھرن ٿا.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]