قصي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قصي
معلومات شخصيت
تاريخ ڄم 1 جنوري 400  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت سال 480 (79–80 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ٻار عبدالمناف  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو واپاري  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

پنجين صدي عيسوي ۾ هڪ بزرگ فهر جي نسل مان ٿي گزريو آهي جنهن جو نالو قصي آهي. علامه شبلي نعماني لکي ٿي تو ته ان قصي کي قريش ئي چئبو آهي.پر حقيقت ۾ قصي جو اصل نالو زيد ء ڪنيت ابولمغيره هئي.سندن والد جو نالو ڪلاب ۽ ماءُ جو نالو فاطمه بنت سعد هو ۽ زال جو نالو عاتڪه بنت خالڪ بن ليڪ هو.

مزاج[سنواريو]

قصي هڪ نامور، بلند ،حوصلامند ، جوان مرد ۽ زبردست بزرگ هو. اوهان ڏاڍي عزت ۽ مقام حاصل ڪيو اوهين سخي ۽ دلير هيا.

ڪعبي جي نگهباني[سنواريو]

اوهان جي هڪ زال خليل خزائي هئي. خليل بنو خزاع جو سردار هيو اوهان وفات جي وقت ڪعبي جي سار سنبهال لاءِ ڪعبي جي وراثت حبسي کي ڏيڻ چاهي پر حبسي بيمار هجڻ جي ڪري ان ڪم کان منع ڪئي، پوءِ سردار ڪعبي کي سندس هڪ رشتيدار ابوخبثان کي ڏنائين.جنهن کا قصي مال ۽ دولت ڏئي ڪعبي کي پنهنجي وراثت ۾ آندو.هن ريت قصي بن ڪلاب هڪ عظيم شهرت جو مالڪ بنجي ويو.

سماجي خدمتون[سنواريو]

اوهان هڪ پاڻي جو کوھ بنايو جنهن جو نالو عجول هيو.اوهان خانه ڪعبه جي مرمت ڪرائي ۽ دالندوه بڻائي.

وفات[سنواريو]

اوهان جي وفات جو سن 480 عيسوي آهي.سندن جي مزار مقام حجون ۾ آهي.

اولاد[سنواريو]

اوهان جا 6 پٽ هيا جنهن ۾ وڏو عبدالدار ۽ سڀن کان لائق عبدالمناف هيو.

عزت جو سبب[سنواريو]

قصي نه نبي هيو نه امام پر اوهان جي عزت جو سبب نور محمد هجڻ جي ڪري اوهان کي آسمان ۽ زمين ۾ عزت ء فضيلت ملي.

حوالو[سنواريو]

ڪتاب چوڏه تارا صفحو نمبر 36 ڏسندا