تقدير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
تقدير, الفونس مونشا نالي پينٽر جي تصوير

تقدير يا لکيو يا قسمت(انگريزي: Fate يا Destiny ) تقدير اھڙي طاقت آهي جيڪا ھڪ خيال مطابق دنيا جي اندر ٿيندڙ واقعن جو اڳواٽ تعين ڪري ٿي[1]. اھا حادثي ۽ موقعي واري خيال کي رد ڪري ٿي ۽ اڪثر ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ماڻھن جي قسمت سمجھيو ويندو آھي[1]. تقديري جبريت ھڪ عقيدو آهي جنھن مطابق تقدير جا مقرر ڪيل واقعن اڏو انسان بي وس آھي ٻين لفظن انسان پنھنجي يا ٻين جي تقدير کي تبديل نہ ٿو ڪري سگهي[2].

قديم مذھبن ۾ تقدير[سنواريو]

قديم ميسوپوٽاميا ۾ ماڻھن جو خيال هو تہ قسمت انھن ديوتائن جي ھٿ ۾ آهي جن جي خدمت لاء انسانن کي پيدا ڪيو ويو ھو[1]. قديم يونان م تقدير کي ٽن عورتن جي صورت ۾ ڏيکاريو ويو ھو يا چيو ويندو ھو تہ قسمت زيوس ديوتا جي ھٿ وس ھئي[1]. قديم سميري ۾ ماڻھو. جي قسمت لاء خدائي تقدير جو عقيدو ھيو[3]بابل جي مذھب جي عقيدي ۾ نابو ديوتا لکت جو ديوتا ھيو ۽ اھا انساني تقدير اڪريندو ھو[4] جيڪا اشوري ۽ بابلي مندرن وارا ديوتا، خاص طور تي انوناڪي ديوتا، انسانن سان منصوب ڪندا ھئا[5].

عيسائيت ۾ تقدير[سنواريو]

عيسائي مفڪرن تقدير متعلق قديم خيالن جي نئين سر تشريح ڪندي کين خدائي ڪارسازي (Divine Providance) سان ملايو جنھن ۾ انسان کي بہ چڱي ۽ بري وچ ۾ چونڊ ڪڻ جو اختيار پڻ ڏيکاريو ويو[1]. عيسائي دينيات خدا جي قدرت کي انساني آزاد اختيار سان ٺھڪندڙ عقيدي جي حق ۾ مصروف رھي آھي[1].

اسلام ۾ تقدير[سنواريو]

اسلام کي اڪثر جبريت واري مذھب طور پيش ڪيو ويو آهي. خدا جي جوڙيل تقدير ۽ انساني اختيار جي آزادي متعلق مسلمانن ۾ ٻہ مختلف فڪري رجحانن فروغ ورتو[1]. انھن ۾ ھڪ خيال تقديري جبريت جو آھي ۽ ٻيو خيال انساني اختيار وارو آھي. ان موضوع تي مسلمانن جي انھن پاڻ ۾ ٽڪرائجندڙ فڪري رجحانن جا بنياد قرآن جي آيتن ۾ آھن جن ذريعي اھي پنھنجي پنھنجي موقف جي حمايت ڪن ٿا[1]. خدا جي اڻ مٽ شان ۽ قدرت تي قرآن ٻڌائي ٿو تہ:

.... الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي گمراھ ۽ جنھن لاء وڻيس تنھن کي ھدايت ڏئي ٿو

— سورة ابراهيم، 4، [1]

۽ اھو تہ:

....۽ جڏهن ڪوئي ڪم ڪندو آهي تڏھن ان کي رڳو چوندو آهي ته ٿيءُ، تہ اھو ٿي پوندو آهي

— سورة البقرہ، 117، [1]

انھن آيتن جي بنياد تي ھڪڙي خيال وارا دليل ڏيندا آهن تہ ماڻھن سان واقع ٿيندڙ ھر ڀلو يا برو خدا طرفان طئي ٿيل آهي[1]. اھو خيال مشھور عربي فقري انشاءالله (جيڪڏهن الله ايئن چاھيو تہ) مان پڻ ظاھر ٿئي ٿو جيڪو مسلمان ھر مستقبل ۾ ٿيندڙ سرگرمي رٿڻ وقت چوندو آهي[1]. ھڪ ٻي آيت ۾ قرآن چئي ٿو تہ:

(اي پيغمبر!) چؤ تہ جيڪي الله اسان لاء لکيو آهي تنھن کانسواء ٻيو ڪجھ اسان کي ڪڏھن نہ پھچندو، ....

— التوبہ، 51، [1]

ان فڪر وارن مسلمانن مطابق اھا آيت ٻڌائي ٿي تہ انساني تقدير ھڪ خدائي ڪتاب يا ڪتبي ۾ اڳواٽ لکي وئي آهي[1]. قرآن ٻڌائي ٿو ته ھر پيدا ڪيل چيز جي وجود جو ھڪ مدو مقرر ڪيل آھي جنھن کي اجل سڏيو ويو آهي. ايتري قدر جو ماڻھن جو موت بہ مقرر ٿيل آهي[1][6]. خدا پاران ھر واقعي يآ ھر چيز جي اڳواٽ مقرر يا طئي ڪرڻ وارو خيال سني دينيات جو ۽ خاص طور تي اشعري مڪتبه فڪر جو عقيدو آهي جنھن کي اسلام جي شروعاتي دؤر جي حاڪمن کان پڻ مڃتا مليل ھئي جيڪي پنھنجي اخلاقي ڪمزورين باوجود ان خيال سان پنھنجي اقتدار کي ان دليل سان تحفظ ڏئي رھيا ھيا تہ اھو اقتدار کين خدا جو عطا ڪيل آھي[1]. غير جبريت پسند آزاد اختيار جا حامين انسانن کي پنھنجي زندگي گذارڻ ۽ پنھجي قسمت پاڻ ٺاھڻ جي وڏي ذميداري رکي آھي[1]. ان خيال وارا پڻ دليل طور قرآن جون کوڙ آيتون ٻڌائندا آھن جن ۾ خدا جي حتمي فيصلي جي ڳالھ ڪيل آھي ۽ اھو پڻ ٻڌايل آهي تہ خدا جو اھو فيصلو تڏهن ٿيندو جڏهن انسان تقدير جي بدران پنھنجي اختيار سان نيڪ يا گنھگار ٿيندو[1]. ھڪ آيت مطابق فرمايو ويو آهي تہ:

۽ چؤ تہ (اھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل ) سچ آهي، پوء جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي، ۽ جنھن کي وڻي سو نہ مڃي. اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي.... بيشڪ جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تہ جنھن چڱو ڪم ڪيو آهي تنھن جو اجر اسين نه وڃائيندا سون.

— الڪھف، 29,30، [1]

خواجه حسن بصري (وفات:728ع) انساني اختيار واري خيال جو حامي هو[1]. ھن بنو اميه جي 685ع کان 705ع تائين خليفي رھندڙ عبدالملڪ بن مروان کي ان خيال جي سمجھائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ھئي[1]. سندس دليل اھو ھو تہ خدا صرف نيڪي جو حڪم ڏنو آهي ۽ بدي انسانن ۽ شيطان جي ڪري ٿيندي آهي[1]. عراق ، شام، عربستان، يمن ۾ ھن جھڙا ٻيا ھن سميت قادري سڏيا ويندا آھن[1]. قادري جو مطلب اھي ماڻھو آھن جيڪي انسان جي خوداراديت واري خيال جا حامي آهن[1]. اسلامي مذھبي فڪر ۾ ان شروعاتي رجحان اسلامي دين ۾ متعزلي روايت کي فروغ ڏنو ۽ سني دين جي اشعري مڪتبه فڪر جي رد ۾ شيعن جي دين ۾ عقليت پسند فڪر جي قيام جو سبب بڻيو[1]. اوڻوھين صدي کان وٺي مستشرقن، عيسائي مشنري، اتر آمريڪا ۽ يورپ جي سياحن مطابق بيمارين جي سببن ۽ بدقسمتي واري تقدير جي جبريت وارو خيال مسلمانن جي عام ھئي[1]. انھن مطابق ڪجھ مسلمانن صحت جي انتھائي لازمي سنڀال کان اھو چئي انڪار ڪيو ته مريض جي قسمت خدا جي وس ۾ ھوندي آھي[1]. تقديري جبريت جي اھڙي عقيدي باوجود مسلمان معاشري ۾ مرضن جا علاج ڳوليا ويا پر جڏھن اميد ختم ٿي ويندي ھئي تہ ان تقديري جبريت کي قبول ڪيو ويندو ھيو[1]. اھا بہ حقيقت آهي ته مسلانن ۾ سعودي عرب جي وھابين وانگر قدامت پسند تقديري جبريت وارا خيال غالب ھجڻ باوجود اھو نہ وسارڻ گھرجي تہ اسلام جي وچولي دؤر واري تھذيبن ۾ طب جي سائنس جو سڀ کان گھڻو استعمال ٿيندو ھو[1]. ھاڻوڪي دؤر ۾ جديد اسلامي اصلاح پسند مسلم دنيا ۾ آزاد اختيار واري فڪر کي فروغ ڏئي رھيا آھن جن جي خيالن سان سني اسلام جي اشعري مڪتبه فڪر جي ٺاھيل تقديري جبريت جي قدامت پسند خيال جي گرفت ڪمزور ٿي رھي آھي ۽ مسلمانن ۾ مثبت ترقي پسند سوچ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي[1].

تقدير ۽ ادب[سنواريو]

تقدير ۽تدبير- ٻئي عام اصطلاح آهن. تقدير، قدرت تي ڀاڙڻ جوتصور آهي ۽ تدبير انساني عمل جي مترادف آهي.يوناني ادب ۾ عام طور چيو ويندو هو ته انسان جي ڀوڳنا سندس تقدير جي ڪري آهي. اڳتي هلي شڪسپيئر جي ڊرامن ذريعي فلسفو تبديل ٿيو ته انسان جي سزا جو نصيب سندس عمل آهن.تقدير جو فلسفو صدين کان ڊرامن، ناولن ۽ ڪهاڻين جو موضوع رهيو آهي. [7]

فلسفو[سنواريو]

رواقي (انگريزي: Stoic ) عقيدي م خدائي تقديري جبريت وارو نظريو موجود ھيو. رواقي عقيدو فلاسافر زينو رواقي (انگريزي: Zeno of Citium ) جي نالي سان منصوب آھي. ايپيڪيورين فلسفو ان خدائي تقديري جبريت جي نفي ڪندڙ ھو. ان مطابق جيستائين انسان جا عمل ارادي وارا آھن تيستائين اھي معقول آھن.[8]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 1.22 1.23 1.24 1.25 1.26 1.27 1.28 1.29 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 228,229
  2. Lisa Raphals (4 October 2003). Philosophy East and West (Volume 53 ed.). University of Hawai'i Press. pp. 537–574.-
  3. Wilson, Kenneth M., Augustine's Conversion from Traditional Free Choice to "Non-free Free Will": A Comprehensive Methodology, Tuebingen, Germany: Mohr Siebeck GmbH & Co, صفحو. 36, ISBN 978-3-16-155753-8 
  4. "Nabu". Encyclopedia Britannica. وقت 2 July 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  5. Leick, Gwendolyn, A Dictionary of Ancient Near Eastern Mythology, New York City, New York: Routledge, صفحو. 8, ISBN 0-415-19811-9 
  6. (القرآن 6:2, 39:42, 40:68)
  7. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  8. Karamanolis, George E. (2000). Vol. 1 of Encyclopedia of Greece and the Hellenic Tradition. Chicago, Illinois: Fitzroy Dearborn. pp. 610–611.