قريش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حجاز ۾ عرب جي معزز قبيلن منجهان قريش جو قبيلو سڀ کان وڌيڪ مانائتو ليکيو ويندو هو. پيغمبر جو پڙ ڏاڏو قصي بن قلاب حرمِ خدا (ڪعبي) جو متولي هو. قريش ڪيترن ئي نکن ۾ ورهائجي ويا هئا. انهن سڀني منجهان بني هاشم سڀني کان وڌيڪ وڏي رُتبي وارا هئا. حضرت هاشم بلند مرتبي وارو، ڏاهو ۽ مڪي وارن ۾ آبرو وارو سمجهيو ويندو هئو. پاڻَ مڪي جي رهواسين جي ڪم اچڻ ۽ سندن زندگي سولي ۽ سُکي بڻائڻ لاءِ سياري توڙي اونهاري ۾ واپار جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو.ان خدمت جي عيوض اتان وارن کين سيد جي لقب سان نوازيو ۽ ان ئي بنياد تي هاشم ۽ پيغمبر جي اولاد کي سيد سڏيو وڃي ٿو.

هاشم کان پوءِ مطلب ۽ مطلب کان پوءِ عبدالمطلب، هاشم جا پٽ قريش جا اڳواڻ ٿيا. عبدالمطلب جي شخصيت مانائتي هئي، انهن جي ئي زماني ۾ ابرهه ڪعبي تي حملو ڪيو ۽ پاڻ تباهه ٿي ويو، جنهن ڪري عبدالمطلب جي عظمت هٿئون وڌي وئي. پاڻ پنهنجي پٽ عبدالله سان گهڻو پيار ڪندا هئا. چوويهه ورهين جي ڄمار ۾ عبدالله جي شادي شريف نينگري آمنه سان ٿي.

بيبي آمنه کي عام الفيل جي واقعي کان ٻه مهينا پوءِ هڪ فرزند ڄايو، جنهن جو نالو محمد رکيو ويو. پاڻ سڳورن جي ولادت کان اڳ ئي سندن بابي سائينءَ (حضرت عبدالله) جو انتقال ٿي ويو ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ سندن جيجل امڙ جو سايو به سر تي نه رهيو، ۽ پاڻ سڳورن کي سندن ڏاڏي سائين حضرت عبدالمطلب پنهنجي سنڀال ۾ ورتو.

سائڻ خديجه جي شڪم مان سائڻ فاطمہتولد ٿيون ۽ امت اسلام(شیعہ امامت) جا سڀئي معصوم رهبر ۽ اڳواڻ سائڻ جي ئي نسل منجهان آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]