نماز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Prayer in Cairo 1865.jpg


مسلمانن جي عبادت کي سنڌيءَ ۾ نماز چئبو آهي جيڪا مٿن اسلامي اعتقاد موجب ڏينهن ۾ 5 ڀيرا فرض آهي. نماز اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ رڪن آهي. نماز کي دين اسلام جو ٿنڀو مڃيو ويندو آهي.نماز کي اسان جي پياري نبي حضرت ﷴ ﷺ پنهنجي اکين جو نور سڏيو آهي.

”اسلام جو سڀني کان وڏو رڪن ’نماز‘ آهي. نماز لاءِ قرآن پاڪ ’صلواة‘ جو لفظ آندو آهي.“ اسين جڏهن لفظ ’صلواة‘ جون معنائون، عربي ادب ۽ لغت ۾ ڏسون ٿا، تڏهن اسان کي هيٺئين ريت معنائون ملن ٿيون. 1-مصري ناچڻي جو ناچ ڏسڻ. 2-گوشت کي ٽانڊن تي پچائي کائڻ. 3- گهوڙن جي ڊوڙ جي، ۽ گهوڙن تي شرط لڳائڻ. 4- دعوت عام ڏيڻ. 5-باهه ۾ سڙڻ. 6-دعا ڪرڻ وغيره.“ هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته جڏهن مان مصري رقاصه جو ناچ ڏسان ٿو، ۽ ان سان گڏ شاهي ڪباب ۽ ’پشاوري تڪا‘ کاوان ٿو، تڏهن پڻ مان گويا نماز ۾ آهيان، ٻيو شخص چوي ٿو ته جڏهين مان ’گهوڙي ڊوڙ‘ لاءِ، ’ريس ڪلب‘ ۾ وڃي شرط لڳايان ٿو ۽ کٽڻ واري گهوڙي تي سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايان ٿو تڏهن مان نماز ۾ ڇو نه آهيان؟ ڇو ته صلوات جي هڪ معنيٰ تاڙيون ۽ سيٽيون وڄائڻ پڻ آهي؛ وچان ئي ٻيو چوي ٿو ته جڏهين مان هڪ ’دعوت عام‘ ڏئي. ’محفل رقص وسرود، ڏسان ٿو، تڏهن مان نماز ۾ آهيان. ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن کي توهان ڪهڙن دليلن سان، انهن معنائن ڪرڻ کان روڪي سگهو ٿا؟ ڇو ته ’عربيت ۽ لغت‘ ۾ ان جي تائيد موجود آهي. ان ريت جيڪڏهن ’حديث‘ شريف سان صلواة جي معنيٰ کي، رسول پاڪ جن جي معنيٰ ڏيکاريل موجب، محدود ۽ متعين نه ڪبو ته پوءِ اسلام مان نماز جو تخيل ئي نڪري ويندو. ان کان سواءِ هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي ته اسلام کان اڳ، سڄي’عربي ادب ۽ لغت‘ ۾ اسلامي نماز لاءِ ڪو هڪ اڌ لفظ يا عبارت يا عبادت آهي ڪانه!“[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مولانا فضل احمد غزنويءَ،؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع