شھدادڪوٽ ديھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شھدادڪوٽ
ديھ شھدادڪوٽ
ديھ
Deh Shahdadkot
قمبر ضلعي م ديھ شھدادڪوٽ جو مقام
قمبر ضلعي م ديھ شھدادڪوٽ جو مقام
شھدادڪوٽ is located in سنڌ
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ is located in Pakistan
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°48′00″N 67°53′43″E / 27.80000°N 67.89528°E / 27.80000; 67.89528مڪانيت: 27°48′00″N 67°53′43″E / 27.80000°N 67.89528°E / 27.80000; 67.89528
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,18,915


ديھ شھدادڪوٽ(انگريزي: Deh Shahdadkot) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ديھ جيڪا تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي جنھن ۾ شھدادڪوٽ شھر ۽ ڪجهه ڳوٺ واقع آهن. ھن ديھ جو پراڻو نالو شھدادپور ديھ آھي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880ع واري نقشي مطابق ديھ جي اوڀر پاسي شھدادپور ڳوٺ واقع ھيو جنھن کي بعد ۾ شھدادڪوٽ شھر جو نالو ڏئي تعلقي جو درجو ڏنو ويو هو. شھدادپور ڳوٺ ٻاھران ٿاڻو ۽ مختيارڪار جي آفيس ۽ ان جو بنگلو ۽ ٿوري فاصلي تي ھڪ منزل گاھ ھئي. ان ڳوٺ جي ڀرسان غريب آباد نالي ڳوٺ ھيو ۽ ٿوري فاصلي تي ريلوي اسٽيشن ۽ ڳوٺ سونو خان بروهي واقع ھيو. ھاڻي شھدادڪوٽ شھر ھن ديھ کان ٻاهر ديھ سيلرا، ديھ ھمير ۽ ديھ نورپور تائين ڦھلجي چڪو آهي. شھر جو وڏو حصو ھن ديھ ۾ واقع آهي. غريب آباد ڳوٺ شھر ۾ ضم ٿي چڪو آهي. ڳوٺ سونو خان بروهي ھاڻي قمبراڻي جي نالي سان معروف آھي جنھن لڳ ڊگري ڪاليج، ھاء اسڪول ۽ اسٽيڊيم واقع آھن. اسٽيشن جي لڳ مصري شاھ جو قبرستان 1880 کان بعد ۾ ٺھيو.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ مان شھدادڪوٽ مان قبو سعيد خان، بگودڙو، دوست علي ۽ قمبر طرف روڊ نڪرن ٿا ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نورپور، اوڀر ۾ ديھ سيلرا, ڏکڻ ۾ ديھ ھمير ۽ ديھ سندو ۽ اولھ ۾ تعلقو قبو سعيد خان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ ۾ واقع شھدادڪوٽ شھر جي حصي ۽ ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,18,915 ھئي جيڪا 19,754 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]