مواد ڏانھن هلو

جوڻيجا (شھدادڪوٽ)

بيھڪ: 27°58′32″N 67°58′26″E / 27.97556°N 67.97389°E / 27.97556; 67.97389
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جوڻيجا (شھدادڪوٽ)
ديھ جوڻيجا
ديھ
Deh Juneja
جوڻيجا (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
جوڻيجا (شھدادڪوٽ)
جوڻيجا (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جوڻيجا (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
جوڻيجا (شھدادڪوٽ)
جوڻيجا (شھدادڪوٽ)
جوڻيجا (شھدادڪوٽ) (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°58′32″N 67°58′26″E / 27.97556°N 67.97389°E / 27.97556; 67.97389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو


ديھ جوڻيجا(انگريزي: Deh Juneja) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جوڻيجا تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1883 واري پراڻي نقشي مطابق ھن ۾ ڳوٺ اميد علي جوڻيجو، ڳوٺ لال خان جوڻيجو، ڳوٺ امام بخش جوڻيجو، ڳوٺ ميرخان کوسو، ڳوٺ ڪريمداد کوسو، ڳوٺ دلمراد کوسو ۽ لغارين جو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ اميد علي جوڻيجو، لال خان جوڻيجو، ڳوٺ کاري ۽ ڳوٺ محمد ڇٽل کوسو معروف آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ڳڙهي خيرو تعلقو، اوڀر ۾ ديھ گوپانگ، ڏکڻ ۾ ديھ سنجر ڀٽي ۽ ديھ ڀرڳڙي ۽ اولھ ۾ ديھ عيدن جروار واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,398 ھئي جيڪا 242 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

شخصيتون

[سنواريو]

ڳوٺ اميد علي جوڻيجو مرحوم نورنبي خان جوڻيجو جو ڳوٺ آھي جيڪو سنڌ ۾ ڄام صادق جي نگران حڪومت ۾ مشير ۽ چونڊيل حڪومت م صلاحڪار رھيو ھو.

تعليم ۽ صحت

[سنواريو]

ڳوٺ اميد علي جوڻيجو ۾ صحت جي سھولت لاء رورل هيلٿ سينٽر ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت لاء گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول واقع آهي.

معيشيت

[سنواريو]

ھن ديھ جي معيشت زرعي آھي. ھتي خريف ء ربيع جي فصلن ۾ ساريون ء ڪڻڪ جا فصل ٿيندا آهن. ھتي اميد علي جوڻيجو ڳوٺ ۾ سارين جو ڪارخانو پڻ آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]