لغاري (شھدادڪوٽ)
ڏيک
ديھ لغاري(انگريزي: Deh Lighari ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لغاري تپي ۾ واقع آهي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي ڌڱ ديھ جي 1880 واري نقشي ۾ ھن ديھ کي ديھ خير محمد لغاري جي نالي سان ڏيکاريو ويو آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1931 واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ خير محمد لغاري، ڳوٺ تاجو لغاري ۽ ڳوٺ لعل چني سميت ٽي ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ تاجو لغاري معروف آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميروخان، ڏکڻ ۾ ديھ ڌڱ، اوڀر ۾ ديھ ڪلر ۽ ديھ کوسا ۽ اولھ ۾ ديھ ڪلھوڙا ۽ ديھ سکر جروار واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ خيرمحمد لغاري جي نالي تان ھن ديھ جو لغاري نالو رکيو ويو.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,829 ھئي جيڪا 326 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].