ڪڙيو احمد خان
ڏيک
ڪڙيو احمد خان (شھداد ڪوٽ) ديھه ڪڙيو احمد خان | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kario Ahmed Khan | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°47′32″N 67°54′47″E / 27.79222°N 67.91306°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,220 |
ديھه ڪڙيو احمد خان (Deh Kario Ahmed Khan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 4 سيلرا جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سندو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1935 کان 1953ع تائين واري ديھن جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ علينواز کھاوڙ، ڳوٺ الھرکيو، ڳوٺ محمد علي کھاوڙ واقع ھيا. ھاڻي ھن ٽڪنڊي ديھ ۾ ڳوٺ چنڱل معروف آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حمير، اوڀر ۾ ديھ تعلقي ميروخان جون ديھون ھر ھڪ ڪارڙا، ديھ ڀرمي مٿين ۽ ديھ گولو کھاوڙ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مگسي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,220 ھئي جيڪا 472 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].