ڪڙيو صوبدار
ڪڙيو صوبدار (شھدادڪوٽ)
ديھ ڪڙيو صوبدار | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kario Sobdar | |
جاگرافي بيهڪ: 27°50′36″N 67°58′54″E / 27.84333°N 67.98167°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ديھ ڪڙيو صوبدار(انگريزي: Deh Kario Sobdar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 3 چاڪياڻي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا پٺاڻ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880ع واري ديھن واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ چاڪياڻي، ڳوٺ دريا خان مستوئي، ڳوٺ صوبدار مستوئي، ڳوٺ احمد خان وڌو ۽ جتن وارو ڳوٺ واقع ھيا جيڪي ھاڻي پڻ قائم آھن بعد ۾ ڳوٺ جمعا خان بروهي ۽ ڳوٺ رسول بخش بروهي پڻ قائم ٿيا.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چانڊيا، اولھ ۾ ديھ ڌڱ، ڏکڻ ۾ تعلقو سجاول جوڻيجو جون ديھون ھر ھڪ ديھ شير خان ۽ ديھ چاڪر سليمان ۽ اولھ ۾ تعلقو ميروخان جي ديھ ٿرڙي ڌپ ۽ شھدادڪوٽ جي ديھ سيلرا واقع آهن. وغيره واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ ۾ سيد سبحان شاھ ۽ سيد دائم شاھ جا مقبرا پڻ واقع آھن. ھن ديھ جو نالو ڳوٺ صوبدار مستوئي جي نالي تان ورتل آهي. ٽانوري شاخ ۽ مستوئي شاخ ھن ديھ مان وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 7,401 ھئي جيڪا 1,153 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- شهدادڪوٽ تعلقو
- شهدادڪوٽ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون