مرکنڊ (شھدادڪوٽ)
مرکنڊ (شھدادڪوٽ)
ديھ مرکنڊ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Markhand | |
جاگرافي بيهڪ: 27°53′58″N 67°56′41″E / 27.89944°N 67.94472°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ديھ مرکنڊ(انگريزي: Deh Markhand ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا مرکنڊ ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1887 واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ مزار بروھي، ڳوٺ احمد ڀٽي، ڳوٺ مھراب مرکنڊ ۽ ڳوٺ ڪمال مرکنڊ ۽ ھڪ ٻيو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھئا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ صاحب خان ڀٽي، ڳوٺ مزار خان بروھي، ڳوٺ احمد ڀٽي، ڳوٺ محمد سومر بروھي، ڳوٺ شھبازي خان چانڊيو ڳوٺ ٽنڊو مصري واقع آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڀرڳڙي، اوڀر ۾ ديھ ميروخان، ڏکڻ ۾ ديھ سکر جروار ۽ ديھ گرگيج ۽ اولھ ۾ ديھ ڪور ڪاري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ ڳڙھي خيرو روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,443 ھئي جيڪا 260 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- شهدادڪوٽ تعلقو
- شهدادڪوٽ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون