مواد ڏانھن هلو

گوپانگ (شھدادڪوٽ)

بيھڪ: 27°55′15″N 67°57′38″E / 27.92083°N 67.96056°E / 27.92083; 67.96056
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوپانگ (شھدادڪوٽ)
ديھ گوپانگ
ديھ
Deh Gopang
گوپانگ (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
گوپانگ (شھدادڪوٽ)
گوپانگ (شھدادڪوٽ)
گوپانگ (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
گوپانگ (شھدادڪوٽ)
گوپانگ (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°55′15″N 67°57′38″E / 27.92083°N 67.96056°E / 27.92083; 67.96056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 656


ديھ گوپانگ(انگريزي: Deh Gopang ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپي سيال ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

1886 واري بورڊ آف روينيو سنڌ جي پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ چار ننڍڙا ڳوٺ واقع ھئا جن ۾ رڳو ڳوٺ قادر بخش بليدي، ڳوٺ سجو گوپانگ، مرين جو ڳوٺ ۽ ڳوٺ گوپانگ معروف ھيا. ھاڻي ھن ديھ م معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ محبوب بروھي، ڳوٺ بجار خان لغاري ۽ ڳوٺ عبدالطيف بروھي شامل آهن ۽ مٿي ذڪر ڪيل پراڻا ڳوٺ غيرمعروف ٿي چڪا آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ڳڙهي خيرو تعلقو جي ديھ ڪوٽ علي نواز ۽ ديھ ماڻري، اوڀر ۾ ديھ سيال، اولھ ۾ ديھ جوڻيجا ۽ ديھ سنجر ڀٽي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جھرڙ ۽ ديھ ڊکڻ واقع آهن. ھي ديھ مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ديھ منجھ شھدادڪوٽ ڳڙھي خيرو روڊ گذرندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 656 ھئي جيڪا 150 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]