چوڍيا (شھدادڪوٽ)
چوڍيا (شھدادڪوٽ)
ديھ چوڍيا | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Chodhia | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°59′29″N 67°55′53″E / 27.99139°N 67.93139°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ديھ چوڍيا (انگريزي: Deh Chodhia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جمالي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1882ع جي نقشي مطابق ھن ۾ ديھ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ديھ عيدن جروار واري دنگ لڳ صرف ھڪ ڳوٺ شاھنواز چوڍيو واقع ھيو. ان کان پوء ھن ديھ م نوان ڳوٺ پڻ قائم ٿيا جن م ڳوٺ غلام حيدر جروار ۽ ڳوٺ سھراب بروھي شامل آهن. ڳوٺ شاھنواز چوڍيو تان ھن ديھ تي چوڍيا نالو پيل آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ٽڪنڊي ديھ جي اتر ۾ ڳڙهي خيرو تعلقو جي ديھ ملڪ چوڪي ۽ ديھ موچڪي، اوڀر ۾ ديھ عيدن جروار ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڀٽا واقع آهن. ھن ديھ جي سموري زمين زرعي آھي ۽ مڪمل سروي ٿيل آهي. ديھ جي وچ مان اتر کان ڏکڻ پاسي نورپور ڊسٽري گذري ٿي. ھڪ ٻي شاخ حيدر مائنر پڻ ھن ديھ مان گذري ٿي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺ شاھنواز چوڍيو جي ڪل آبادي 1498 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 252 ھيو[1].