ڀٽي (شھدادڪوٽ)
ڀٽي (شھدادڪوٽ) ديھ ڀٽي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Bhatti | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°54′23″N 68°01′05″E / 27.90639°N 68.01806°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,096 |
ديھ ڀٽي(انگريزي: Deh Bhatti) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جمالي م واقع آهي.
ديھ ۾ ڀٽي ذات وارن جي ڳوٺن واقع ھجڻ سبب اھو نالو ڏنو ويو. ھاڻي ڀٽي ذات وارن جي آبادي گھڻي ڀاڱي شھدادڪوٽ شھر ۾ منتقل ٿي چڪي آهي.
تاريخ
[سنواريو]ھن ديھ جو 1882ع واري ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ لعلو ڀٽي ۽ ان کان ڪجهه فاصلي تي ھڪ ٻيو ڀٽين جو ڳوٺ واقع ھيا. ديھ منجھان لاڙڪاڻو ڳڙهي خيرو روڊ گذرندڙ ھيو. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ گل بھار لغاري، ڳوٺ محمد صديق جلباڻي ۽ ڳوٺ ڀنڀو ڀٽي واقع آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ سان لڳو لڳ سکر واھ وھي ٿو. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڊکڻ، ديھ جتوئي ۽ ديھ جھرر، اولھ ۾ ديھ ڪلر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ تعلقي ميروخان جي ديھ فتح خان ڌامراھ واقع آهن. لاڙڪاڻي کان ڳڙھي خيرو ويندڙ ھڪ لنڪ روڊ ھن ديھ مان گذري ٿو.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,096 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 166 ھيو[1].