نورپور (شھدادڪوٽ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نورپور (شھدادڪوٽ)
ديھ نورپور
ديھ
Deh Nurpur
نورپور (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
نورپور (شھدادڪوٽ)
نورپور (شھدادڪوٽ)
نورپور (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
نورپور (شھدادڪوٽ)
نورپور (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°51′48″N 67°53′22″E / 27.86333°N 67.88944°E / 27.86333; 67.88944مڪانيت: 27°51′48″N 67°53′22″E / 27.86333°N 67.88944°E / 27.86333; 67.88944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,937


ديھ نورپور(انگريزي: Deh Nurpur) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1887ع واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڦٽل ڳوٺ ڪارڙن جو، ڦٽل ڳوٺ بگٽين جو، ڊٻ وارو ڳوٺ، ڳوٺ ڪارڙن جو، ڳوٺ چانڊين جو جنھن سان لڳ علي جان وارن جا گھر، ڳوٺ اھيرن جو، ڦٽل ڳوٺ مگسين جو، ڳوٺ ريڻن جو، ڦٽل ڳوٺ گھرام ڪلھوڙو واقع ھيا. ان کان سواءِ ڏاتي جو مقام ۽ دڙي وارو مقام پڻ واقع ھيا. ڪور ڏاتو پڻ ھتان گذرندڙ ھئي. ھن ديھ ۾ ھاڻي ڀانڙي جي وانڍ ۽ ڳوٺ عبدالخالق کوسو ۽ نورپور واقع آهن. نورپور ۾ نورپور مسجد پڻ آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪوٽ ڪارڙا، اوڀر ۾ ديھ سيلرا، ڏکڻ ۾ ديھ شھدادڪوٽ ۽ اولھ ۾ ديھ شاھ وسايو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. شھدادڪوٽ قبو روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڪل آبادي 5,937 ھئي جيڪا 917 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]