ڊکڻ(شھدادڪوٽ)
ڊکڻ (شھدادڪوٽ) ديھ ڊکڻ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Dakhan | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°57′13″N 68°06′04″E / 27.95361°N 68.10111°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,284 |
ديھ ڊکڻ(انگريزي: Deh Dakhan ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو سيال ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1931 واري پراڻي نقشي مطابق ھن ۾ ڳوٺ گرگيج، ڳوٺ شاھ بيگ ڊکڻ، ڳوٺ ڪريمداد جلباڻي، ڳوٺ نظر خان بڙدي، ڳوٺ غوثپور ۽ جوين جو ڳوٺ واقع ھيا. لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ ھيو. ھاڻي پراڻن ڳوٺن مان ڳوٺ گرگيج، جوين جو ڳوٺ غوثپور ۽ ڳوٺ ڪريمداد جلباڻي غيرمعروف ٿي ويا آھن ۽ ڳوٺ بيگ محمد ڀٽي، ڳوٺ نظر محمد جلباڻي نوان قائم ٿيل آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سيال ۽ ديھ گوپانگ ، اوڀر ۾ ڳڙهي خيرو تعلقو، ڏکڻ ۾ ديھ ڀٽي ۽ ديھ جتوئي ۽ اولھ ۾ ديھ جھرڙ واقع آهن. ھن ديھ مان شھداڪوٽ کان جيڪب آباد ويندڙ روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ آھي. ھي ديھ مڪمل سروي ٿيل آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,284 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 227 ھيو[1].