چانڊيا (شھدادڪوٽ)
چانڊيا (شھدادڪوٽ)
ديھ چانڊيا | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Chandia | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°51′38″N 67°57′29″E / 27.86056°N 67.95806°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ديھ چانڊيا(انگريزي: Deh Chandia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 5 اعتبار خان چانڊيو جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو پٺاڻ ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو جي برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ محمد حسن چانڊيو، ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو، ڳوٺ حاجي خان مستوئي، ڳوٺ بھادر خان چانڊيو ۽ ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. انھن پراڻن ڳوٺن مان اعتبار خان چانڊيو ۽ محمد حسن چانڊيو اڃان تائين معروف آھن. ڪجهه نوان ڳوٺ پڻ قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ ڳوٺ عيد محمد بروھي، ڳوٺ بختيار بروھي، ڳوٺ فضل محمد بروھي ۽ ڳوٺ الھرکيو بروھي شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ ۾ چانڊين جا ڳوٺ ڪثرت ۾ واقع ھيا ان ڪري ان تي چانڊيا نالو پئجي ويو. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پٺاڻ ، اوڀر ۾ ديھ ڪلھوڙا، ڏکڻ ۾ ديھ ڪڙيو صوبدار ۽ اولھ ۾ ديھ سيلرا واقع آهن. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ رتوديرو روڊ ۽ ٽانوري شاخ گذرن ٿا.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,366 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 1,046 ھيو[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedآدمشماري