ڌڱ
ڌڱ
ديھ ڌڱ | |
---|---|
ديھ ۽ ڳوٺ | |
Deh Dhing | |
جاگرافي بيهڪ: 27°52′06″N 68°00′50″E / 27.86833°N 68.01389°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ڌڱ (انگريزي: Dhing ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو ڌڱ ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڌڱ، ڳوٺ محمد علي خان کوسو، ڳوٺ گل محمد لانگاھ، ڳوٺ غلام مصطفي خان، ڳوٺ خدابخش مستوئي، ڳوٺ جلال مستوئي ۽ ڳوٺ قادربخش لانگاھ واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ ڌڱ ۽ ڳوٺ گل محمد لانگاھ معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ڳوٺ ڌڱ لاڙڪاڻو رتوديرو ھاء وي کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ھڪ لنڪ روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ لغاري، اوڀر ۾ ديھ کوسا ۽ تعلقو سجاول جوڻيجو، ڏکڻ ۾ ديھ ڪڙيو صوبدار ۽ تعلقو سجاول جوڻيجو ۽ اولھ ۾ ديھ ڪلھوڙا ۽ ديھ چانڊيا واقع آهن. ھي ديھ زرخيز زرعي زمين واري آھي جيڪا مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڌڱ ڳوٺ جي پاسي ۾ محمد علي مائينر نالي شاخ وھي ٿي. ڳوٺ جي چوڌاري مڇين جا تلاء واقع آهن. ھن ديھ مان ٽانوري شاخ شھدادڪوٽ طرف گذري ٿي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,277 ھئي ۽ جيڪا 537 خاندانن تي مشتمل ھئي[1]. ڳوٺ ڌڱ جي آبادي 1937 آھي جيڪا 320 خاندانن تي مشتمل آهي.
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- شهدادڪوٽ تعلقو
- شهدادڪوٽ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون