ڪوٽ ڪارڙا
ڏيک
ڪوٽ ڪارڙا (شھدادڪوٽ)
ديھ ڪوٽ ڪارڙا | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Kot Karira | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°52′01″N 67°55′59″E / 27.86694°N 67.93306°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ديھ ڪوٽ ڪارڙا (انگريزي: Deh Kot Karira) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1887ع واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڪوٽ ڪارڙا جنھن لڳ ھڪ ڦٽل ڳوٺ، مغيرين جو ڳوٺ ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيو. ان وقت ھي ديھ تپو قطريا ۾ واقع ھئي. ھاڻي اتي هڪڙو ڳوٺ احمد بروهي معروف آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھي ديھ ٽڪنڊي نقشي واري آھي. ان جي ڏکڻ ۾ ديھ نورپور ۽ ديھ سيلرا، اتراوڀر ۾ ديھ ڪوٽ نبي بخش ۽ اولھ ۾ قبو سعيد خان تعلقو جون ديھون ھزارواھ، ٻيلاٽي ۽ شاھ وسايو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,113 ھئي جيڪا 191 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedآدمشماري