مواد ڏانھن هلو

گھنور

گھنور (شھدادڪوٽ)

ديھ گھنور
ديھ
Deh Ghanwar
گھنور (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
گھنور (شھدادڪوٽ)
گھنور (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
گھنور (شھدادڪوٽ) is located in پاڪستان
گھنور (شھدادڪوٽ)
گھنور (شھدادڪوٽ)
گھنور (شھدادڪوٽ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°45′06″N 67°56′04″E / 27.75167°N 67.93444°E / 27.75167; 67.93444
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوشھدادڪوٽ تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل821
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ گھنور(انگريزي: Deh Ghanwar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو سندو ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1933ع تائين واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ھڪ ڳوٺ محمد نواز واقع ھو. ان وقت اھا ديھ تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع ھوندي ھئي. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ محمد الياس پنھور واقع آهي.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مگسي، اوڀر م تعلقو ميروخان جي ديھ ڇوڙي، ڏکڻ ۾ تعلقي ميروخان جي ديھ بھرام ھيٺيون ۽ اولھ ۾ ديھ سندو واقع آهن. ھن ديھ جي زمين زرعي آھي ۽ مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. اوڀر طرف ھن ديھ کان ٿوري فاصلي تي ديھ ڇوڙي مان شھدادڪوٽ قمبر روڊ گذرندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 821 ھئي جيڪا 130 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018