مواد ڏانھن هلو

سيلرا (شھدادڪوٽ)

بيھڪ: 27°N 67°E / 27°N 67°E / 27; 67
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيلرا (شھدادڪوٽ)
ديھ سيلرا
ديھ
Deh Seelra
سيلرا (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
سيلرا (شھدادڪوٽ)
سيلرا (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
سيلرا (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
سيلرا (شھدادڪوٽ)
سيلرا (شھدادڪوٽ)
سيلرا (شھدادڪوٽ) (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°N 67°E / 27°N 67°E / 27; 67
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو


ديھ سيلرا(انگريزي: Deh Seelra ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 4 سيلرا جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي. سيلرن جي ھڪ وڏي ڳوٺ جي واقع ھجڻ سبب ديھ جو اھو نالو پئجي ويو.

تاريخ

[سنواريو]

سنڌ بورڊ آف روينيو جي 1934ع واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ سيلرا. واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ محمد صالح واقع ھيا. ان وقت شھدادڪوٽ شھر ھن ديھ جي لڳ واقع ھيو. ھن ديھ مان ڳڙھي خيرو ۽ سجاول جوڻيجو ڏانھن روڊ گذرندڙ ھيا. ديھ جي اترئين پاسي ريل جو بند ديھ منجھان ڳڙھي خيرو طرف گذرندڙ ھيو. 1934 ۽ ان کان اڳ ھي ديھ تپو ڌڱ ۾ شامل ھئي. ھاڻي ڳوٺ سيلرا وڏا سيلرا جي نالي سان معروف آھي. ديھ ۾ شھدادڪوٽ شھر جو سجاول چوڪ ھن ديھ ۾ شامل آھي جتان ڳڙھي خيرو نڪرندڙ روڊ ۽ ريلوي بند جي جي ٻنھي پاسن کان ٽانوري شاخ تائين ۽ سجاول چوڪ کان سجاول جوڻيجو طرف نڪرندڙ روڊ جا ٻئي پاسا ريلوي بند جي پار تائين ۽ اڳتي ان روڊ جي ڏاکڻي پاسي وارو شھدادڪوٽ شھر جو حصو ويندي مگسي فارم ۽ مير نادر علي خان مگسي جي رھائش تائين وارو شھر جو حصو ھن ديھ ۾ واقع آهي. ان کان سواء ھيرآباد محلو، لکپت وارو پڙ، مستوئي محلو، ڳوٺ ڪور وارا سيلرا، ٽانوري شاخ ۽ قبي واري روڊ جي وچ وارو شھري علائقو، ريلوي ڪالوني ۽ ان جي لڳ آدماڻي مگسين جو پاڙو وغيره ھن ديھ جو حصو آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چانڊيا، ديھ پٺاڻ ۽ ديھ نورپور، اوڀر ۾ ديھ شھدادڪوٽ، ديھ ھمير ۽ ديھ ڪارڙا، اولھ ۾ ديھ چانڊيا ۽ ديھ ڪڙيو صوبدار ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ٿرڙي واقع آهي. ڪور ڏاتو ھن ديھ ۾ ختم ٿئي ٿي. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي ديھ جي ڏاکڻي دنگ کان مستوئي شاخ وھندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 9,623 ھئي جيڪا 1,480 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]