شهدادڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
شھدادڪوٽ
شہدادکوٹ
سيلرا شھدادڪوٽ
ميونسيپلٽي
شھدادڪوٽ جي باء پاس تي ھڪ پيٽرول پمپ
شھدادڪوٽ جي باء پاس تي ھڪ پيٽرول پمپ
جهنڊو شھدادڪوٽ
جهنڊو
سنڌ جي نقشي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعو نمايان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعو نمايان ڏيکاريل
مڪانيت: Shahdadkot Town 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: Shahdadkot Town 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ضلعو قمبر-شھدادڪوٽ
قائم ٿيو ڪلھوڙن جي دؤر۾
حڪومت
 • قسم مڪاني حڪومت
 • چيئرمين ميونسيپلٽي مٺل خان مغيري (پي پي پي)
 • ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي (پي پي پي)
اوچائي 13 ميٽر ميل (43 فٽ ft)
آبادي (2009)
 • ڪُل 75,439
 • شھر واسين جو نالو شھدادڪوٽي
  [1]
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+05:00)
ZIP ڪوڊ 77300
فون ڪوڊ 0742
پراڻو نالو شھداپور
سرڪاري ٻولي انگريزي، اردو ۽ سنڌي
مقامي ٻولي سنڌي
ٻوليون سنڌي، سرائڪي، بلوچي، بروھي

شهدادڪوٽ(انگريزي: Shahdadkot) اُتر سنڌ جو تمام آڳاٽو شهر آهي جيڪو اول ضلعي لاڙڪاڻي ۾ شامل هو پر بعد ۾ ضلعي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ھي قمبر ضلعي جو سڀ کان وڏو شهر ۽ سب ڊويزن آهي .ان جو پوسٽل ڪوڊ: 77300 آھي. تعلقي جي آبادي اٽڪل 400000 لک آھي. ھتي مختلف سنڌي، بلوچ ۽ پنجابي ذاتين جا ماڻهو رھن ٿا جن ۾ شيخ، کھاوڙ، سيلرا، ڪنگراڻي، ڀٽي، کوسا، مگسي، بروھي، سومرا، مستوئي، تونيہ، چنا، سيد، جروار، پٺاڻ، لانگاھ، گھلو، وڌا، قريشي، عمراڻي، رڏ، مغيري، ڀٽا، اعواڻ، ڪمبوھ، وغيره عام آھن. مسلمان ھتي اڪثريت ۾ آهن جن ۾ سني ۽ شيعا شامل آھن. ھندو مذهب جا ماڻهو اقليت ۾ آهن پوءِ بہ انھن جو تعداد ھزارن ۾ آھي ۽ ھن شھر جي واپاري طبقي ۾ انھن جي وڏي نمائندگي آھي. شيخ برادري جي واپاري طبقي ۾ سڀ کان گھڻي نمائندگي آھي.[2]

فاصلا[سنواريو]

شھدادڪوٽ ۽ ٻين شھرن وچ فاصلا

شھر شھر فاصلو: ڪ.م. روڊ
شھدادڪوٽ لنڊن 6125 نہ
شھدادڪوٽ نيويارڪ 11507 نہ
شھدادڪوٽ برلن 5235 نہ
شھدادڪوٽ لاس اينجلس 13113 نہ
شھدادڪوٽ ماسڪو 3908 نہ
شھدادڪوٽ بيجنگ 4578 ھا: گلگت کان چين جي سرحد مان
شھدادڪوٽ ٽوڪيو 6655 نہ
شھدادڪوٽ سڊني 11069 نہ
شھدادڪوٽ ريئو ڊي جينرو 13110 نہ
شھدادڪوٽ ڪراچي 342 ھا
شھدادڪوٽ لاھور 746 ھا
شھدادڪوٽ اسلام آباد 822 ھا
شھدادڪوٽ پشاور 769 ھا
شھدادڪوٽ ڪوئيٽا 276 ھا
شھدادڪوٽ حيدرآباد 280 ھا

سياست[سنواريو]

سياسي طور تي ھي شھر 1970 کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط ڳڙه آهي. ھن وقت نوبزادو نادر علي خان مگسي ھتان جي صوبائي تڪ پي. ايس-42 قمبر شهدادڪوٽ-3(اولڊ لاڙڪاڻو-VIII) مان چونڊيل ايم.پي.اي. آهي. ان اھا سيٽ 2013 جي عام اليکشن ۾ کٽي ھئي. ھي شھر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 ۾ واقع آھي جتان ساڳي اليڪشن۾ مس فريال ٽالپر چونڊجي ايم اين اي بڻي. اين اي 207 پيپلزپارٽي جي ڀٽو خاندان جو اباڻو تڪ آھي.اڳ ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ھتان جي بار بار ايم اين اي رھي آھي .اڳ ۾ ممتاز ڀٽو ۽ نوبزادو نادر علي خان مگسي[3] پڻ ھن تڪ جا ايم اين اي رھيا آھن. قومي اسيمبلي جي اقليتي ميمبرن مان پيپلز پارٽي جو ھڪ اقليتي ايم اين اي رميش لال عرف گوپ جو تعلق پڻ ھن شھر سان آھي. ھتي جو مڪاني حڪومت سان تعلق رکندڙ ادارو ميونسيپل ڪاميٽي آھي جنھن جو چونڊيل چيئرمين پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ مير مٺل خان مغيري آهي. ھتي جون ٻيون مکيہ سياسي جماعتون مسلم ليگ فنڪشنل، نوازليگ، تحريڪ انصاف ۽ جميعت علماءِ اسلام آھن. شھر جو مکيہ چوڪ ڪوٽو موٽو چوڪ آهي جيڪو سياسي لحاظ کان مشھور آھي. تقريبن سمورا سياسي جلوس، جلسا، ڌرڻا ۽ بک ھڙتالون ان چوڪ تي ٿينديون آهن.

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر جو پراڻو نالو شهدادپور آھي. برٽش انڊيا جي پراڻي رجسٽريشن رڪارڊ ۾ بہ ھن شھر جو نالو اڃان شهدادپور ھيو. جڏهن انگريز سرڪار سنڌ ۾ پوسٽل نظام شروع ڪيو تہ ھڪ مسئلي جنم ورتو. سنڌ۾ ساڳي نالي سان هڪ شهر ان وقت جي حيدرآباد ضلعي (موجوده سانگھڙ) ۾ موجود ھيو جنھن ڪري پوسٽل مراسلا ھڪ شھر جا غلطي سان ٻئي شھر ۾ وڃڻ لڳا جنھنڪري شھدادڪوٽ جو نالو شھداپور مان بدلائي شھدادڪوٽ رکيو ويو. انگريزن جي دور ۾ ھن شھر جي اڪثريت واري آبادي کھاوڙ ۽ سيلرن جي ھئي جيڪي پسگردائيءَ جي ڳوٺن ۾ پڻ رھندا ھئا . انگريز سرڪار ھن شھر کي ريلوي نظام ذريعي لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد سان ملايو ۽ سيلرا-شھدادڪوٽ جي نالي سان ريلوي اسٽيشن پڻ قائم ڪئي جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان غير فعال آھي. ھن شھر جي مشھور ڪوٽو موٽو چوڪ تي اھو نالو ٻن ھندو دوستن ڪوٽومل ۽ موٽومل جي نالن تي پيو جن کي ان چوڪ تي ٻارن جي رانديڪن جو دڪان ھوندو ھيو جن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اھو دڪان بند ٿي ويو.[4]


واپار

ھتان جي موسم گرم ۽ خشڪ ھئڻ ڪري ھتي سڀ کان گھڻو چانورن جو فصل ٿئي ٿو. ھي شھر سنڌ ۾ چانورن جي ٻي وڏي مارڪيٽ سڏجي ٿو. شھر جي پسگردائيءَ ۾ اٽڪل پنجاھ جي لڳ ڀڳ سارين جا ڪارخانا آهن. ھي شھر گوادر ھاء وي تي پڻ واقع آھي

ڪتب خانا

مولانا نور محمد ميڪڻ شهدادڪوٽيءَ جي لائبرري شهدادڪوٽ، تيرهين ۽ چوڏهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز رهيو آهي. سندس حد بلوچستان سان ملي ٿي، انهيءَ ڪري هتي سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل تهذيب نظر اچي ٿي. ڪيترائي عالم، فاضل ۽ مــُـدرس هن زرخيز خطي پيدا ڪيا، ۽ ڪيترائي عالم ٻاهران اچي هتي آباد ٿيا. اُنهن مان عمدة العلماءُ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو نالو ســَـرِ فهرست آهي. مولانا نور محمد، اصل شهر ڪنڊي، علائقي ڀاڳناڙي (بلوچستان) جو رهاڪو هو. سال 1206 هه- 1791ع ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي عزيز علامه عبدالحليم ڪنڊوي رحه وٽان حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿي، پهريائين ڳوٺ ۾ پاڙهڻ لڳو. فقــہ ۾ مــَـلڪو رکندو هو، انهيءَ ڪري قلات جي خان، خداداد خان طرفان رياست جو ”قاضي القضاة“ به مقرر ٿيو.سال 1858ع ۾ڪنهن شرعي مسئلي تي خان سان اختلاف ٿيس، جنهنڪري سنڌ طرف رخ رکيائين ۽ ميرو خان پهچي، ميان حامد الله عرف حامد حضوري رح (1798ع - 1873) جو مهمان ٿيو. آخر سندس صلاح ۽ کهاوڙ قوم جي سردار، خانبهادر پير بخش خان جي دلي طلب تي، شهدادڪوٽ لڏي ويو ۽ اُتي ئي پنهنجو مدرسو قائم ڪري، حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪيائين. نوي ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 12 - ذوالحج 1296هه - 1887ع تي وفات ڪيائين. سندس ٽن فرزندن مان مولانا گل محمد 1789ع - 1888ع ۽ ميان غلام صديق رح (1844ع – 1905ع) وڏي پايي جا عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. علامه صاحب جون هڪ ڊزن کان وڌيڪ تصنيفون ڇڏيل آهن، جيڪي اڪثر مدرسي ”محموديه“ ۾ پاڙهيون وينديون هيون. وٽس عاليشان ڪتنخانو به هو، جنهن ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ عربي ۽ فارسي ڪتاب موجود هئا. اُنهن ۾ قلمي ڪتابن جو تعداد سرس هو لاڙڪاڻي جي هن قديم علمي ڪتبخاني ۾ مولانا گل محمد ۽ ميان غلام صديق رح جن به خاصو اضافو ڪيو، جنهنڪري پري پري کان شاگرد هن مدرسي ۾ اچڻ لڳا . زماني جي اُٿل پٿل سببان، اڄ ”مدرسه محموديه“ به نالي ماتر وڃي رهيو آهي، ۽ ڪتبخانو به خيرڪــِـي آهي. مدرسي جو نالو مٽائي ”مدرسه حليميه“ رکيو ويو آهي[5]

حوالا

  1. http://www.pbs.gov.pk/content/provisional-summary-results-6th-population-and-housing-census-2017.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. https://www.sindhidunya.com/shahdadkot/
  3. Welcome to the Website of Provincial Assembly of Sindh
  4. شهداد ڪوٽ شهر جون اهم تاريخي جڳهون – Site Title
  5. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ