ڀرڳڙي (شھدادڪوٽ)
ڀرڳڙي (شھدادڪوٽ)
ديھ ڀرڳڙي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Bhurgri | |
جاگرافي بيهڪ: 27°57′26″N 67°59′17″E / 27.95722°N 67.98806°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
ديھ ڀرڳڙي(انگريزي: Deh Bhatti) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جوڻيجو ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو جي ھن ديھ جي 1911ع واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، ڳوٺ محمد خان، ڳوٺ فيض محمد چانڊيو، ھڪ ڀٽين جو ڳوٺ ۽ ھڪ چانڊين جو ننڍڙو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، ڳوٺ بيگ محمد ڀرڳڙي ۽ ڳوٺ وڌو ڪلھوڙو معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر م ديھ جوڻيجا، ڏکڻ ۾ ديھ مرکنڊ، اولھ م ديھ ميڻا ۽ ديھ عيدن جروار ۽ اوڀر ۾ ديھ سنجر ڀٽي واقع آهن. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ ڳڙھي خيرو روڊ ۽ ريلوي لائين گذرندڙ آھي. ديھ جي اولھ م ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي جيڪا ھاڻي ڦٽل آھي. اتان ھڪ لنڪ روڊ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ويندڙ آھي جنھن جي ڀرسان ڳوٺ سنجر ڀٽي پڻ واقع آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,093 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 212 ھيو[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- شهدادڪوٽ تعلقو
- شهدادڪوٽ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون