مواد ڏانھن هلو

جاڙي

جاڙي (شھدادڪوٽ)

ديھ جاڙي
ديھ
Deh Jarri
جاڙي (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
جاڙي (شھدادڪوٽ)
جاڙي (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاڙي (شھدادڪوٽ) is located in پاڪستان
جاڙي (شھدادڪوٽ)
جاڙي (شھدادڪوٽ)
جاڙي (شھدادڪوٽ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°56′57″N 67°50′18″E / 27.94917°N 67.83833°E / 27.94917; 67.83833
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقوشھدادڪوٽ تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل995
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ جاڙي(انگريزي: Deh Jarri) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 1 جمالي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا قطريا تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ صرف ھڪ ڳوٺ واقع ھيو جنھن جو نالو جاڙي ڏيکاريل آهي جيڪو نالو ھن ديھ تي پڻ پيو. ھاڻي ان ديھ ۾ جاڙي ۽ سڪندرآباد نالي ٻہ ڳوٺ واقع آھن.

سڪندر آباد اتان جي مقامي زميندار سڪندر حيات اعواڻ آباد ڪرايو جيڪو شھدادڪوٽ جو ھڪ سماج سڌارڪ معزز شخصيت ھيو جنھن ھن ديھ جي ترقي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪندي ڳوٺ سڪندر آباد ۾ ٽيليفون جي سھولت لاء پبلڪ ڪال آفيس ۽ ھڪ پوسٽ آفيس پڻ قائم ڪرائي.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ قبو سعيد خان تعلقو جي ديھ جمالي، اوڀر ۾ ديھ شاھو جمالي، ڏکڻ ۾ ديھ قطريا ۽ اولھ ۾ قبو سعيد خان تعلقو جي ديھ وريل ۽ ديھ ٻيلاٽي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڪل آبادي 995 ھئي جيڪا 150 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018