ترجمو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
روزيٽا پٿر ترجمن جي ھنر جو ھڪ سيڪيولر نشان آھي [1]

ترجمو(انگريزي: Translation) هڪ ٻوليءَ جو مواد/ادب ٻي ٻوليءَ ۾ اٿلائي آڻڻ کي ترجمو ڪرڻ جو عمل چئبو آهي.[2] .[3][4] ترجمن جي مرحلن ۾ انتھائي محنتڪنشي جي ڪري 1940 واري ڏھاڪي م خودڪار مشيني طريقي سان ۽ ڪمپيوٽر وسيلي ترجمي يا ترجمي م ڪمپيوٽر کان مدد وٺڻ وارن طريقن ۾ ڪنھن حد تائين ڪاميابي ماڻڻ جي ڪم جي شروعات ٿي [5] انٽرنيٽ جي ابتدا ان ڪم ۾ زبردست تيزي آڻي ڇڏي[6] گوئٽي (1749- 1832ع) ٻه صديون اڳ بلڪل صحيح چيو هو ته ”دنيا جي ادب جو تصور ترجمن جي چوڌاري ڦِري ٿو“ ۽ اِنهي ڳالهه ۾ ڪو وهم ۽ گمان به ناهي ته زبانن کي سمجهڻ جون رڪاوٽون رڳو ترجمن سان ئي دور ٿي سگهن ٿيون.[7]. ارڙهين ۽ اڻويهين صدين دوران جرمن ٻوليءَ جي ليکڪن مشرق جي شاهڪار ڪتابن جا ترجما ڪيا هئا. گوئٽي خود ”ديوان حافظ“ جي ترجمي کان متاثر ٿيو هو. هندستان جي ڪلاسيڪي ادب جرمن ترجمن جي صورت ۾ گس ڳوليو هو ۽ نتيجي ۾ جرمن مستشرقين جا پوءِ جا نسل اُڀريا، جن يوروپي اسڪالر پيدا ڪيا ۽ پوءِ يوروپي ادب جي تاريخ ۽ فڪر گهڻي ڀاڱي مشرق جي وري اُسرڻ جي نتيجي ۾ وڌيا ويجهيا. فرينچ انقلاب پنهنجي ورثي لاءِ عربي ادب ۽ فلسفي جو قرضي آهي. اها تاريخ جي پڄاڻي ناهي. آمريڪي انقلاب، فرينچ انقلاب جي By Product آهي[7] اسان سنڌي ڳالهائيندڙ ڪيترين ئي ڳالهين سان گڏ انگريزي، فرينچ، جرمن، رشين، اسپينش، ايتري قدر جو ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ سرجندڙ ادب جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوئتي آهيون. چيني ۽ عربي ٻولين وٽ Information Units (جيڪي 155 بلين درڪار هوندا آهن) به ناهن، جيڪي ترقي ۽ واڌاري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ گهربل آهن. مثال طور جيڪي لکها لفظ سائنسي لفظن جي ڀنڊار (Vocabulary) سان لاڳاپيل آهن، اُنهن تي ڪم ئي نه ٿيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي زبان اُنهن جا هڪ جهڙا/هم معنى لفظ به جوڙي نه سگهي آهي. اِنهيءَ ڪري جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ اڳڀرو وڌڻو آهي ته ترجمي ۽ اُن جي هنر کي نظرانداز ڪرڻ سولو ناهي. حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اُن جي هڪ وڏي تعداد جي ضرورت آهي، جنهن ۾ موضُعن جي فراواني ۽ گوناگونيت هئڻ تمام ضروري آهي.[7] جنهن ٻوليءَ ۾ جيترا گهڻا ترجما ٿيندا، اُن ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري جا امڪان اوترا وڌيڪ روشن ٿيندا، پوءِ چاهي اُهي غير معياري، معيار جي سطح کان ڪِريل ۽ اردوءَ مان ڇو نه هجن، ڇو جو اُهي بهتر معيار لاءِ هڪ ڏاڪي جي حيثيت رکن ٿا.[7] اها ڳالهه بي معنى آهي ته ڪا خاص ٻولي ترجمي جي مقصد لاءِ سڻائي ۽ آدرشي حيثيت رکندي آهي. دنيا ۾ اهڙي ڪابه ٻولي ناهي، جنهن پنهنجيون خوبصورتيون ۽ راز مترجمن سان نه ونڊيا هجن، دنيا جي سموري ادب جي وڏي حصي کي اسين تڏهن پڙهي ۽ پسند ڪري سگهنداسين، جڏهن اُهو اسان کي ترجمي جي صورت ۾ مهيا ٿيندو. اِهو ڪم اُهي اهلِ قلم ۽ لائق ليکڪ ڪري سگهندا، جيڪي ٻين ٻولين تي عبور رکندا هوندا ۽ کين اُهي ٻوليون ترجمو ڪرڻ ۾ آسان لڳنديون هونديون. ترجمي ۾ مهارت جو درجو، هڪ مترجم جو ٻئي مترجم کان بهتر ٿي سگهي ٿو، پر سڀ کان اوچي چوٽيءَ تي وري به جاءِ خالي هوندي آهي. ائين برابر آهي ته هڪ غير معياري ترجمي جي ڀيٽ ۾ معياري ترجمو پسند ڪيو ويندو آهي پر ادب هڪ اهڙو ميدان آهي، جتي خوش آئيند حادثا اهو ياد ڏياريندا آهن ته مقصد کي ڇڏي ڏيڻ بدران ڪوشش ڪرڻ ۽ ناڪام ٿيڻ بهتر آهي.[7]

اشتقاق[سنواريو]

انگريزي لفظ ٽرانسليشن(انگريزي: Translation) لاطيني لفظ ٽرانسليٽيو مان نڪتل آهي.[8] جيڪو وري ٻن لفظن ٽرانس(انگريزي: Trans)(معني: پار يا آرپار يا ٻئي پاسي) ۽ فيري(انگريزي: ferre)(معني: کڻي وڃڻ، کڻي اچڻ يا آڻڻ) اھڙي طرح ٽرانسليشن جي معني آھي ھڪ ٻولي مان ٻي ٻوليءَ ۾ آڻڻ ہا کڻي اچڻ.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. "Rosetta Stone", The Columbia Encyclopedia, 5th ed., 1994, p. 2,361.
  2. {ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي}
  3. The Oxford Companion to the English Language, Namit Bhatia, ed., 1992, pp. 1,051–54.
  4. Christopher Kasparek, "The Translator's Endless Toil", The Polish Review, vol. XXVIII, no. 2, 1983, pp. 84-87.
  5. W.J. Hutchins, Early Years in Machine Translation: Memoirs and Biographies of Pioneers, Amsterdam, John Benjamins, 2000.
  6. M. Snell-Hornby, The Turns of Translation Studies: New Paradigms or Shifting Viewpoints?, Philadelphia, John Benjamins, 2006, p. 133.
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 {مرزا قليچ بيگ، سنڌي ترجمي جي ھنر جو محرڪ؛ ولي رام ولڀ، رسالو مھراڻ سال 2003، شمارو 53 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  8. Vélez, Fabio. Antes de Babel. pp. 3–21. 
  9. Christopher Kasparek, "The Translator's Endless Toil", p. 83.