اولهه بنگال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اولھ بنگال کان چوريل)
اولھ بنگال

اولھ بنگال (بنگالي: পশ্চিমবঙ্গ، پَشچِم بنگو) ڀارت جي اوڀارين حصي جي ھڪ رياست آھي۔ بنگلاديش ۽ اولھ بنگال تاريخي خطي بنگال جا حصا آھن۔ ان جي اوڀر ۾ بنگلاديش واقع آھي، اتر اوڀر ۾ ڀٽان ۽ ڀارتي رياست آسام، اتر ۾ سڪم، اتر اولھ ۾ نيپال، اولھ ۾ بھار ۽ جھاڙ کنڊ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ اڙيسہ آھي۔

بنگال خطو پنھنجي تاريخ ۾ مختلف سلطنتن جو حصو رھڻ کان بعد بالآخر 1757ع جي جنگ پلاسي جي نتيجي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي زير انتظام اچي ويو۔ ڪلڪتو ان دوران ڪافي عرصي تائين برطانوي ھندستان جي گاديءَ جو ھنڌ۔ 1947ع ۾ بنگال کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ورھائي ڇڏيو تقسیم۔

اولھ بنگال ڀارت جي ڪل ايراضي جو صرف 2.7% آھي، جيتوڻيڪ تہ ھتي ڀارت جي ڪل آبادي جو 7.8% آباد آھي۔ ھي ڀارت جي ڳتيل آباد ترين رياست آھي۔