اتر پرديش
اتر پرديش(انگريزي: Uttar Pradesh ) (/ˌʊtər prəˈdɛʃ/ جنھن جو پراڻو نالو يونائيٽيڊ پروانسز ھيو ; IAST: Uttar Pradeś [ˈʊtːəɾ pɾəˈdeːʃ] (
ٻڌو)) انڊيا جي اتر ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي آبادي ويھ ڪروڙ آهي.[16] جيڪا پھرين اپريل 1937 ۾ يونائيٽيڊ پراونسز آف آگرا اينڊ اوڌ جي نالي سان قائم ٿي ۽ 1950 ۾ کيس اتر پرديش جو نالو ڏنو ويو. ھي رياست ارڙھن انتظامي ڊويزنن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 75 ضلعا واقع آھن. رياست جو گاديءَ جو هنڌ لکنو شھر آھي. 9 نومبر 2000 ۾ ھن رياست مان ھڪ حصو ھماليا وارو پھاڙي خطو علحده ڪري نئين رياست اتر کنڊ قائم ڪئي وئي.
تاريخ
[سنواريو]سن 700 کان 300 ق م ۾ ڪوسالا جي بادشاھت اڄوڪي اتر پرديش واري علائقي تي مشتمل ھئي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا ھيو[17] ھندو ديومالائي قصن مطابق اتي رامائڻ جي اوتار رام جي پڻ حڪومت رھي.[18] ۽ ھندو مذهب جي اٺين اوتار ڪرشن جو ذڪر بہ ساڳئي علائقي سان منصوب ڪيل آهي جيڪو مھاڀارت جو ديومالائي ڪردار ھيو ۽ قصن مطابق مٿرا شھر ۾ ڄائو. گنگا نديءَ جي ميداني علائقن تي مشتمل ھن اتر پرديش جي ڌرتي ڪيتريون ئي بادشاھتون ڏٺيون جن ۾ موريا گھراڻي جي ايمپائر (320–200 ق م)، ، ڪشن ايمپائر (250 کان 100 عيسوي)، گپتا گهراڻي جي ايمپائر (300 کان 600 ع)، گرجارا پراٽيھارا ايمپائر (650 کان 1036 ع) .[19] غلام گھراڻي جي سلطنت، سيدن جي سلطنت، خلجي گھراڻي جي سلطنت، تغلق گھراڻي جي سلطنت، لوڌي گھراڻي جي سلطنت، مغلن جي سلطنت شامل آهن. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪار ھن علائقي کي 1807 ۾ فتح ڪيو. 14 نومبر 1834 ۾ آگري جي پريزيڊنسي قائم ڪئي وئي. پھرين جنوري 1836 ۾ ڪمپني سرڪار ھن علائقي کي نارٿ ويسٽرن پراونسز جو نالو ڏنو. بعد ۾ اوڌ کي پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. وري 15 فيبروري 1877 ۾ اوڌ جي علائقي کي نارٿ ويسٽرن پراونسز ۾ شامل ڪيو. 22 مارچ 1902 ۾ ھن علائقي کي يونائيٽيڊ پراونسز آف آگرا اينڊ اوڌ جو نئون نالو ڏنو ويو.3 جنوري 1921 ۾ ھن علائقي کي يونائيٽيڊ پراونسز آف برٽش انڊيا جو نالو ڏنو ويو. پھرين اپريل 1937 ۾ کيس نئون نالو يونائيٽيڊ پروانسز ڏنو ويو. 15 آگسٽ 1947 ۾ ھي علائقو انڊيا جو حصو ٿي ويو. 24 جنوري 1950 ۾ کيس نئون نالو اتر پرديش ڏنو ويو.
ٻوليون
[سنواريو]ھتان جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ھندي آھي جيڪا رياست جي سرڪاري ٻولي آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن رياست جون حدون اولھ ۾ راجھستان، اتر اولھ ۾ ھريانا، ھماچل پرديش ۽ دھلي سان ، اتر ۾ اتر کنڊ ۽ نيپال سان[20] ، اوڀر ۾ بھار سان، ڏکڻ ۾ مڌيا پرديش، ڏکڻ اوڀر ۾ جرکنڊ ۽ ڇتيس ڳڙھ سان ملن ٿيون.ھن رياست جا ٻہ وڏا درياء گنگا ۽ جمنا الہ آباد جي علائقي پرياگ راج لڳ ملي ھڪ ٿين ٿا ۽ گنگا جي نالي سان اڳتي اوڀر طرف وھن ٿا. ھن رياستجي پکيڙ 243,290 چورس ڪلوميٽر (93,933 چورس ميل) آھي جيڪا ملڪ جي ڪل پکيڙ جو 7.34 سيڪڙو آھي ۽ پکيڙ ۾ ھي رياست انڊيا جي چوٿين وڏي رياست آھي

گنگا واري ميداني علائقي جو وڏو حصو اتر ۾ آهي جنھن ۾ گنگا جمنا وارو دوآبو، گھاگھرا وارو ميداني علائقو، تيرائي پڻ شامل آهي.[21] جن جي ڏکڻ ۾ ونڌيا جبلن جون ننڍڙيون قطارون واقع آھن. ھن رياست ۾ 32 ننڍيون وڏيون نديون آهن جن ۾ گنگا، جمنا، سرسوتي، سارايو، بيٽوا ۽ گھاگھرا شامل آهن.
معيشت
[سنواريو]ھي رياست انڊيا جي رياستن ۾ چوٿين وڏي معيشت آھي. 15.79 لک پائونڊ گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ ۽ 47.48 في ڪس جي ڊي پي رکندڙ آھي.[13] ھن جي معيشت جا وڏا حصا زراعت ۽ خدمت واريون صنعتون آھن. خدمت واري سيڪٽر ۾ سفر ۽ سياحت، ھوٽلن واري صنعت، ريئل اسٽيٽ، انشورنس ۽ مالياتي صلاحڪاري شامل آهن.
انتظامي ورھاست
[سنواريو]اتر پرديش 75 ضلعن ۾ ورھايل آھي جيڪي 18 ھيٺين ڊويزنن ۾ شامل آهن:[22]

ھيٺ آبادي جي لحاظ کان اتر پرديش جا وڏا ضلعا بيان ڪجن ٿا. [23]
| شمار (انڊيا ۾) | ضلعو | آبادي | واڌ جي شرح(%) | جنس جي شرح (عورتون 1000 مردن جي ڀيٽ ۾ | تعليمي شرح (%) |
|---|---|---|---|---|---|
| 13 | الہ آباد | 5,954,391 | 20.63 | 901 | 72.32 |
| 26 | مراد آباد | 4,772,006 | 25.22 | 906 | 56.77 |
| 27 | غازي آباد | 4,681,645 | 42.27 | 881 | 78.07 |
| 30 | اعظم ڳڙھ | 4,613,913 | 17.11 | 1019 | 70.93 |
| 31 | لکنو | 4,589,838 | 25.82 | 917 | 77.29 |
| 32 | ڪانپور نگر | 4,581,268 | 9.92 | 862 | 79.65 |
| 50 | بريلي | 4,448,359 | 22.93% | 887 | 58.5 |
| اتر پرديش جا ڏھ لکن کان مٿي آبادي وارا شهر(2011 جي آدمشماري مطابق) | |||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| نالو | آبادي | ||||||
| ڪانپور | 2,920,067 | ||||||
| لکنو | 2,901,474 | ||||||
| غازي آباد | 2,358,525 | ||||||
| آگرا | 1,746,467 | ||||||
| ويرانسي | 1,435,113 | ||||||
| ميروت | 1,424,908 | ||||||
| الہ آباد | 1,216,719 | ||||||
| بريلي | 979,933 | ||||||
ھر ضلعي جو انتظامي نگران ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ آهي جيڪو انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس ھوندو آھي. ھر ضلعو ذيلي ڊويزنن ۾ ورھايل آھي جيڪي بلاڪن پوء پنچائتن، ننڍن شھرن ، ميونسيپلٽين ۽ ڳوٺن ۾ ورھايل آھن.[24] اتر پرديش کي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻا وڏي آبادي وارا شھر آھن. [25][26] ھن رياست جي شھري آبادي ساڍن چئن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي جيڪا انڊيا جي شھري آبادي جو 11.8 سيڪڙو آھي. رياست ۾ ميونسپل ڪارپوريشنن جو تعداد 14 آھي.[27][28]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "United Province, UP was notified in Union gazette on January 24, 1950". The New Indian Express. 2 مَئي 2017. اصل نسخو مان 8 مَئي 2017 تي محفوظ ڪيل. 4 مَئي 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد); Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Uttar Pradesh District". up.gov.in. Government of Uttar Pradesh. اصل نسخو مان 15 اپريل 2017 تي محفوظ ڪيل. 12 اپريل 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد); Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "List of districts in Uttar Pradesh". archive.india.gov.in. Government of India. اصل نسخو مان 26 اپريل 2017 تي محفوظ ڪيل. 12 اپريل 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد); Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "The Governor of Uttar Pradesh". uplegisassembly.gov.in. Uttar Pradesh Legislative Assembly . اصل نسخو مان 3 مَئي 2017 تي محفوظ ڪيل. 12 اپريل 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد); Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Anoop [sic] Chandra Pandey takes charge as chief secretary". Hindustan Times. HT correspondent. Lucknow. 1 جُولاءِ 2018. ISSN 0972-0243. OCLC 231696742. اصل نسخو مان 31 آڪٽوبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 31 آڪٽوبر 2018 تي حاصل ڪيل – PressReader وسيلي.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)CS1 maint: others (ڳنڍڻو) - ↑ "Anup Chandra Pandey took over as the new Chief Secretary of UP". The Pioneer. Lucknow: Chandan Mitra. Pioneer News Service. 1 جُولاءِ 2018. اصل نسخو مان 26 سيپٽمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 31 آڪٽوبر 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Anup Chandra Pandey takes charge as new Chief Secretary of UP". United News of India. Lucknow. United News of India. 30 جُونِ 2018. اصل نسخو مان 31 آڪٽوبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 31 آڪٽوبر 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Bajpai, Namita (23 جنوري 2018). "O P Singh takes charge as Uttar Pradesh's new DGP; bats for professional policing". The New Indian Express. Lucknow. اصل نسخو مان 24 جنوري 2018 تي محفوظ ڪيل. 23 جنوري 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "O P Singh takes charge as Uttar Pradesh DGP". The Times of India. Lucknow. 23 جنوري 2018. اصل نسخو مان 23 جنوري 2018 تي محفوظ ڪيل. 23 جنوري 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "23 days after appointment, OP Singh finally takes charge as UP DGP". Daily News and Analysis. 23 جنوري 2018. اصل نسخو مان 24 جنوري 2018 تي محفوظ ڪيل. 23 جنوري 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Social Demography" (PDF). Government of Uttar Pradesh. اصل نسخو (PDF) مان 29 جُونِ 2017 تي محفوظ ڪيل. 30 آگسٽ 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Statistics Of Uttar Pradesh". up.gov.in. Government of Uttar Pradesh. اصل نسخو مان 12 اپريل 2017 تي محفوظ ڪيل. 12 اپريل 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد); Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - 1 2 Khullar, Vatsal (20 فيبروري 2018). "Uttar Pradesh Budget Analysis 2018–19" (PDF). PRS Legislative Research. اصل نسخو (PDF) مان 21 فيبروري 2018 تي محفوظ ڪيل. 28 مارچ 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Sub-national HDI – Area Database". Global Data Lab. Institute for Management Research, Radboud University. اصل نسخو مان 23 سيپٽمبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 25 سيپٽمبر 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - 1 2 "Census 2011 (Final Data) – Demographic details, Literate Population (Total, Rural & Urban)" (PDF). planningcommission.gov.in. Planning Commission, Government of India. اصل نسخو (PDF) مان 27 جنوري 2018 تي محفوظ ڪيل. 3 آڪٽوبر 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Kopf, Dan; Varathan, Preeti (October 11, 2017). "If Uttar Pradesh were a country". Quartz India (انگريزي ۾). 20 May 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sailendra Nath Sen (1 جنوري 1999). Ancient Indian History And Civilization. New Age International. ص. 105–106. ISBN 978-81-224-1198-0. اصل نسخو مان 28 مَئي 2013 تي محفوظ ڪيل. 1 آڪٽوبر 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ William Buck (1 جنوري 2000). Ramayana. Motilal Banarsidass. ISBN 978-81-208-1720-3. اصل نسخو مان 4 جُونِ 2013 تي محفوظ ڪيل. 1 آڪٽوبر 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Richard White (8 نومبر 2010). The Middle Ground: Indians, Empires, and Republics in the Great Lakes Region, 1650–1815. Cambridge University Press. ISBN 978-1-107-00562-4. اصل نسخو مان 28 مَئي 2013 تي محفوظ ڪيل. 1 آڪٽوبر 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Most critical factors". Uttar Pradesh climate department. اصل نسخو مان 15 ڊسمبر 2012 تي محفوظ ڪيل. 22 جُولاءِ 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "The larger Gangetic Plain" (PDF). Gecafs. اصل نسخو (PDF) مان 26 December 2013 تي محفوظ ڪيل. 22 July 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "State division of Uttar Pradesh". Government of India. اصل نسخو مان 10 May 2012 تي محفوظ ڪيل. 22 July 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Indian Districts by population". 2011 Census of India. اصل نسخو مان 11 جُونِ 2011 تي محفوظ ڪيل. 5 آڪٽوبر 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Panchayati Raj Act, 1947 – Chapter 6- The Nyaya Panchayat" (PDF). Department of Panchayati Raj, Government of Uttar Pradesh. 1947. اصل نسخو (PDF) مان 4 مارچ 2016 تي محفوظ ڪيل. 13 سيپٽمبر 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Panels to draft development plans for 13 cities". The Indian Express. 30 August 2010. 13 July 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The area and density of metropolitan cities" (PDF). The Ministry of Urban Development. اصل نسخو (PDF) مان 15 October 2012 تي محفوظ ڪيل. 22 July 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Uttar Pradesh Municipal Corporation Act, 1959" (PDF). 1959. اصل نسخو (PDF) مان 16 آگسٽ 2017 تي محفوظ ڪيل. 16 آگسٽ 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Uttar Pradesh Municipal Corporation Act, 1959" (PDF). Uttar Pradesh State Election Commission. 1959. اصل نسخو (PDF) مان 24 March 2012 تي محفوظ ڪيل. 17 August 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: markup
- CS1 maint: others
- CS1 errors: redundant parameter
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- اتر پرديش
- اترين ڀارت
- اترين ڀارت جون رياستون
- ڀارت جي رياستون