اتر پرديش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اتر پرديش
رياست
ڀانڃ: اتر (معنيَ: اتر طرف وارو ) ۽ پرديش ( معنيَ: صوبو يا خطو)
انڊيا جي نقشي ۾ اتر پرديش جو مقام
انڊيا جي نقشي ۾ اتر پرديش جو مقام
Location of اتر پرديش
جاگرافي بيهڪ: 26°51′N 80°55′E / 26.85°N 80.91°E / 26.85; 80.91مڪانيت: 26°51′N 80°55′E / 26.85°N 80.91°E / 26.85; 80.91
ملڪ  ڀارت
رياست جو درجو 24 January 1950[1]
گاديءَ جو هنڌ لکنو
ڪل ضلعا 75 ضلعا[2][3]
حڪومت
 • قسم ٻہ ايواني
ليجسليٽو ڪائونسل 100
ليجسليٽو اسيمبلي 403
+1 اينگلو انڊين کي گورنر نامزد ڪندو
راجيا سڀا 31
لوڪ سڀا 80
 • مجلس اتر پرديش جي حڪومت
 • گورنر رام نائڪ [4]
 • وزير اعلي يوگي آديتيا ناٿ (بي جي پي )
 • ڊپٽي وزير اعلي ڪيشو پرساد موريا (بي جي پي )
دنيش شرما (بي جي پي )
 • چيف سيڪريٽري، انڊيا انوپ چندر پانڊي , آي اي ايس [5][6][7]
 • ڊائريڪٽر جنرل پوليس، اتر پرديش او. پي. سنگھ , آء پي ايس [8][9][10]
پکيڙ
 • ڪل 243,290 ڪ.م2 (93,930 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 4th
آبادي (2011)[11][12]
 • ڪل 199,812,341


اتر پرديش(انگريزي: Uttar Pradesh ) (/ˌʊtər prəˈdɛʃ/ جنھن جو پراڻو نالو يونائيٽيڊ پروانسز ھيو ; IAST: Uttar Pradeś [ˈʊtːəɾ pɾəˈdeːʃ] (About this sound ٻڌو)) انڊيا جي اتر ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جي آبادي ويھ ڪروڙ آهي.[16] جيڪا پھرين اپريل 1937 ۾ يونائيٽيڊ پراونسز آف آگرا اينڊ اوڌ جي نالي سان قائم ٿي ۽ 1950 ۾ کيس اتر پرديش جو نالو ڏنو ويو. ھي رياست ارڙھن انتظامي ڊويزنن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 75 ضلعا واقع آھن. رياست جو گاديءَ جو هنڌ لکنو شھر آھي. 9 نومبر 2000 ۾ ھن رياست مان ھڪ حصو ھماليا وارو پھاڙي خطو علحده ڪري نئين رياست اتر کنڊ قائم ڪئي وئي.

تاريخ[سنواريو]

سن 700 کان 300 ق م ۾ ڪوسالا جي بادشاھت اڄوڪي اتر پرديش واري علائقي تي مشتمل ھئي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا ھيو[17] ھندو ديومالائي قصن مطابق اتي رامائڻ جي اوتار رام جي پڻ حڪومت رھي.[18] ۽ ھندو مذهب جي اٺين اوتار ڪرشن جو ذڪر بہ ساڳئي علائقي سان منصوب ڪيل آهي جيڪو مھاڀارت جو ديومالائي ڪردار ھيو ۽ قصن مطابق مٿرا شھر ۾ ڄائو. گنگا نديءَ جي ميداني علائقن تي مشتمل ھن اتر پرديش جي ڌرتي ڪيتريون ئي بادشاھتون ڏٺيون جن ۾ موريا گھراڻي جي ايمپائر (320–200 ق م)، ، ڪشن ايمپائر (250 کان 100 عيسوي)، گپتا گهراڻي جي ايمپائر (300 کان 600 ع)، گرجارا پراٽيھارا ايمپائر (650 کان 1036 ع) .[19] غلام گھراڻي جي سلطنت، سيدن جي سلطنت، خلجي گھراڻي جي سلطنت، تغلق گھراڻي جي سلطنت، لوڌي گھراڻي جي سلطنت، مغلن جي سلطنت شامل آهن. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪار ھن علائقي کي 1807 ۾ فتح ڪيو. 14 نومبر 1834 ۾ آگري جي پريزيڊنسي قائم ڪئي وئي. پھرين جنوري 1836 ۾ ڪمپني سرڪار ھن علائقي کي نارٿ ويسٽرن پراونسز جو نالو ڏنو. بعد ۾ اوڌ کي پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. وري 15 فيبروري 1877 ۾ اوڌ جي علائقي کي نارٿ ويسٽرن پراونسز ۾ شامل ڪيو. 22 مارچ 1902 ۾ ھن علائقي کي يونائيٽيڊ پراونسز آف آگرا اينڊ اوڌ جو نئون نالو ڏنو ويو.3 جنوري 1921 ۾ ھن علائقي کي يونائيٽيڊ پراونسز آف برٽش انڊيا جو نالو ڏنو ويو. پھرين اپريل 1937 ۾ کيس نئون نالو يونائيٽيڊ پروانسز ڏنو ويو. 15 آگسٽ 1947 ۾ ھي علائقو انڊيا جو حصو ٿي ويو. 24 جنوري 1950 ۾ کيس نئون نالو اتر پرديش ڏنو ويو.

ٻوليون[سنواريو]

ھتان جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ھندي آھي جيڪا رياست جي سرڪاري ٻولي آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن رياست جون حدون اولھ ۾ راجھستان، اتر اولھ ۾ ھريانا، ھماچل پرديش ۽ دھلي سان ، اتر ۾ اتر کنڊ ۽ نيپال سان[20] ، اوڀر ۾ بھار سان، ڏکڻ ۾ مڌيا پرديش، ڏکڻ اوڀر ۾ جرکنڊ ۽ ڇتيس ڳڙھ سان ملن ٿيون.ھن رياست جا ٻہ وڏا درياء گنگا ۽ جمنا الہ آباد جي علائقي پرياگ راج لڳ ملي ھڪ ٿين ٿا ۽ گنگا جي نالي سان اڳتي اوڀر طرف وھن ٿا. ھن رياستجي پکيڙ 243٬290 ڪلوميٽرزچورس (93٬933 sq mi) آھي جيڪا ملڪ جي ڪل پکيڙ جو 7.34 سيڪڙو آھي ۽ پکيڙ ۾ ھي رياست انڊيا جي چوٿين وڏي رياست آھي

"photograph"
اتر پرديش گنگا نديءَ واري ميداني علائقي جي حصي طور ڏيکاريل

گنگا واري ميداني علائقي جو وڏو حصو اتر ۾ آهي جنھن ۾ گنگا جمنا وارو دوآبو، گھاگھرا وارو ميداني علائقو، تيرائي پڻ شامل آهي.[21] جن جي ڏکڻ ۾ ونڌيا جبلن جون ننڍڙيون قطارون واقع آھن. ھن رياست ۾ 32 ننڍيون وڏيون نديون آهن جن ۾ گنگا، جمنا، سرسوتي، سارايو، بيٽوا ۽ گھاگھرا شامل آهن.

معيشت[سنواريو]

ھي رياست انڊيا جي رياستن ۾ چوٿين وڏي معيشت آھي. 15.79 لک پائونڊ گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ ۽ 47.48 في ڪس جي ڊي پي رکندڙ آھي.[13] ھن جي معيشت جا وڏا حصا زراعت ۽ خدمت واريون صنعتون آھن. خدمت واري سيڪٽر ۾ سفر ۽ سياحت، ھوٽلن واري صنعت، ريئل اسٽيٽ، انشورنس ۽ مالياتي صلاحڪاري شامل آهن.

انتظامي ورھاست[سنواريو]

اتر پرديش 75 ضلعن ۾ ورھايل آھي جيڪي 18 ھيٺين ڊويزنن ۾ شامل آهن:[22]

"Administrative Divisions"
اتر پرديش جون ڊويزنون

ھيٺ آبادي جي لحاظ کان اتر پرديش جا وڏا ضلعا بيان ڪجن ٿا. [23]

شمار (انڊيا ۾) ضلعو آبادي واڌ جي شرح(%) جنس جي شرح (عورتون 1000 مردن جي ڀيٽ ۾ تعليمي شرح (%)
13 الہ آباد 5,954,391 20.63 901 72.32
26 مراد آباد 4,772,006 25.22 906 56.77
27 غازي آباد 4,681,645 42.27 881 78.07
30 اعظم ڳڙھ 4,613,913 17.11 1019 70.93
31 لکنو 4,589,838 25.82 917 77.29
32 ڪانپور نگر 4,581,268 9.92 862 79.65
50 بريلي 4,448,359 22.93% 887 58.5
اتر پرديش جا ڏھ لکن کان مٿي آبادي وارا شهر(2011 جي آدمشماري مطابق)
نالو آبادي
ڪانپور 2,920,067
لکنو 2,901,474
غازي آباد 2,358,525
آگرا 1,746,467
ويرانسي 1,435,113
ميروت 1,424,908
الہ آباد 1,216,719
بريلي 979,933


ھر ضلعي جو انتظامي نگران ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ آهي جيڪو انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس ھوندو آھي. ھر ضلعو ذيلي ڊويزنن ۾ ورھايل آھي جيڪي بلاڪن پوء پنچائتن، ننڍن شھرن ، ميونسيپلٽين ۽ ڳوٺن ۾ ورھايل آھن.[24] اتر پرديش کي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻا وڏي آبادي وارا شھر آھن. [25][26] ھن رياست جي شھري آبادي ساڍن چئن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي جيڪا انڊيا جي شھري آبادي جو 11.8 سيڪڙو آھي. رياست ۾ ميونسپل ڪارپوريشنن جو تعداد 14 آھي.[27][28]

حوالا[سنواريو]

  1. "United Province, UP was notified in Union gazette on January 24, 1950". The New Indian Express. 2 May 2017. Archived from the original on 8 May 2017. https://web.archive.org/web/20170508200722/http://www.newindianexpress.com/nation/2017/may/02/uttar-pradesh-introduces-new-transfer-policy-1600219.html. Retrieved 4 May 2017. 
  2. "Uttar Pradesh District". up.gov.in. Government of Uttar Pradesh. وقت 15 April 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 April 2017. 
  3. "List of districts in Uttar Pradesh". archive.india.gov.in. Government of India. وقت 26 April 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 April 2017. 
  4. "The Governor of Uttar Pradesh". uplegisassembly.gov.in. Uttar Pradesh Legislative Assembly . وقت 3 May 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 April 2017. 
  5. "Anoop [sic] Chandra Pandey takes charge as chief secretary". Hindustan Times. Lucknow. ISSN 0972-0243. OCLC 231696742. وقت 31 October 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 October 2018. 
  6. "Anup Chandra Pandey took over as the new Chief Secretary of UP". The Pioneer. Pioneer News Service (Lucknow: Chandan Mitra). 1 July 2018. https://www.dailypioneer.com/2018/state-editions/anup-chandra-pandey-took-over-as-the-new-chief-secretary-of-up.html. 
  7. "Anup Chandra Pandey takes charge as new Chief Secretary of UP". United News of India. Lucknow. وقت 31 October 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 October 2018. 
  8. Bajpai, Namita. "O P Singh takes charge as Uttar Pradesh's new DGP; bats for professional policing". The New Indian Express. Lucknow. وقت 24 January 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2018. 
  9. "O P Singh takes charge as Uttar Pradesh DGP". The Times of India. Lucknow. وقت 23 January 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2018. 
  10. "23 days after appointment, OP Singh finally takes charge as UP DGP". Daily News and Analysis. وقت 24 January 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 January 2018. 
  11. "Social Demography" (PDF). Government of Uttar Pradesh. وقت 29 June 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 30 August 2017. 
  12. "Statistics Of Uttar Pradesh". up.gov.in. Government of Uttar Pradesh. وقت 12 April 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 April 2017. 
  13. 13.0 13.1 Khullar, Vatsal. "Uttar Pradesh Budget Analysis 2018–19" (PDF). PRS Legislative Research. وقت 21 February 2018 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 March 2018. 
  14. "Sub-national HDI – Area Database". Global Data Lab. Institute for Management Research, Radboud University. وقت 23 September 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 September 2018. 
  15. 15.0 15.1 "Census 2011 (Final Data) – Demographic details, Literate Population (Total, Rural & Urban)" (PDF). planningcommission.gov.in. Planning Commission, Government of India. وقت 27 January 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 3 October 2018. 
  16. Kopf, Dan; Varathan, Preeti (October 11, 2017). "If Uttar Pradesh were a country" (en ۾). Quartz India. https://qz.com/india/1094942/if-uttar-pradesh-were-a-country-where-would-it-rank-by-size-wealth-and-other-measures/. Retrieved 20 May 2019. 
  17. Sailendra Nath Sen (1 January 1999). Ancient Indian History And Civilization. New Age International. pp. 105–106. ISBN 978-81-224-1198-0. https://books.google.com/books?id=Wk4_ICH_g1EC&pg=PA105. Retrieved 1 October 2012. 
  18. William Buck (1 January 2000). Ramayana. Motilal Banarsidass. ISBN 978-81-208-1720-3. https://books.google.com/books?id=vvuIp2kqIkMC. Retrieved 1 October 2012. 
  19. Richard White (8 November 2010). The Middle Ground: Indians, Empires, and Republics in the Great Lakes Region, 1650–1815. Cambridge University Press. ISBN 978-1-107-00562-4. https://books.google.com/books?id=fHLfiOZVzmMC. Retrieved 1 October 2012. 
  20. "Most critical factors". Uttar Pradesh climate department. وقت 15 December 2012 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 July 2012. 
  21. "The larger Gangetic Plain" (PDF). Gecafs. وقت 26 December 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 July 2012. 
  22. "State division of Uttar Pradesh". Government of India. وقت 10 May 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 July 2012. 
  23. "Indian Districts by population". 2011 Census of India. وقت 11 June 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 October 2012. 
  24. "Panchayati Raj Act, 1947 – Chapter 6- The Nyaya Panchayat" (PDF). Department of Panchayati Raj, Government of Uttar Pradesh. وقت 4 March 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 September 2017. 
  25. "Panels to draft development plans for 13 cities". The Indian Express. 30 August 2010. http://www.indianexpress.com/news/panels-to-draft-development-plans-for-13-cities/674326/. Retrieved 13 July 2012. 
  26. "The area and density of metropolitan cities" (PDF). The Ministry of Urban Development. وقت 15 October 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 July 2012. 
  27. "Uttar Pradesh Municipal Corporation Act, 1959" (PDF). وقت 16 August 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 16 August 2017. 
  28. "Uttar Pradesh Municipal Corporation Act, 1959" (PDF). Uttar Pradesh State Election Commission. وقت 24 March 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 August 2017.