آئرلينڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آئرلينڊ
Satellite image of Ireland
آڪٽوبر 2000 ۾ آئرلينڊ جي سيٽلائيٽ تصوير
جاگرافي
جڳھ اولھ يورپ
مڪانيت 53°25′N 8°0′W / 53.417°N 8.000°W / 53.417; -8.000مڪانيت: 53°25′N 8°0′W / 53.417°N 8.000°W / 53.417; -8.000
ايراضي 84٬421 km2 (32٬595 sq mi)
[1][مشڪوڪ]
شماريل ايراضي 20th[2]
ساحلي ڪنارو 2,797 km (1,738 mi)
بلندي  1,041 m (3,415 ft)
سڀ کان وڏو جبل  ڪئرونٽوھل
ريپبلڪ آف آئرلينڊ
وڏي ۾ وڏو شهر علائقو ڊبلن (pop. 553,165)
نادرن آئرلينڊ
وڏي ۾ وڏي نوآبادي بلفاسٽ (pop. 333,000)

آئرلينڊ (انگريزي ٻولي: Ireland) ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه آئرلينڊ (Republic of Ireland) آهي، جنهن جو پراڻو نالو هائبرنيا هو. آئرلينڊ جي اصل معنيٰ آهي، ”الهندو ٻيٽ“. ڇو ته اهو يورپ جي اولهه ۾ آهي. آئرلينڊ برطانيا جي اولهه ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود ٻيٽ آهي. اتريون آئرلينڊ هن جي اتر ۾ آهي.[6]

Áras an Uachtaráin, آئرلينڊ جي صدر جي سرڪاري رھائش گاھ

جاگرافي[سنواريو]

آئرلينڊ جي ڪل پکيڙ 70282 چورس ڪلوميٽر (27129 چورس ميل) ۽ آبادي 40 لک آهي. گاديءَ جو هنڌ ڊبلن (Dublin) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪارانٽو هل (بلندي: 1041 ميٽر) آهي. آئرلينڊ جي موسم وچولي، سرد ۽ خوشگوار رهندي آهي، جنهنڪري گاهه سڄو سال سائو رهندو آهي. آئرلينڊ جي مکيه معدنيات زنڪ، شيهو، قدرتي گيس، چاندي، ڊولومائيٽ، جست، جپسم، چُن ۽ ٽامو آهي.[6]

آبادي جي ڪثافت

تاريخ[سنواريو]

آئرلينڊ کي زمرد جو ٻيٽ چيو ويندو آهي، تاريخدانن موجب آئرلينڊ جا پهريان رهواسي يورپ جي مرڪزي حصي مان اٽڪل 600 ق.م ۾ اچي هتي آباد ٿيا. انهن ماڻهن اتر اوڀر ڪناري (هاڻوڪي لارني) تي اچي پڙاءُ ڪيو. جيڪي شڪاري ۽ مهاڻا هئا. اٽڪل 400 ق.م ۾ برطانيا ۽ يورپ مان ايندڙ ڪيلٽڪ (Celtic) قبيلن آئرلينڊ تي حملو ڪري ٻيٽ کي توئاٿ (Tuath) نالي ننڍين رياستن ۾ ورهايو. لوهه جي زماني 300 ق. م ۾ ٻيٽ تي ڪيلٽڪ تهذيب ۽ ثقافت کي اسرڻ جو موقعو مليو. 432ع ۾ سينٽ پيٽرڪ عيسائي مذهب کڻي آيو، جنهن کي آئرش قوم قبوليندي کيس سرپرست (Patron) طور قبوليو. 14 صدي عيسويءَ ۾ لڳ ڀڳ سڄو آئرلينڊ نارمنن جي هٿ هيٺ اچي ويو، جن انگلينڊ جي اثرن مان پاڻ کي آجو ڪندي، پنهنجي زبان ۽ ڪلچر رائج ڪيو. 1541ع ۾ هينري اٺين انگريزي قانون نافذ ڪيا. ان کان پوءِ لاڳيتو انگريز ئي رهيا. 29 ڊسمبر 1937ع تي نئون آئين لاڳو ڪيو ويو. ملڪ کي IFS بجاءِ EIRE (آئرلينڊ) جو نالو ڏنو ويو. 30 مئي 2000ع تي برطانيا اتر آئرلينڊ اسيمبليءَ کي اندروني خودمختياري ڏني، پهرئين جنوري 2002ع تي آئرلينڊ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي.[6]

1937ع جي آئين موجب آئرلينڊ هڪ خودمختيار آزاد پارلياماني جمهوري رياست آهي. صدر رياست جو اڳواڻ، هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر ۽ پهريون شهري (First Citizen) آهي. آئرلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 6 ڊسمبر 1921ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري جو ميمبر 14 ڊسمبر 1955ع کان آهي.[6]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

آئرلينڊ جي ريپبلڪ سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage نادرن آئرلينڊ سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

سانچو:Ireland topics سانچو:Celtic nations سانچو:British Isles

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Nolan, William. "Geography of Ireland". Government of Ireland. حاصل ڪيل 11 November 2009. 
  2. "Largest Islands of the World". WorldIslandInfo. حاصل ڪيل 5 December 2012. 
  3. "Historial Population Trends – 1841 – 2011, NISRA" (PDF). حاصل ڪيل 20 October 2013.  In 2011 the population of the Republic of Ireland and Northern Ireland was 6,399,115; compromising of approximately 6,378,000 on Ireland and 21,000 on other islands.
  4. "This is Ireland: Highlights from Census 2011 Part 1". Central Statistics Office. صفحو. 94. حاصل ڪيل 28 May 2014. 
  5. "Census 2011, Key Statistics for Northern Ireland" (PDF). Department of Finance and Personnel's Northern Ireland Statistics and Research Agency. صفحو. 13. حاصل ڪيل 2 February 2014. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.