نورڊڪ ملڪ
نورڊڪ ملڪ | |
---|---|
نورڊڪ ملڪن جو مقام | |
گاديون | |
ٻوليون | ٻولين جي فھرست
|
جوڙجڪ | |
قیام | |
• نورڊڪ ڪائونسل جو افتتاح |
12 فيبروري 1953 |
23 مارچ 1962 | |
• نورڊڪ وزيرن جي ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ جو افتتاح |
جولاء 1971 |
پکيڙ | |
• جملي |
3٬425٬804 km2 (1٬322٬710 sq mi) (7th) |
آبادي | |
• 2019 اندازو |
27,359,000 (49th) |
• 2000 مردم شماري |
24,221,754 |
• گھاٽائي |
7.62 /km2 (19.7 /sq mi) (225th) |
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ |
• ڪل |
$1.6 کرب ڊالر[1] (19th) |
• في سيڪڙو |
$58,000 (13th) |
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ |
• ڪل |
$1.6 کرب ڊالر (11th) |
نورڊڪ ملڪ يا نورڊڪس(انگريزي: Nordic countries )[2] اتر يورپ ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جو جاگرافيائي ۽ ثقافتي خطو آھي جتي انھن کي عام طور تي نارڊن ( نادرن مان نڪتل: لفظي معنيَ: اتريون) سڏيندا آهن[3] ان خطي ۾ ڊينمارڪ، فن لينڊ، آئس لينڊ، ناروي، ۽ سويڊن وارن آزاد ۽ خودمختيار ملڪن سميت ڊينمارڪ جي بادشاھت ھيٺ خود اختيار ملڪ جھڙوڪ فيرو ٻيٽ (Faroe Islands) ۽ گرين لينڊ، فن لينڊ جي رياست ھيٺ خود اختيار خطو ائولنڊ ٻيٽَ، ناروي جي ميٽروپوليٽن علائقي جا بي اختيار خطا جان مايين ٻيٽ ۽ سوالبارڊ واري ٻيٽن جي جھرمٽ پڻ شامل آھن[4] ناروي جي بادشاھت جي ماتحت بُووَيٽ ٻيٽُ تمام پري واري جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن نورڊڪ ملڪن واري جاگرافيائي خطي ۾ شمار نہ ٿيندو آهي. يورپ جي اترئين پاسي جا کوڙ علائقا اتر ۾ ھجڻ ۽ نورڊڪ ملڪن سان ثقافتي ۽ نسلي لاڳاپا ھجڻ باوجود نورڊڪ خطي ۾ شمار نہ ٿيندا آهن جن ۾ اسڪاٽ لينڊ جا نادرن آئلز ۽ اسٽونيا شامل آهن.
نورڊڪ ملڪ تاريخ ، مذھب، سماجي بناوٽ ۾ ھڪجھڙائي رکندڙ آھن ۽ انھن جي سياسي اتحادن ۽ باھمي ويجھڙائپ جي ھڪ ڊگھي تاريخ رھي آھي پر اھي سڀ ھن وقت ھڪ وجود واري حيثيت نہ ٿا رکن. اوڻويھين صديءَ ۾ ڊينمارڪ، ناروي ۽ سويڊن کي ھڪ ملڪ بڻائڻ لاءِ اسڪينڊينيويائي تحريڪ شروع ٿي. ويھين صديءَ ۾ فن لينڊ ۽ آئس لينڊ جي آزادي بعد ان تحريڪ جو دائرو وڌي جديد منظم نارڊن سھڪار ۾ تبديل ٿي ويو. جنھن بعد ھيلسنڪي واري معاهدي سان نورڊڪ ڪائونسل ۽ نورڊڪ وزيرن واري ڪائونسل وجود ۾ آيا. انگريزي ۾ اسڪينڊينيويا کي پڻ نورڊڪ ملڪن جو نعم البدل سمجھيو ويو ھو جيڪو دراصل ٽن ملڪن ڊينمارڪ، سويڊن ۽ ناروي جو جاگرافيائي نالو آهي ۽ نورڊڪ ملڪن جو حصو آهي[5][6][7][8][9].
نورڊڪ ملڪن جي گڏيل پکيڙ 3٬425٬804 ڪلوميٽرزچورس (1٬322٬710 sq mi) آهي. ان جو اڌ حصو برف ۽ گگليشيئرن تي مشتمل ھجڻ ڪري رھائش جي قابل ناھي. گرين لينڊ جو اڌ کان وڌيڪَ علائقو رھائش جي قابل ناھي. جنوري 2013ع ۾ نورڊڪ ملڪن جي آبادي 2,60,00,000 ھئي[10].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org.
- ↑ "The next supermodel". The Economist. 2 February 2013. ISSN 0013-0613. https://www.economist.com/news/leaders/21571136-politicians-both-right-and-left-could-learn-nordic-countries-next-supermodel. Retrieved 15 October 2016.
- ↑ Götz, Norbert (2003). "Norden: Structures That Do Not Make a Region". European Review of History: Revue Européenne d'Histoire 10 (2): 323–341. doi: .
- ↑ "Fact about the Nordic region". وقت 9 March 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 March 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Scandinavia". In Merriam-Webster's Online Dictionary. Retrieved 10 January 2008: "Scandinavia: Denmark, Norway, Sweden – sometimes also considered to include Iceland, the Faeroe Islands, & Finland." (Merriam-Webster Online Dictionary defines "Nordic" as an adjective dated to 1898 with the meaning "of or relating to the Germanic peoples of northern Europe and especially of Scandinavia.").
- ↑ "Scandinavia" (2005). The New Oxford American Dictionary, Second Edition. Ed. Erin McKean. Oxford University Press, ISBN 0-19-517077-6: "a cultural region consisting of the countries of Norway, Sweden, and Denmark and sometimes also of Iceland, Finland, and the Faroe Islands".
- ↑ Scandinavia (2001). The Columbia Encyclopedia, Sixth Edition. Retrieved 31 January 2007: "Scandinavia, region of N Europe. It consists of the kingdoms of Sweden, Norway, and Denmark; Finland and Iceland are usually, but incorrectly, considered part of Scandinavia".
- ↑ Scandinavia (2007). Encyclopædia Britannica. Retrieved 31 January 2007, from Encyclopædia Britannica Online: "Scandinavia, historically, part of northern Europe, generally held to consist of the two countries of the Scandinavian Peninsula, Norway and Sweden, with the addition of Denmark".
- ↑ Scandinavia آرڪائيو ڪيا ويا 2009-10-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.(2006). Microsoft Encarta Online Encyclopedia. Retrieved 30 January 2007: "Scandinavia (ancient Scandia), name applied collectively to three countries of northern Europe – Norway and Sweden (which together form the Scandinavian Peninsula), and Denmark". 1 November 2009.
- ↑ Munch Haagensen, Klaus (2013). Nordic Statistical Yearbook. Nordic Council of Ministers. p. 8. doi: . ISBN 978-92-893-2350-5. http://urn.kb.se/resolve?urn=urn:nbn:se:norden:org:diva-1661.