مواد ڏانھن هلو

اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نيٽو کان چوريل)
نارٿ اينٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن
Organisation du traité de l'Atlantique nord

Flag

ناٽو جا رڪن ملڪ
مختصر NATO, OTAN
چونڊيل چوڻي Animus in consulendo liber
تشڪيل 4 اپريل 1949 (1949-04-04)
نوعيت فوجي اتحاد
صدر دفتر برسلز, بيلجيم
رڪنيت
سرڪاري ٻولي
جينز اسٽولٽين برگ
ايئر چيف مارشل اسٽورٽ پي , رايل ايئرفورس
جنرل ٽاڊ ڊي والٽرس، يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايئرفورس
جنرل آندري لاناٽا , فرينچ ايئر فورس
ويب سائٽ NATO.int

اتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيم (انگريزي: North Atlantic Treaty Organization) مختصر طور تی ناٽو (انگريزي: NATO) هڪ بين السرڪاري تنظيم جو وجود سرد جنگ جو نتيجو هو. يورپ ۾ سوويت اثر کي ختم ڪرڻ ۽ آمريڪي مفادن کي بچائڻ لاءِ پئسفڪ سمنڊ/بحرالڪاهل جي اتر جي ملڪن هڪ ٺھراء تي صحيون ڪيون، جنهن کي نيٽو چيو وڃي ٿو. ان ٺاھ تي 4 اپريل 1949ع ۾ واشنگٽن ڊي۔سي ۾ صحيون ڪيون ويون. شروع ۾ هي ٺاھ بيلجيم، ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فرانس، آئس لينڊ، اٽلي، لڪسمبرگ، هالئنڊ، ناروي، پورچوگال، برطانيا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيو هو. ترڪي ۽ يونان سال 1952ع ۾، جرمني 1955ع ۾ ۽ اسپين 1982ع ۾ هن ٺاھ ۾ شموليت اختيار ڪئي. اهو هڪ قسم جو دفاعي ٺاهه آهي، جنهن ۾ هر ميمبر ملڪ کي سلامتيءَ جي ضمانت ڏيندي چيو ويندو آهي، ته ڪنهن به رڪن ملڪ خلاف اڳرائيءَ جي صورت ۾ باقي رڪن ملڪ گڏجي ان جي حفاظت ڪندا. نيٽو جي سيڪريٽري ’لارڊ اسمي‘ نيٽو تنظيم بابت دلچسپ تذڪرو ڪندي چيو هو ته: هن اتحاد جو مقصد سوويت يونين کي دُنيا جي اهم هنڌن تان ٻاهر ڪڍي، آمريڪي دخل کي وڌائڻ ۽ جرمنيءَ کي دٻاءَ هيٺ رکڻ هو. جيتوڻيڪ ”جرمن ڀت“ جي ڪِرڻ کان پوءِ هن اتحاد پنهنجو پُراڻو رنگ مٽائي اوڀر يورپ جي ڪيترن پراڻن ويرين سان نه رڳو سنگت رکي، پرکين نيٽو جو ميمبر به بڻايو. هاڻوڪي دور ۾ عراق ۽ افغان مسئلن جي ڪري نيٽو جو ڪردار نئين سر طئي ٿيو آهي ۽ آمريڪي سرواڻي ۾ اهو اولھ جي قومن جو سياسي، فوجي توڻي معاشي طرح ”سرواڻ اتحاد“ بنجي چڪو آهي. پنهنجي قيام کان پوءِ، نيٽو پنهنجي ميمبرن جي انگَ ۾ 7 ڀيرا واڌارو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ البانيا، بلغاريا، ڪروشيا، چيڪ ريپبلڪ، اسٽونيا، سلاويڪيا، ترڪي، اسپين، ليٽويا، لٿوئانيا، پولنڊ ۽ رومانيا سندس ميمبر بڻيا. ان تنظيم جو مرڪز بيليجم جي شهر ’برسلز‘ ۾ آهي. [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "English and French shall be the official languages for the entire North Atlantic Treaty Organization." Final Communiqué following the meeting of the North Atlantic Council on 17 September 1949. "... the English and French texts [of the Treaty] are equally authentic ..." The North Atlantic Treaty, Article 14
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد