مواد ڏانھن هلو

گرين لينڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گرين لينڊ

Kalaallit Nunaat (Greenlandic)
ڊينمارڪ جي بادشاھت ۾ خوداختيار علائقو
گرين لينڊ جو جھنڊو
جھنڊو
گرين لينڊ جي سرڪاري مھر
نسبتي نشان
ترانو : "تون اسان جي قديم سرزمين"
گرين لينڊڪ ترانو: تمام وڏي سرزمين
گرين لينڊ جو مقام
گرين لينڊ جو مقام
مڪانيت  گرين لينڊ  (ڳاڙهو)نقشو ڊينمارڪ جي بادشاھت  (ڳاڙهو ۽ ھلڪو بادامي)
مڪانيت  گرين لينڊ  (ڳاڙهو)

نقشو ڊينمارڪ جي بادشاھت  (ڳاڙهو ۽ ھلڪو بادامي)

خودمختيار رياستڊينمارڪ جي بادشاھت
ناروي جي يونين1262
ڊينش نارويجن نئين نوآبادڪاري1721
ڊينمارڪ جي علحدگي14 جنوري 1814
گھرو راڄ1 مئي 1979
وڌيڪ خوداختياري ۽ پنھنجي حاڪميت21 جون 2009[1]
گادي جو هنڌنوڪ
64°10′N 51°44′W / 64.167°N 51.733°W / 64.167; -51.733
سڀ کان وڏوشھرگادي جو هنڌ
سرڪاري   ٻوليونگرين لينڊڪ
نسلي  گروھَ
(2018)
اصل رھاڪو:[2]

بعد جا آيل:

  • 7.8% ڊينش
  • 1.1% نورڊڪ
  • 1.4% ٻيا
مذھب
عيسائيت (گرين لينڊ جي ڪليسا)
آبادي جو نالو
  • گرين لينڊر
  • گرين لينڊڪ
حڪومتپارليامينٽري آئيني بادشاهت ھيٺ منتقل حڪومت
مارگريٽ ٻين
ميڪائيلا اينجيل
ڪم ڪئيلسن
ويويئن موٽزفيلڊٽ
قانونساز ادارواِنَٽسِسئَرٽُٽ
پکيڙ
  ڪل
2,166,086 km2 (836,330 sq mi)
  پاڻي  (%)
83.1 [3]
سڀ کان مٿي  اوچائي
3,700 m (12,100 ft)
آبادي
 2020 تخمينو
56,081[4] (210th)
  گھاٽائي
0.028/km2 (0.1/sq mi)
جي ڊي پي (پي پي پي)2011 تخمينو
 ڪل
$1.8 ارب ڊالر[5] (not ranked)
 في ڪس
$37,000 (40-th)
ايڇ ڊي آء (2010) 0.786[6]
high · 61st
ڪرنسيڊينش ڪرون (DKK)
وقت وارو خطوUTC±00:00 to UTC-04:00
تاريخ جو نمونوdd-mm-yyyy
ڊرائيونگ وارو پاسو ساڄو پاسو
ڪالنگ ڪوڊ+299
پوسٽل ڪوڊ
39xx
آء ايس او 3166 ڪوڊGL
انٽرنيٽ ٽي ايل ڊي .gl

گرين لينڊ (انگريزي: Greenland؛ گرين لينڊڪ: Kalaallit Nunaat، ڪلاليٽ نوناٽ) دنيا جي سڀ کان وڏي ٻيٽ جو نالو آهي.[7][8] گرين لينڊ آرڪٽڪ ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ وچ ۾ واقع آهي. اھو ڊينمارڪ جي بادشاھت ھيٺ ھڪ خودمختيار انتظامي علائقو آهي.[9] طبيعي جاگرافي جي لحاظ کان اھو اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي پر سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان ان جو واسطو يورپ سان وڌيڪ آھي، خاص طور تي ناروي، ڊينمارڪ ۽ آئس لينڊ سان ھڪ ھزار سال کان بہ وڌيڪ ويجھو رھيو آھي.[10] گرين لينڊ جي گادي جو هنڌ نوڪ آهي.

ھتان جي رھاڪن جي اڪثريت انيوئٽ آھي، جن جا ابا ڏاڏا الاسڪا کان اتر ڪيناڊا جي رستي لڏي آيا ھئا ۽ تيرھين صدي ۾ آھستي آھستي ان ٻيٽ تي آباد ٿيا.[11] اڄڪلھه آبادي ٻيٽ جي ڏکڻ-اولھه واري سامونڊي ڪناري لڳ مرڪوز آھي ۽ باقي ٻيٽ ۾ ڇڊي آبادي آھي. گرين لينڊ پنج ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي جن ۾ سرمرسوق، ڪوجاليڪ، ققرتالڪ، قيقئاٽا ۽ ايواناٽا شامل آهن. گرين لينڊ جا ٻہ غير شھري علائقا پڻ آهن جن ۾ نارٿ ايسٽ گرين لينڊ نيشنل پارڪ ۽ ٿولي ايئربيس شامل آهن. ايئر بيس ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ آهي، جن جو انتظام يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايئرفورس وٽ آهي.[12] گرين لينڊ جو ٽي ڀاڱي چار حصو مستقل برف جي چادر سان ڍڪيل آهي. گرين لينڊ جي آبادي سال 2020ع جي ڪاٿي مطابق 56,081 هئي. ھي ٻيٽ دنيا جي اندر سڀ کان وڌيڪ ڇڊي آبادي وارو علائقو آهي.[13] گرين لينڊ جي آبادي جو ٽيون حصو نوڪ شھر ۾ رھندڙ آھي جيڪو ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏو شهر سسيميوٽ جيڪو نوڪ کان اتر طرف 320 kilometres (200 mi) جي فاصلي تي واقع آهي. جاندارن جي تحفظ لاء گرين لينڊ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ نارٿ ايسٽ گرين لينڊ نيشنل پارڪ واقع آهي جيڪو 1974ع ۾ قائم ٿيو ۽ 1988ع ۾ وڌائي موجوده ايراضي 972,001 square kilometres (375,292 sq mi) تي آندو ويو.

تاريخ

[سنواريو]

گرين لينڊ گذريل 4500 سالن ۾ آھستي آھستي آرڪٽڪ ماڻھن سان آباد ٿيو جيڪي ھاڻوڪي ڪيناڊا جي پاسي کان اتي پھتا[14][15] نورس ان جي ڏاکڻي حصي ۾ ڏھين صدي عيسويءَ ۾ آئس لينڊ ۾ آباد ٿيڻ بعد پھچي رھائش اختيار ڪئي. انھن ليئف ايرڪسن سان گڏجي اتر آمريڪا جو پھريون بحري سفر ڪيو. اھڙي طرح اھي يورپي ڪولمبس کان 500 سال پھرين آمريڪا پھتا ھئا. انيوئٽ ھن ٻيٽ تي 13ھين صدي عيسوي ۾ پھتا. ناروي جي لاڳيتي اثر باوجود گرين لينڊ 1216ر کان اڳ ناروي جي بادشاھت ھيٺ نہ آيو ھو. پندرهين صدي جي آخر تائين ناروي ۾ پليگ جي وبا جي ڪري آبادي گھٽجي وئي تہ گرين لينڊ ۾ پڻ نورس آباديون ختم ٿي چڪيون هيون. ان عرصي دوران 1499ع ۾ اتي پورچوگيزي آيا ۽ ٽيرا ڊو ليوراڊور ٻيٽ جي کوجنا ۽ پوء دعويداري ڪئي جيڪو ھاڻي ڪيناڊا جو ليبراڊور نالي ٻيٽ آھي[16]. سترھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڊينمارڪ جا کوجي گرين لينڊ ٻيھر پھتا ۽ واپار کي مضبوط ڪيو. اتي ڊينمارڪ-ناروي جو راڄ قائم ٿيو. 1814ع ۾ ناروي ڊينمارڪ کان الڳ ٿيو ته ڪمزور حالت جي ڪري ناروي جو گرين لينڊ تي راڄ ھلي نہ سگھيو. گرين لينڊ ان سال مڪمل ڊينمارڪ جي قبضي ۾ اچي ويو. ٻي جنگ عظيم کان پوء يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڊينمارڪ کان ڏھ ڪروڙ ڊالرن جي عيوض گرين لينڊ خريد ڪرڻ جي چاھيو پئي پر ڊينمارڪ انڪار ڪيو. 1950ع ۾ ڊينمارڪ آمريڪا کي گرين لينڊ ۾ ٿولي ايئربيس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. 1953ع ۾ گرين لينڊ جي ڪالوني واري حيثيت کي ختم ڪيو ويو ۽ باقاعده ان کي ڊينمارڪ جي رياست جو حصو بڻايو ويو ۽ ھتان جا ماڻھو کي ڊينش شھريت ڏني وئي. 1961 ۾ گرين لينڊ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (EFTA) ۾ شامل ٿيو. ڊينمارڪ باني ميمبر ھجڻ ڪري 1960 ۾ شامل ٿي چڪو ھو پر ان جي رڪنيت 1973ع ۾ يورپين ڪميونٽيز ۾ شموليت جي ڪري ختم ٿي وئي. 1973ع ۾ گرين لينڊ ڊينمارڪ سان گڏ يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ شامل ٿيو. 1982ع ۾ ھڪ ريفرينڊم ۾ گرين لينڊ جي ماڻھن يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي مان نڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن تي عمل 1985ع ۾ ٿيو ۽ ان جي حيثيت يورپي ايڪانامڪ ڪميونٽي (ھاڻي: يورپي يونين) جي سمنڊ پار ملڪ ۽ علائقي واري ٿي وئي. ڊينمارڪ جي يورپي يونين ۾ شامل ھجڻ ڪري گرين لينڊ جي يورپي يونين سان اھا ويجھڙائپ واري حيثيت برقرار آھي ڇوتہ ڊينش شھريت جي ڪري اھي يورپي شھريت ۾ شامل آهن[17] 1979ع ۾ ريفرينڊم ذريعي ڊينمارڪ گرين لينڊ ۾ گھرو راڄ جي منظوري ڏني. 2008ع ۾ گرين لينڊ جي عوام ريفرينڊم ذريعي سيلف گورنمينٽ ايڪٽ جي حق ۾ پنھنجي حاڪميت قائم ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن سان ڊينش حڪومت کان گرين لينڊ جي حڪومت کي وڌيڪ اختيارن جي منتقلي ٿي.[18] نئين نظام ۾ گرين لينڊ جي حڪومت پوليس، عدالتي نظام، ڪمپني قانون، اڪائوٽنگ، آڊٽنگ، ھوابازي، معدنياتي وسيلا، وراثت، ڌاري آبادي، سرحدن جي حفاظت ۽ مالياتي ضابطن جي ذميداري گرين لينڊ جي حڪومت جي ذمي ٿي وئي. مالياتي پاليسي، خارجي معاملا ۽ دفاع اڃان ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ آهي. شروع ۾ 3.4 ارب ڊينش ڪرون جي سبسڊي ڊينمارڪ طرفان ڏني وئي جيڪا پوء آھستي آھستي گھٽائي وئي. گرين لينڊ جو دنيا م قابل تجديد توانائي ۾ وڏو حصو آھي[19]

جاگرافي

[سنواريو]
گرين لينڊ جو نقشو

گرين لينڊ دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ ۽ اتر آمريڪا ۾ ڪيناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس بعد سڀ کان وڏو خطو آهي[20] [21] ان جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ گرين لينڊ سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ نارٿ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولھ ۾ ڊيوس سامونڊي لنگھ، اولھ ۾ بيفن اپسمنڊ ۽ اتر اولھ ۾ ناريس سامونڊي لنگھ ۽ لنڪن سمنڊ واقع آھن. ناريس سامونڊي لنگھ ۽ بيفن اپسمنڊ جي ٻئي پار ڪيناڊا، ايٽلانٽڪ سمنڊ واري پاسي آئس لينڊ واقع آھن جيڪي گرين لينڊ جا پاڙيسري ملڪ آھن.

گرين لينڊ جو ڏکڻ اوڀر وارو ساحلي ڪنارو

موسم

[سنواريو]

ڌرتي جي اترين اڌ گول جو سڀ کان گھٽ ترين گرمي پد 22 ڊسمبر 1991ع ۾ گرين لينڊ ٽوپو گرافڪ چوٽي لڳ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو منفي 69.6C- ھيو[22]. نوڪ شھر جو روزانو وارو سراسري گرمي پد موسمن مطابق منفي 5.1C- کان 9.9C تائين گھٽ وڌ ٿيندو رھي ٿيو[23] گرين لينڊ جي ڪل پکيڙ 2,166,086 km2 (836,330 sq mi) آھي جنھن ۾ سن جا سمنڊ پار واقع ٻيا ننڍڙا ٻيٽ پڻ شامل آهن. ان مان 1,755,637 km2 (677,855 sq mi) ايراضي مستقل برف سان ڍڪيل آهي[24]. گرين لينڊ جو سڀ کان مٿانهون مقام اوڀر گرين لينڊ جبلن جي واٽڪنس نالي قطار جي Gunnbjørn Fjeld نالي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 3,700 m (12,139 ft) بلند آھي[25][26][27]. 1951ع ۾ ھڪ فرينچ سائنسدان پائول ايميل وڪٽر جي تحقيق مطابق برف جي چادر ھيٺ گرين لينڊ ٽن وڏن ٻيٽن ۾ ورھايل آھي[28]. اھا تحقيق اڃان تڪراري آھي. جيڪڏھن اھا ثابت ٿي بہ وڃي پوء بہ انھن ٻيٽن جي وچ ۾ سوڙھا سامونڊي لنگھ ھوندا.

گرين لينڊ جي جبلن جو فضائي منظر

گرين لينڊ جي برف جي چادر تي تحقيق لاءِ چار سائنسي مھمن جا اسٽيشن قائم ڪيل آھن.

ڏکڻ گرين لينڊ زراعت جي لاء موزون جاء آھي

آخري اتر ۾ ۾ پيئري لينڊ تي برف جي چادر ڪانھي ڇوته اتي ھوا ايتري خشڪ آھي جو برف ٺھڻ ممڪن ناهي.

زندگي جا انواع

[سنواريو]


گرين لينڊ جا مسڪ ڍڳا

گرين لينڊ ۾ ڄاتل جيتن جا 700 قسم موجود آهن جيڪي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهن ڇوته دنيا ۾ جيتن بجي ڄاتل قسمن جو تعداد ڏھ لک تائين آھي. گرين لينڊ جو سمنڊ مڇين سان سرشار آھي. ھتي جي جاندارن جو وڏو تعداد سامونڊي پکين تي مشتمل آهي. مئمل جانورن جا ھتي ٿورڙا قسم آھن جن ۾ قطبي رڇ، ڦاڙھو، آرڪٽڪ لومڙ، آرڪٽڪ سيھڙ، مسڪ ڍڳو، آرڪٽڪ بگھڙ، قاقم (ermine), ڪالرڊ ليمنگ (collard lemming). گرين لينڊ جي سمنڊ ڪناري لڌڙن ۽ سمنڊ اندر وھيل جا بہ کوڙ قسم رھن ٿا. زميني جانورن مان تقريبن سمورا اتر آمريڪا کان ھتي آيا. پکي ۽ جيت ھتي يورپ مان آيا. ريڙهيون پائيندڙ جاندار گرين لينڊ ۾ ڪانہ آھن[29]. گرين لينڊ ۾ وڏن وڻن ۽ وڏن ٻوٽن جا 500 قسم ۽ باقي جا 950 قسم آھن. فنجاء جا 600 کان 700 قسم لڀن ٿا. وڏن وڻن جي اڪثريت سرڪمبوريئل آھي. ڪجهه وڻ ھتي نورس نسل جي ماڻھن متعارف ڪرايا.

گرين لينڊڪ ڪتو جيڪو ھڪ ھزار سال اڳ ھتي سائبيريا مان آندو ويو

گرين لينڊڪ ڪتو ۽ گرين لينڊڪ رڍ ھتي انيوئٽ ماڻھن آندا. ٻڪري، ڦاڙھو، گھوڙو، ريڍار ڪتو، ڪڪڙ ۽ چوپايو مال ھتي يورپين متعارف ڪرايو[30].

سياسي نظام

[سنواريو]


يورپي يونين جا مخصوص علائقا
نوڪ گرين لينڊ جو گاديءَ جو هنڌ آهي

گرين لينڊ جو رياستي سربراھ ڊينمارڪ جو شاھي حڪمران آھي. ھن وقت راڻي مارگريٽ ٻين شاھي سربراھ آھي جيڪا ڊينمارڪ جي رياستي سربراھ آھي ۽ اسٽيٽ جي ڊينش ڪائونسل(پروي ڪائونسل) جي صدارت ڪندي آهي[31][32] [33][34] گرين لينڊ جي سياسي جماعتن ۾ فارورڊ پارٽي جيڪا سوشل ڊيموڪريٽڪ آھي، انيوئٽ ڪميونٽي جيڪا ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ آھي، انيوئٽ پارٽي جيڪا ايڪو سوشلسٽ آھي، ڊيموڪريٽ پارٽي ۽ سيومٽ پارٽي شامل آهن.

گرين لينڊ جون ميونسپالٽيون

ڊينمارڪ جي راڻي گرين لينڊ جي لاءِ ھاء ڪمشنر مقرر ڪندي آهي جيڪو گرين لينڊ م ان جي نمائندگي ڪندو آهي. ڊينمارڪ جي پارليامينٽ جو نالو فولڪيٽنگ آھي جنھن جا 179 رڪن آھن جن ۾ گرين لينڊ جي نمائندگي ٻہ رڪن ڪندا آهن جيڪي گرين لينڊ مان چونڊجي ايندا آهن[35]. گرين لينڊ کي نيوڪ ۾ پنھنجي الڳ پارليامينٽ آھي جنھن جا ڪل 31 رڪن آھن. گرين لينڊ جي حڪومت جو سربراھ پريميئر سڏبو آهي.

انتظامي ورهاست

[سنواريو]

گرين لينڊ پھرين ٽن ڪائونٽين ۽ 18 ميونسپلٽين ۾ ورھايل ھيو. اھو نظام 2009ع ۾ ختم ڪيو ويو. نئين ورھاست ڏکڻ گرين لينڊ جي پنجن وڏين ميونسپلٽين ۾ ڪئي وئي جن ۾ سرمرسوق ، ڪوجاليڪ، قيقئاٽا، ققرتالڪ ۽ ايواناٽا. سرمرسوق لفظ جي معني آهي گھڻي برف. اھا نوڪ شھر جي چوڌاري واقع آهي جنھن ۾ اوڀر واري سامونڊي ڪناري جون آباديون اچي وڃي ٿو. ڪوجاليڪ جي معنيَ آھي ڏکڻ. ان ۾ ڪيپ فيئرويل جو چوڌاري علائقو شامل آهي. قيقئاٽا جي معنيَ آهي وچ. اھو نوڪ جي اتر طرف وارو علائقو آھي جيڪو ڊيوس سامونڊي لنگھ سان ملي ٿو. ققرتالڪ لفظ جي معني آهي اھو جيڪو ٻيٽن جي ويجھو ھجي. ڊسڪو اپسمنڊ جي ٻيٽن جي ويجھڙائپ ڪري ان تي اھو نالو پيو. ايواناٽا جي معنيَ آهي اتريون . اتر اولھ ۾ ھجڻ ڪري ان کي اھو نالو پيو. ققرتالڪ ۽ ايواناٽا پھرين ھڪڙي ميونسپلٽي ھئي جنھن کي 2018ع ۾ ورھايو ويو. گرين لينڊ جي اتر اوڀر واري علائقي کي ٻن غيرشھري علائقن ۾ ورھايو ويو جن ۾ ھڪ کي دنيا جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ بڻايو ويو ۽ باقي ٻئي ۾ ٿولي ايئربيس واقع آهي تنھن ڪري ان ايئربيس جي مالي سان سڏبو آهي.

معيشت

[سنواريو]
گرين لينڊ جون برآمدون ڏيکاريندڙ گراف

گرين لينڊ جي معيشت لڳ ڀڳ ماھيگيري تي مدار رکندڙ آھي. ملڪ جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪَ برآمد مڇي آهي.[36] گانگٽ ۽ مڇي جي صنعت آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي[37] گرين لينڊ ۾ معدنيات جي پڻ ڪثرت آھي[36] ياقوت جي کاڻن جو ڪم 2007 ۾ شروع ڪيو ويو.

ڏکڻ اوڀر گرين لينڊ جي سرمرسوق ميونسپلٽي ۾ واقع شھر تاسيئلاق
سسيميوٽ جي بندر تي لنگرانداز ٿيل رايل گرين لينڊ مڇي جي شڪار وارو ٻيڙو

ھائڊرو پاور واري صلاحيت ھجڻ باوجود ھتي بجلي جي پيداوار گھڻي ڀاڱي تيل يا ڊيزل واري پلانٽن ذريعي ٿئي ٿي. پر ھاڻي ھائڊرل پاور پلانٽ لڳائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي[38][39] پبلڪ ايٽرپرائيزز سميت پبلڪ سيڪٽر ۽ ميونسپالٽيون گرين لينڊ جي معيشت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. حڪومت جي لڳ ڀڳ اڌ آمدني ڊينمارڪ حڪومت جي گرانٽ ذريعي ملي ٿي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Self-rule introduced in Greenland". BBC News. 21 June 2009. http://news.bbc.co.uk/2/hi/8111292.stm.
  2. "Bekendtgørelse af ILO-konvention nr. 169 af 28. juni 1989 vedrørende oprindelige folk og stammefolk i selvstændige stater". Retsinformation.dk. 9 October 1997.
  3. {As of 2000: 410,449 km2 (158,475 sq mi) ice-free; 1,755,637 km2 (677,855 sq mi) ice-covered.
    Density: 0.14/km2 (0.36 /sq. mi) for ice-free areas.}
  4. "Population and Population Growth 1901-2020". Statistical Greenland. Retrieved 7 April 2020.
  5. Greenland in Figures 2013. Statistics Greenland. ISBN 978-87-986787-7-9. http://www.stat.gl/publ/en/GF/2013/pdf/Greenland%20in%20Figures%202013.pdf. Retrieved 2 September 2013.
  6. Avakov, Aleksandr Vladimirovich (2012). Quality of Life, Balance of Powers, and Nuclear Weapons (2012): A Statistical Yearbook for Statesmen and Citizens. Algora Publishing. p. 51. ISBN 978-0-87586-892-9. https://books.google.com/books?id=p--IYwyuog0C&pg=PA51.
  7. {آسٽريليا ۽ انٽارڪٽيڪا گرين لينڊ کان وڏا آھن پر انھن جو شمار کنڊن ۾ ٿئي ٿو}
  8. "Joshua Calder's World Island Information". Worldislandinfo.com. Archived from the original on 23 April 2011. Retrieved 6 September 2010.
    • Benedikter, Thomas (2006-06-19). "The working autonomies in Europe". Society for Threatened Peoples. Denmark has established very specific territorial autonomies with its two island territories
    • Ackrén, Maria (November 2017). "Greenland". Autonomy Arrangements in the World. Faroese and Greenlandic are seen as official regional languages in the self-governing territories belonging to Denmark.
    • "Greenland". International Cooperation and Development (in انگريزي). European Commission. 2013-06-03. Retrieved 2019-08-27. Greenland [...] is an autonomous territory within the Kingdom of Denmark
  9. The Fate of Greenland's Vikings آرڪائيو ڪيا ويا 11 January 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., by Dale Mackenzie Brown, Archaeological Institute of America, 28 February 2000
  10. Mcghee, Robert (3 April 2015). "Thule Culture". Canadian Encyclopedia. Historica Canada. Archived from the original on 20 November 2015. Retrieved 1 June 2015.
  11. "Qaasuitsup kommunia". www.qaasuitsup.gl. Archived from the original on 21 July 2011. Retrieved 11 February 2018.
  12. "Population density (people per sq. km of land area)". The World Bank. Archived from the original on 5 June 2013. Retrieved 3 November 2012.
  13. "Saqqaq-kulturen kronologi". National Museum of Denmark. Archived from the original on 7 December 2013. Retrieved 2 August 2013.
  14. "mtDNA variation among Greenland Eskimos: the edge of the Beringian expansion". American Journal of Human Genetics 67 (3): 718–26. 2000. doi:10.1086/303038. PMID 10924403.
  15. The Portuguese Explorers آرڪائيو ڪيا ويا 8 May 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Heritage.nf.ca. Retrieved on 21 June 2016.
  16. "OVERSEAS COUNTRIES AND TERRITORIES (OCTS)" (Website). Eur-lex.europa.eu. Retrieved 2020-09-14.
  17. Greenland in Figures 2012. stat.gl. ISBN 978-87-986787-6-2. http://www.stat.gl/publ/en/GF/2012/content/Greenland%20in%20Figures%202012.pdf. Retrieved 10 February 2013.
  18. Nordic Investment Bank. "Hydropower creates clean energy and jobs in Greenland". NIB. Nordic Investment Bank. Archived from the original on 3 November 2016.
  19. "The Island of Greenland". Hidden Journeys – explore the world from the air. Archived from the original on 14 July 2014. Retrieved 8 July 2014.
  20. "Demographic Yearbook – Table 3: Population by sex, rate of population increase, surface area, and density". United Nations Statistics Division. 2008. http://unstats.un.org/unsd/demographic/products/dyb/dyb2008/Table03.pdf. Retrieved 24 September 2010.
  21. WMO verifies -69.6°C Greenland temperature as Northern hemisphere record, archived from the original on 2020-09-23, retrieved 2020-12-14 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)
  22. d.o.o, Yu Media Group. "Nuuk, Greenland - Detailed climate information and monthly weather forecast". Weather Atlas (in انگريزي). Archived from the original on 17 August 2019. Retrieved 2019-08-17.
  23. "IPCC Climate Change 2001: Working Group I: The Scientific Basis". Grida.no. Archived from the original on 16 December 2007. Retrieved 6 September 2010.
  24. "map (map on p. 4)". Archived from the original on 18 July 2011. Retrieved 6 September 2010.
  25. DK Atlas, 2001.
  26. Schneider, D. (2003). "American Scientist Online – Greenland or Whiteland?". Sigma Xi. Archived from the original on 10 May 2011. Retrieved 3 March 2008.
  27. "Find Greenland Icecap Bridges Three Islands آرڪائيو ڪيا ويا 12 April 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.", Ellensburg Daily Record, 24 October 1951, p. 6. Retrieved 13 May 2012.
  28. "Greenland Wildlife". Redaction. The Great Danish Encyclopedia. 2014. Archived from the original on 13 March 2016. Retrieved 8 October 2015.
  29. "Greenland". Encyclopædia Britannica, Eleventh Edition.
  30. "The executive power is vested in the King." The Constitution of Denmark – Section 3. آرڪائيو ڪيا ويا 10 July 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  31. "The body of Ministers shall form the Council of State, in which the Successor to the Throne shall have a seat when he is of age. The Council of State shall be presided over by the King..." The Constitution of Denmark – Section 17. آرڪائيو ڪيا ويا 10 July 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  32. The Monarchy today آرڪائيو ڪيا ويا 15 February 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.The Danish Monarchy (kongehuset.dk). Access date: 16 Jun
  33. "The King shall not be answerable for his actions; his person shall be sacrosanct." The Constitution of Denmark – Section 13. آرڪائيو ڪيا ويا 10 July 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  34. Folketinget – Folketinget.dk آرڪائيو ڪيا ويا 28 June 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Ft.dk. Retrieved on 21 June 2016.
  35. 1 2 Walsh, Maurice (2017-01-28). "'You can't live in a museum': the battle for Greenland's uranium". The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/environment/2017/jan/28/greenland-narsaq-uranium-mine-dividing-town.
  36. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named cia-factbook
  37. "Greenland's red hot labour market". Nordic Labour Journal. 12 October 2011. http://www.nordiclabourjournal.org/i-fokus/in-focus-2011/boom-for-nordic-mining-industry/article.2011-10-12.8124853746. Retrieved 10 February 2013.
  38. Chinese Workers—in Greenland? آرڪائيو ڪيا ويا 13 February 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. 10 February 2013 BusinessWeek.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

72°00′N 40°00′W / 72.000°N 40.000°W / 72.000; -40.000

سانچو:Greenland topics