گرين هائوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


گرين هائوس منفي اثر ۽ زمين جو ڪوليسٽرول

ترجمو:”دريا خان سنڌي“


زمين گرم ٿي رهي آهي انجي وڏي وجہ گرين هائوس گيسن جو رجهان ۽  فضا ۾ وڌندڙ اضافو آهي پر هي گرين هائوس گيسون آهن ڇا

گرين هائوس گيسون پاڻ خراب نہ بلڪي ضروري آهن ائين جيئن جسم ۾ ڪوليسٽرول ضروري آهي جسم کي انجي ضرورت آهي دماغ جي خلين تي چادر چاڙهڻ جي لاءِ ۽ ڪجھ هارمونز ۽ وٽامنز کي بنائڻ جي لاءِ پر جڏهن انجي سطح گھڻي ٿي وڃي تہ مسئلا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن گرين هائوس گيسن سان گڏ بہ ائين ئي آهي

اس زمين تائين پهچي ٿي پوءِ زمين جي سطح تي پوئي ٿي ۽ انکي گرم ڪندي آهي زمين کان گھٽ حرارت نڪري ڪري خلا جي طرف انفراريڊ روشني جي صورت ۾ ويندي آهي جيڪڏهن هوا ۾ صرف نائيٽروجن ۽ آڪسيجن ئي هجي تہ انن جي ٻن ايٽمن تي مشتمل ماليڪيول اس کي جذب نہ ڪن ها وڏا ماليڪيولن واري گيس جيئن ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ يا ميٿين انکي آساني سان جذب ڪري سگھن ٿيون جڏهن حرارت وڌي ويندو آهي انھن گيسن کان بغير جيڪي پد حرارت جي انجو سياري تي پد حرارت سان فرق گرين هائوس ايفيڪٽ چورائبو آهي مريخ تي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ تي مشتمل هوا جي سنهڙي چادر پنج درجي سينٽي گريڊ جو اضافو ڪندو آهي زهل سياري تي پنج سئو درجا جڏهن تہ زمين تي پنجٽيهه درجا جيڪڏهن هي ايفيڪٽ نہ هجن ها تہ زمين گھڻي ٿڌي هجي ها

سڀ کان اهم گرين هائوس گيس پاڻي آهي يعني آبي بخارات ٻہ ڏهائي اثر انجي وجھ سان ئي آهي يعني ويھ درجا سينٽي گريڊ اضافو ان وجھ سان آهي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ ٻيون گيسون ملي ڪري پندرهن درجا اضافو ڪنديون آهن

سڀ کان گھڻو الزام ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ تي ڇو لڳايو ويندو آهي ڇوجو ان ۾ ٿيندڙ اضافي جي رفتار گھڻي تيز آهي پوئين صدين ۾ انجو ريشو ڪيترو هيو انکي برفاني علائقن ۾ برف جي تهن ۾ ڦاٿل هوا جي بلبلن جي تجزئي سان معلوم ڪري سگھجي ٿو انساني تاريخ ۾ انجو ريشو ٻہ سئو اسي ماليڪيول في ڏھ لک رهيو هيو پوءِ صنعتي انقلاب آيو وڏي پيماني تي هائيڊروڪاربن سڙڻ شروع ٿي ويا هي 1950ع ۾ ٽي سئو ٻارهن تائين پھچي ويو هيو ۽ هاڻي چار سئو کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي

برطانيا جي اسٽيل ڪنگ هنري بسمر جن 1882ع ۾ لکيل خط ۾ فخر سان چيو هيو تہ صرف برطانيا ۾ سالانو ايترو ڪوئلو ساڙيو ويندو آهي جنھن سان غزہ جي وڏي عراضي مصر کي 55 مرطبا ڀريو وڃي سگھجي ٿو يا چيني ڀت کان ساڊها ٽي سئو وڏي ڀت ٺاهي سگھجي ٿي ياد رهي تہ ان وقت تائين اڃان گاڏيون جديد شپنگ يا پيٽروليم انڊسٽري جو آغاز اڃان نہ ٿيو هيو

پوئين پنجاھ سال ۾ هوا ۾ هڪ هزار ٽريلين ڪلو گرام ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ داخل ٿي چڪي آهي هر سيڪنڊ ۾ ان ۾ ساڊها ست لک ڪلو گرام جو اضافو ٿي رهيو آهي جيتوڻيڪ هي عدد ننڍا ناهن هي عدد وڌيڪ خراب ان وقت ٿي ويندا آهن جڏهن اسان ٻين گيسن کي ڏسڻ شروع ڪندا آهيون ميٿين ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي مقابلي ۾ پنجويهه سيڪڙو گھڻي حرارت جذب ڪندي آهي انجو سڀ کان وڏو ذريعو پالتو جانورن مان نڪرندڙ گيسون آهن هڪ ڳئون روزانو 570 ليٽر ميٿين خارج ڪندي آهي دنيا ۾ سالانو اسي ارب ڪلو گرام ميٿين گيس جو اضافو ٿي رهيو آهي انھن مان ھڪ حصو قدرتي طور تي ناس سڙي ويندو آهي پر سڀ نہ انکان بہ وڌيڪ اثر رکندڙ نائيٽروس آڪسائيڊ آهي کلائڻ واري گيس هي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کان ٽي سئو سيڪڙو گھڻو اثر رکندڙ آهي ان سان بہ وڌيڪ ڪلوروفلورو ڪاربن آهي جيڪا نہ صرف اوزون جي تھ کي نقصان پهچائيندي آهي بلڪي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کان ڪيترا ئي هزار سيڪڙو گھڻي حرارت جذب ڪندي آهي اربن ماليڪيول مان صرف ڪجھ حصا هجڻ جي باوجود انجو وڏو ڪردار آهي

سڀ کان وڏو مسئلو ڪلوروفلورو ڪاربن ناهي پاڻي آهي جيڪو مثبت جواب جي ذريعي ان سائڪل کي آئوٽ آف ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو وڌندڙ پد وڌيڪ آبي بخارات پيدا ڪندو آهي جيڪي وڌيڪ حرارت جذب ڪندا آهن ۽ پد حرارت جي سائڪل کي تيز رفتاري سان ابتو ڪري سگھي ٿو مثبت جواب جو لوپ ڪنھن بہ سسٽم جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو هوندو آهي ننڍڙيون تبديلين جا وڏا نتيجا ان وجھ سان ٿيندا آهن

جيڪڏهن موسم ۾ وڏيون تبديليون اچي وڃن تہ زندگي هلندي رهندي..!! جي ها زمين ۾ گهڻيون ئي تبديلون اينديون رهنديون آهن پد حرارت گھڻا رهيا آهن پر زندگي هلندي رهي آهي هاڻ انساني زندگي باقي رهڻ جي گارنٽي ناهي ماضي ۾ جڏهن پد حرارت گھڻا هوندا هيا تہ انهي محل زندگي موجود هئي ان کان پھريان اسان ملي ڪري عالمي تعاون سان ڪلوروفلورو ڪاربن سلفر ڊائي آڪسائيڊ ۽ نائيٽروجن آڪسائيڊ جي مسئلن تي قابو ڪري چڪا آهيون اوزون گيس ۽ تيزابي مينھن جي حل ڪڍي چڪا آهيون گلوبل وارمنگ انھن کان وڌيڪ مشڪل مسئلو آهي

هي مسئلو انسانن جي ڪيترن رخن کي سامھون رکي ڪري اچي رهيو آهي جن ۾ بدترين رخ پنھنجي غرضي ۽ مدتي سوچ آهي اسان مجموعي طرو تي شارٽ ٽرم سوچ رکڻ وارا آهيون خطرن سان ملي ڪري مقابلن ڪرڻ جي بجائي پاڻ ۾ وڙهڻ پسند ڪندا آهيون جيستائين تباهي سامھون ۽ واضع طور تي ڏيک نہ ڏئي اسان ڪجھ ڪرڻ جي تيار ناهيون هوندا جڏهن نظر اچي وڃي تہ پوءِ انجو حل ڪڍڻ ۾ لڳي ويندا آهيون پر وقت پوئتي ناهي مڙندو ٻيو رخ اهيو آهي تہ

گلوبل وارمنگ جتي دنيا جي وڏي حصي کي نقصان پهچائيندي اتي ڪجھ ملڪن کي فائدو بہ ان لاءِ مشڪل فيصلن لاءِ عالمي تعاون وٺڻ آسان ناهي مثال سائبيريا مان برف پگهرجي وڃڻ ۽ آرڪٽڪ رستي سان سمنڊي راني شروع ٿي وڃڻ روس جي لاءِ گھڻو فائديمند ٿيندو

انجو هڪ ئي حل آهي سڀ ملي ڪري عالمي آلودگي جي مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسي ڪري اهڙا عملي قدم کڻن

هي ڪنھن حد تائين شايد ٿي وڃن پر حقيقت هي آهي تہ انجي حوالي سان وڏا قدم کڻڻ جتي ضروري آهي اتي صرف اهي ئي ڪافي نہ آهي ان مسئلي کي تسليم ڪري رهڻي ڪرڻي خوارڪ کان وٺي ڪري ٻيون تبديليون ڪرڻ ۾ سست رفتاري جي وڏي وجھ انساني فطرت آهي نئين تبديلين سان گڏ رهڻ جي لاءِ حل بہ ڳولهڻا پوندا موسم ۽ سسٽم جنھن کي اسان صحيح طرح ناهيون سمجھندا پر جيڪڏهن ڊسپريشن تائين ايندي تہ شايد ڪجھ تجربا ڪرڻا پون اهوئي تجربا جيڪي پوري دنيا کي متاثر ڪندا ۽ نتيجن جو اسان کي صحيح علم تجربي کانپوءِ ئي ٿي سگھندو اهي سڀ طريقا متضاد آهن ۽ هي شعبا علم ڪلائميٽ انجنيئرنگ يا جيو انجنيئرنگ چورائبا آهن

ممڪن آهي تہ زمين جي ڪولسٽرول جو مقابلو ڪرڻ جي دوا هڪ ٻئي زهريلي گيس سلفر ڊائي آڪسائيڊ هجي هر دوا پنھنجا سائيڊ ايفيڪٽ بہ رکندي آهي