مواد ڏانھن هلو

آئس لينڊ جو صدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صدر جو آئس لينڊ
Forseti Íslands
گلوني ٿارليسيئس يوحاناسن، آئس لينڊ جو صدر
موجوده عهديدار
گلوني ٿارليسيئس يوحاناسن

کان وٺي 1 August 2016
صدر جو عهدو
رڪنState Council of Iceland
سرڪاري رهائشگاههپيساستادر
سيٽڪرداپائر ,(Garðabær) , گادي واري ريجن
مدتِ عهديچار سال
نئين صدر جي چونڊ تائين عھدي تي رھي سگھي ٿو
بنيادي قانوني دستاويزآئس لينڊ جو آئين
پيش روآئس لينڊ جي بادشاھت
پهريون عهديدارسيوئن بيارنسن
قيام17 جون 1944
جانشيني ترتيبگڏيل
پارليامينٽ جو صدر, وزيراعظم ۽ سپريم ڪورٽ جو صدر.
پگهار289,000 سالياني[1] (2017)
ويب سائيٽenglish.forseti.is


آئس لينڊ جو صدر(انگريزي: President of Iceland ) آئس لينڊ ملڪ جو رياستي سربراھ آھي. ان جي چونڊ چئن سالن لاءِ ٿيندي آهي پر ان جي صدارت جو مدي جي ڪا حد ناھي ھوندي. صدر جي سرڪاري رھائشگاھ ۽ آفيس ريڪجاويڪ شھر ڀرسان واقع ڪرداپائر ميونسپلٽي ۾ پيساستادر نالي سان عمارت ۾ آهي. آئسلينڊ 1944ع ۾ نئين آئين جي نفاذ سان ريپبلڪ ٿيو جنھن سان صدر جي عھدي جي شروعات ٿي ۽ آئس لينڊ جي بادشاھ جو عھدو ختم ٿي ويو. آئين ۾ واضع ڪيو ويو تہ پھريون صدر پارليامينٽ چونڊيندي. صدر جي اھليت لاء لازم آھي تہ اھو گھٽ ۾ گھٽ 35 سال عمر جو ھجيظ ۽ پارليامينٽ جي رڪن ٿيڻ جو اھل ھجي.

صدر جا اختيار

[سنواريو]

آئس لينڊ جي ڪابينه جي وزيرن جي مقرري صدر ڪندو آهي. آھي استعيفا ڏيڻ جي مجاز ناھن ھوندا صرف صدر انھن کي فارغ ڪندو آهي. عام چونڊن کان پوءِ صدر چونڊن ۾ آيل سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان مذاڪرات ڪندو آهي تي جيئن اڪثريت جي بنياد تي حڪومت ٺاهڻ لاء اھل اڳواڻ جو تعين ٿي سگھي. اھا صدر جي آئيني ذميداري آهي[2] اسٽيٽ ڪائونسل جي اداري ۾ ڪابينه صدر سان ملاقات ڪندي ان کي اھم معاملن جي ۽ تيار ڪيل بلن جي ڄاڻ ڏيندي آهي. ان ملاقات ۾ ڪابينه صدر کي پارليامينٽ جي اجلاس سڏائڻ، ملتوي ڪرڻ يا پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جو مشورو ڏيندي آهي. صدر ڪنھن بہ ھلندڙ فوجداري ڪيس کي ختم ڪرڻ کان علاوہ قيدي کي مليل سزا معاف ڪرڻ جا اختيار پڻ رکي ٿو. آئين جي شق نمبر 2 مطابق صدر ۽ پارليامينٽ ٻئي قانونسازي جو گڏيل اختيار رکن ٿا. پارليامينٽ جو منظور ٿيل قانون صدر جي توثيق سان عمل ۾ اچي ٿو. صدر کي ان قانون کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار پڻ آھي. ويٽو جي صورت ۾ جيڪڏهن پارليامينٽ ان تان دستبردار نہ ٿئي تہ پوء قانون تي عمل جو فيصلو عوامي ريفرينڊم ذريعي ٿيندو آهي. آئس لينڊ ۾ ملڪ جا صدر ٽي دفعا 2004، 2010, 2011 ويٽو جو اختيار استعمال ڪري چڪا آهن. اھو اختيار صدر انتھائي غيرمعمولي حالتن ۾ استعمال ڪرڻو هوندو آهي[3]. صدر پارليامينٽ ۾ بل ۽ قراردادون پڻ پيش ڪري سگھندو آھي جيڪي ان کي لازمن ويچار ھيٺ آڻڻا ھوندا آھن. جڏھن پارليامينٽ اجلاس ۾ نہ ھوندي آھي تہ صدر عارضي قانون پڻ نافذ ڪندو آھي پر اھي پارليامينٽ جيڪڏهن بعد ۾ اجلاس ۾ منظور نہ ڪندي آهي تہ اھو عارضي قانون ڪالعدم ٿي ويندو آهي.

پگھار

[سنواريو]

آئس لينڊ جي صدر جي پگھار 2,480,341 آئسلينڊڪ ڪرونا آھي.

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Iceland's president turns down a monthly pay increase of 5,300 USD".
  2. "Hvað gerir forseti Íslands og hvaða völd hefur hann?". Vísindavefurinn. 2016-12-31 تي حاصل ڪيل.
  3. Jóhannesson, Guðni Th. (2016). Fyrstu forsetarnir. ص. 57.