لٿوينيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ريپبلڪ آف لٿوينيا

Flag of Lithuania
لٿوينيا جو نسبتي نشان
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: Tautiška giesmė
(انگريزي ٻولي: "قومي گيت")
EU-Lithuania.svg
Lithuania in the world (W3).svg
مڪانيت  لٿوينيا  (تيزي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل)

– يورپ ۾  (سائي رنگ ۾ & تيز خاڪي رنگ سان ڏيکاريل)
– in يورپي يونين  (سائي رنگ ۾)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ ولنس
54°41′N 25°19′E / 54.683°N 25.317°E / 54.683; 25.317
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون لٿوينيائي [1]
علائقائي پولش , روسي
نسلي گروھ (census 2019[2])
مذهب (2016[3])
مقامي آبادي لٿوينيائي يا لٿوينيئن
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ [4] [5]
• صدر
گٽانس نوسيدا
سئولس ڪورنالس
وڪٽورس پرنسڪيئٽس
مقننه سيئمس
لٿوينيا جو قيام
• لٿوينيا نالي جو پھريون دفعو ذڪر
9 مارچ 1009
1236
• مائنڊاگس جي تاج پوشي
6 جولاء 1253
2 فيبروري 1386
• پولش- لٿوينيائي دولت مشترڪه جو قيام
1 جولاء 1569
24 آڪٽوبر 1795
• آزادي
16 فيبروري 1918
• ٻيھر آزاد رياست جو قيام
11 مارچ 1990
• نيٽو ۾ شموليت
29 مارچ 2004
• يورپي يونين ۾ شموليت
1 مئي 2004
پکيڙ
• جملي
65٬300 km2 (25٬200 sq mi) (121st)
• پاڻي (%)
1.35
آبادي
• 2020 اندازو
Increase2.svg2,794,329[6] (140th)
•  گھاٽائي
43 /km2 (111.4 /sq mi) (173rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$107 ارب ڊالر [7] (83rd)
• في سيڪڙو
$38,751[7] (38th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$56 ارب ڊالر [7] (80th)

مڪانيت: 55°N 24°E / 55°N 24°E / 55; 24


لٿوينيا(انگريزي: Lithuania ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف لٿوينيا آھي اتر یورپ جي بالٽڪ ريجن ۾ واقع ھڪ ننڍي بالٽڪ رياست آهي [10][11]. [12] جيڪا بالٽڪ سمنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي، سويڊن ۽ ڊينمارڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آھي ان جون سرحدون اتر ۾ ليٽويا، اوڀر ۽ ڏکڻ م بيلاروس سان، ڏکڻ ۾ پولينڊ سان، ڏکڻ اولھ م روس جي اوبلاسٽ ڪاليننگراڊ (روسي اينڪليو ۽ ايڪسڪليو ) سان ملن ٿيون. ھڪ ڪاٿي مطابق ھن ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 28 لک آھي. ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ولنس آھي. ملڪ جا ٻيا وڏا شھر ڪئونس ۽ ڪلئيپڊا آھن. لٿوينيائي ماڻھو بالٽ نسل سان تعلق رکندڙ آھن. ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي لٿوينيائي ٻولي آھي جيڪا بالٽ نسل جي ٻن بالٽڪ شاخ جي ٻولين: لٿوينيائي ۽ ليٽويائي مان ھڪ آھي.

تاريخ[سنواريو]

ڪيتريون ئي صديون اڳ بالٽڪ سمنڊ جي ڪنارن تي بالٽڪ قبيلا آباد ٿيا. 1230 واري ڏھاڪي ۾ لٿوينيائي علائقن کي منائنڊگس متحد ڪيو اھڙي طرح 6 آگسٽ 1253ع تي لٿوينيائي بادشاھت جنم ورتو[13] 1362ع يا 1363ع ۾ گرينڊ ڊيوڪ الگيرڊس بلو واٽرس واري جنگ ۾ منگولن جي خانيٽ کي شڪست ڏئي يوڪرائين جي شھر خيو ۽ ٻين وڏن علائقن کي لٿوينيائي گرينڊ ڊچي ۾ شامل ڪيو ۽ منگولن جي پيش قدميءَ کي روڪي ڇڏيو. ان سرحدي توسيع سان لٿوينيائي گرينڊ ڊچي جون حدون ماسڪو جي گرينڊ ڊچي سان ملي ويون[14].[15]


تيرھين کان پندرھين صدي عيسويءَ ۾ لٿوينيائي گرينڊ ڊچي[16]

چوڏھين صدي عيسويءَ م لٿوينيا واري گرينڊ ڊچي يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ ھئي[16] جنھن م موجوده لٿوينيا، يوڪرائين، بيلاروس، ۽ روس ۽ پولينڊ جا ڪجھ حصا شامل ھئا[17]. 1569ع ۾ لٿوينيا ۽ پولينڊ الحاق ڪندي ٻہ رياستي يونين ٺاھي جنھن جو نالو پولش- لٿوينيائي دولت مشترڪه ھيو. ان شموليت باوجود لٿوينيائي فوج، ڪرنسي ۽ ملڪي قانون الڳ رھيا .[18] 3 مئي 1791ع ۾ يونين ۾ دولت مشترڪه جو آئين آمريڪي آئين جي طرز تي ٺاھي نافذ ڪيو ويو[19][20][21]. اھا يونين 1772ع, وري 1792ع ۽ آخرڪار 1795ع ٽن مرحلن م ورھائجي روس، پروشيا ۽ ھبسبرگ جي وچ ۾ ورھائجي وئي. لٿوينيائي حصو روسي ايمپائر ۾ شامل ڪيو ويو. 1831ع ۾ ھڪ ناڪام بغاوت بعد روس جي زار اتي روسيفڪيشن واريون پاليسيون شروع ڪرائي ڇڏيون[22]

لٿوينيائي گرينڊ ڊچي جي گادي جو هنڌ ٽراڪئي شھر ھيو جيڪو ٽراڪئي ٻيٽ تي واقع ھيو. تصوير ۾ ٽراڪئي ٻيٽ وارو قلعو ڏيکاريل جيڪو گرينڊ ڊيوڪ جي رھائش گاھ ھيو
گرينڊ ڊيوڪ جو 1600ع ۾ لٿوينيا ۾ واقع محل

پھرين جنگ عظيم ۾ 1915 جي پڇاڙيءَ ۾ جرمني روسي فوج کي شڪست ڏيندي لٿوينيا تي قبضو ڪيو[23] [24].

لٿوينيائي ڪائونسل جا 20 رڪن 16 فيبروري 1918ر ۾ لٿوينيائي آزادي جي قانون تي دستخط ڪرڻ بعد

تاريخ 18 کان 22 سيپٽمبر ،1917 ۾ ولنس شھر ۾ ھڪ ڪانفرنس ۾ ھڪ ،20 رڪني لٿوينيائي ڪائونسل چونڊي وئي جنھن 16 فيبروري 1918ع تي لٿوينيا جي آزادي جي قانون تي دستخط ڪري ملڪ جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ولنس شھر کي ملڪ جي گادي جو هنڌ قرار ڏنو.

لٿوينيائي فوج ۽ جنگي ريل گاڏي جيڪا آزادي جي جنگ ۾ استعمال ۾ آئي

نومبر 1918ع ۾ جرمني جي جنگ ۾ پيش پوڻ بعد لٿوينيا م پھريون عبوري آئين آندو ويو ۽ پھرين قائم ٿيندڙ حڪومت جو وزيراعظم آگسٽينس وولديمرس ٿيو. حڪومت جي کاتن ۽ فوج کي منظم ڪيو ويو. ھن ملڪ جي ماڻھن ٽي دفعا آزادي جي جنگ وڙھي جنھن مان ھڪ جنگ بالشويڪن سان وڙھيا جن جن 1918 ۽ 1919 ۾ لٿوينيائي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو اعلان ڪيو، ٻين جنگ اولھ روس جي والنٽيئر فوج سان ۽ ٽين جنگ پولينڊ سان وڙھيا[25][26]

جنگ ۾ مصروف لٿوينيا جو پھريون ۽ آخري صدر انٽانس سميٽونا (1919–1920, 1926–1940)

15 مئي 1920ع ۾ جمھوري طريقي سان چونڊيل لٿوينيا جي پھرين آئين ساز اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنھن ذريعي سڌارن جي عمل جي شروعات ٿي. ملڪ جي نئين ڪرنسي لٿونين لٽس متعارف ڪرائي وئي. تعليمي سڌارا آندا ويا وائٽوٽس ميگنس يونيورسٽي کولي وئي [27] سڀ وڏا سرڪاري ادارا قائم ڪيا ويا ۽ لٿوينيا پائيداري حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ٻاھرين ملڪن ان کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. 1921ع ۾ ھي ملڪ ليگ آف نيشنز ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي[28] 17 ڊسمبر 1926 ۾ ھتي فوجي انقلاب آيو. 1928ع ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن ذريعي صدارتي نظام کي مضبوط ڪيو ويو. آھستي آھستي مخالف ڌر کي دٻايو ويو، سينسر شپ جي سختي وڌائي وئي، اقليتن جا حق صلب ڪيا ويا. ٻي جنگ عظيم جي شروعات ۾ ئي لٿوينيا غيرجانبداري اختيار ڪئي.

لٿوينيائي وفد سوويت لٿوينيائي باھمي مدد واري معاهدي جي لاء روانو ٿيندي

آڪٽوبر 1939ع ۾ لٿوينيا کي مجبور ڪري سويت لٿوينيائي باھمي مدد جي معاھدي تي صحيح ڪرائي جنھن تحت ولنس جي عيوض لٿوينيا ۾ پنج سوويت فوجي اڏا قائم ڪيا ويا ۽ 20000 فوجي رکيا ويا. ولنس سويت يونين پولينڊ تي حملو ڪري ان کان کسيو ھو [29] 14 جون 1940 ۾ سوويت يونين ھن ملڪ جي حڪومت جي تبديلي ۽ ريڊ آرمي جي ملڪ ۾ داخلا جو الٽيمٽم ڏنو. لٿوينيائي حڪومت مجبورن الٽيمٽم قبول ڪيو[30]. صدر سميٽونا جلاوطن حڪومت جي قيام جو ارادو ڪندي ملڪ ڇڏي ويو. ٻہ لک روسي فوجي بيلاروسي سرحد کان لٿوينيا ۾ داخل ٿي ويا[31] سوويت يونين بالٽڪ رياستن تي قبضو ڪري اتي نيم آئيني طريقن سان آزاد ملڪن کي سويت سوشلسٽ ريپلڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو م تبديل ڪيو.21 جولاء 1940 ۾ لٿوينيائي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو اعلان ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي لٿوينيا کي ڇڏي باقي سموريون سياسي پارٽيون ختم ڪيون ويون. لٿوينيئن لٽس کي ختم ڪري سوويت روبل کي ڪرنسي بڻايو ويو. لٿوينيائي فوج کي ريڊ آرمي جي اوڻٽيھين رائيفل ڪور ۾ بدلايو ويو. ,22 جون 1941ع ۾ جرمني سوويت يونين تي حملو ڪيو ته لٿوينيائي ايڪٽوسٽ فرنٽ لٿوينيا جي آزادي لاء سرگرم ٿيو پر وري ھن ملڪ تي جرمني جو قبضو ٿي ويو. ھن ملڪ م يھودين جو قتل عام شروع ڪيو ويو. پھرين ڊسمبر 1941ع تائين 120000 کان مٿي ماڻھن کي ماريو ويو جن م 95 سيڪڙو يھودي ھئا. جرمني جي شڪست بعد سويت يونين ٻيھر ھن ملڪ تي ڪنٽرول حاصل ڪيو. سويت ريپبلڪ جي ٻيھر قيام بعد ھتي گوريلا جنگ ذريعي مزاحمت جو آغاز ٿيو.


11 مارچ 1990 سپريم ڪائونسل لٿوينيائي آزادي جو اعلان جو قانون پاس ڪيو .[32] سپريم ڪائونسل طرفان قانون منسوخ ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي سوويت فوج سيمس ۾ داخل ٿي وئي پر لٿوينيا جي ماڻھن پارليامينٽ جو دفاع ڪيو. لٿوينيائي پارليامينٽ جو اھو عمل ٻين رياستن لاء ھڪ نمونو بڻجي ويو ۽ اھڙي طرح سويت يونين ٽٽي ختم ٿي ويو.

11 مارچ 1990 تي لٿوينيا جي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي سپريم ڪائونسل لٿوينيا جي سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري سويت يونين جي سڀ کان پھرين علحده ٿي.دڙ رياست بڻجي وئي. 20 اپريل 1990 تي سوويت يونين ھن رياست جي ھر سپلاء بند ڪري ناڪابندي شروع ڪئي[33]. جيڪا 74 ڏينھن جاري رھي پر لٿوينيا آزادي جو اعلان واپس نه ورتو. جنوري 1991 ۾ ڪي جي بي، اندروني معاملن جي وزارت ۽ روس جي فوج کي استعمال ڪري فوجي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي[34]

13 جنوري1991 تي گوليون ۽ ٽئنڪ چاڙھي 13 پرامن حريت پسندن کي ماري وڌو[35]

سڄي ملڪ جي ماڻھن گادي جي ھنڌ ولنس ۾ سپريم ڪائونسل (پارليامينٽ) کي بچائڻ لاء ان جو رخ ڪيو ۽ فوجي ڪاروائي کي ناڪام بڻايو. 17 سيپٽمبر 1991 تي لٿوينيا گڏيل قومن ۾ شامل ٿيو.25 آڪٽوبر 1992 ۾ نئين ٺھيل آئين جي شھرين رفرينڊم ذريعي توثيق ڪئي. 14 فيبروري 1993ع تي ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ۽ الگيرڊس برازئوسڪاس آزاد ملڪ جو پھريون صدر چونڊجي آيو. 31آگسٽ 1993 تي سوويت فوجين جو آخري يونٽ ان سرزمين مان ٻاھر نڪري ويو. 29 مارچ 2004ع ۾ ھي ملڪ نيٽو جو رڪن ٿيو. پھرين مئي 2004 تي لٿوينيا يورپي يونين جو بااختيار رڪن بڻجي ويو. 21 ڊسمبر 2007 تي شينجن ايگريمنٽ جو رڪن ٿيو.


جاگرافي[سنواريو]

لٿوينيا جو طبعي نقشو ۽ ان جي جيومارفالاجيڪل ورھاست

لٿوينيا يورپ جي بالٽڪ ريجن ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 65200 چورس ڪلوميٽر آهي[36] ان کي 99 ڪلوميٽر وارياسو سامونڊي ڪنارو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي ندي نيمان ندي آهي جنھن جي شامل ٿيندڙ شاخن ۾ بين الاقوامي جھازراني پڻ ٿئي ٿي.

افھولڊر جي نظريي مطابق يورپ جو جاگرافيائي مرڪز

لٿوينيا اتر يورپي پلين جي ڪناري تي واقع آهي جتي ھيٺانھان ۽ مٿانھان پٽ شامل آهن. ان جو سڀ کان بلند ترين مقام اوڪستوجاس جبل جي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 294 ميٽر بلند ۽ ملڪ جي اوڀرندي پاسي واقع آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ دروڪسيائي ڍنڍ آھي.

آبھوا[سنواريو]

ھن ملڪ جي آبھوا ٽيمپريٽ ۽ سمنڊ ۽ خشڪي ٻنھي جو اثر رکندڙ آهي. سمنڊ ڪناري لڳ سراسري گرمي پد جنوري ۾ 2.5- سينٽي گريڊ ۽ جولاء ۾ 16 سينٽي گريڊ ھوندو آھي. ولنس شھر جو سراسري گرمي پد جنوري ۾ 6.0- سينٽي گريڊ ۽ جولاء م 17 سينٽي گريڊ رھندو آھي.

سياسي نظام[سنواريو]

سئيمس، لٿوينيائي پارليامينٽ جو نالو آهي

لٿوينيا 11 مارچ 1990 تي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ ۾ 25 آڪٽوبر 1992 تي عام چونڊون ٿيون56.75 سيڪڙو ماڻھن نئين آئين جي حمايت ڪئي[37].

لٿوينيا جي رياست جو سربراھ صدر آھي جيڪو 5 سالن لاء سڌي چونڊ ذريعي مقرر ٿيندو آهي ۽۽ ھڪ ماڻھو رڳو ٻہ ڀيرا صدر چونڊجي سگھي ٿو. خارجي امور ۽ دفاعي معاملا ان جي ذمي ھوندا آھن. صدر فوج جو ڪمانڊر ان چيف ھوندو آھي [38] صدر وزيراعظم جي مقرري ڪندو آھي ۽ ان کان نالا وٺي ڪابينه جي مقرري پڻ ڪندو آهي. وڏن آفيسرن ۽ ججن جي مقرري پڻ صدر ڪندو آهي. 26 مارچ 2019 تي عام چونڊون ۾ سمورن شھرن مان ڳري اڪثريت سان گيٽن نوسيد صدر چونڊجي آيو[39] ملڪ جي آئيني عدالت ۾ ججن جي مقرري 9 سالن لاء ٿيندي آهي جن مان ٽن چونڊ ملڪ جو صدر ڪندو آھي، ٽن جي وري چيئرمين سيئمس ۽ باقي ٽن جي مقرري چيئرمين سپريم ڪورٽ ڪندو آهي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو سئيمس آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جا 141 ميمبر آھن ۽ پارليامينٽ جو مدو چار سال آھي. انھن 141 مان 71 ميمبر تڪن مان سڌي چونڊ وسيلي ۽ باقي ٻيا متناسب نمائندگي جي بنياد تي ملڪي سطح تائين ووٽن مان چونڊجندا آھن[40] ھي دنيا جي انھن پھرين ملڪن ۾ شامل آهي جن سڀ اول عورتن کي عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق ڏنو. اھو حق 1918ع جي آئين ۾ ڏنو ويو جنھن جو 1919ع ۾ پھريون ڀيرو استعمال پڻ ڪيو ويو. آمريڪا ۾ اھو حق عورتن کي 1920ع ۾ فرانس 1945، يونان ۾ 1952ع ۾ ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ 1971ع ۾ ڏنو ويو[41] ھن ملڪ ۾ کوڙ ننڍيون وڏيون سياسي جماعتون آهن[42] عام طور تي عام چونڊون ھر چوٿين سال آڪٽوبر جي ٻئي آچر تي ٿينديون آھن [40] To be چونڊن ۾ اميدوار ٿيڻ جي عمر جي گھٽ ۾ گھٽ حد 25 سان آھي. ان لاء لازم آھي تي ڪنھن ٻي رياست جو وفادار نہ ھجي ۽ مستقل لٿوينيا جو رھاڪو ھجي چونڊن کان 65 ڏينھن اڳ ڪورٽ جو سزا کاڌل نااھل ٿي ويندو آهي. ملڪ ۾ سرڪاري ملازم يا جج يا فوج جو ملازم بہ چونڊ اميدوار ٿيڻ جي اھل نہ ھوندو آھي. [43] 2016 جون عام چونڊون لٿوينيئن پيزنٽ اينڊ گرينس نالي جماعت کٽي ھئي جنھن 141ان 54 سيٽون کٽيون[44]

پارليامينٽ (سيئمس) واري ھال ۾ لٿوينيا جي رياست جي ٻيھر بحالي واري قانون پاس ٿيڻ جي ياد ۾ ٿيل ميڙاڪو جتي ان قانون تي 1990ع ۾ صحيحون ڪيون ويون ھيون. تقريب ۾ ملڪ جو صدر ، پارليامينٽ جو چيئرمين ۽ ٻيا رتبن وارا شامل

ملڪ جي صدر جي چونڊ پنجن سالن لاءِ اڪثريتي ووٽن جي بنياد تي ٿيندي آھي[45] صدارتي اميدوار لاء عمر جي گھٽ ۾ گھٽ حد 40 سال ھوندي آھي ۽ اھو گھٽ ۾ گھٽ ٽن سالن تائين ملڪ ۾ رھندڙ ھجڻ سان گڏ پارليامينٽ جي ميمبر ٿيڻ واري اھليت رکندڙ ھوندو آھي. ھن ملڪ کي 2019ع ۾ يورپي پارليامينٽ ۾ نمائندگي 11 تائين ميمبرن تائين ملي[46]

انتظامي ورهاست[سنواريو]

لٿوينيا جو موجوده انتظامي ورهاست جو نظام 1994ع جو قائم ڪيل آهي جنھن ۾ 2000 ۾ يورپي يونين جي گھرج مطابق ڪجھ تبديليون آنديون ويون. ملڪ ۾ 10 ڪائونٽيون آھن جيڪي 60 ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھن[47] جن مان ڪجھ ضلعي ميونسپلٽيون ۽ ڪجھ شھري ميونسپلٽيون آھن. انھن جي ميئر جي سڌي سئين چونڊ ٿيندي آهي[48].

ڪائونٽي پکيڙ(km²) آبادي ھزارن ۾ (2018) [49] نامينل GDP ارب يورو (2018) [49] نامينل GDP في ڪس يورو(2018) [49] GDP PPP

في ڪس ڊالر (2018) [49][50]

وچ ۽ اولھ لٿوينيا 55,569 1,992 26.4 13,300 28,600
اليتوس ڪائونٽي 5,425 137 1.3 9,800 21,100
ڪئونس ڪائونٽي 8,089 562 9.4 15,200 32,700
ڪلائيپڊا ڪائونٽي 5,209 318 4.9 15,600 33,500
مريجامپولي ڪائونٽي 4,463 140 1.3 9,400 20,200
پينيويزس ڪائونٽي 7,881 222 2.6 11,800 25,400
شولئي ڪائونٽي 8,540 264 3.2 12,200 26,200
تورئگي ڪائونٽي 4,411 95 0.9 9,100 19,600
تلشيئي ڪائونٽي 4,350 136 1.5 11,600 24,900
اتيئانا ڪائونٽي 7,201 128 1.2 9,300 20,000
ولنيس ڪائونٽي (گادي وارو علائقو) 9,731 808 18.9 23,400 50,300
لٿوينيا 65,300 2,800 45.3 16,200 34,800

معيشت[سنواريو]

لٿوينيا مالياتي يونين، يورو زون (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) ۽ يورپي يونين جي سنگل مارڪيٽ جو حصو آهي

ھن ملڪ جي کليل ۽ گڏيل معيشت آھي جيڪا عالمي بئنڪ مطابق تمام وڏي آمدني واري معيشت ۾ شمار ٿئي ٿي[51]. 2016 جي انگن اکرن مطابق ھن ملڪ جي معيشت جا وڏن حصن ۾ خدمتون ( جي ڊي پي جو %68.3) , صنعت ( جي ڊي پي جو %28.5) ۽ زراعت (جي ڊي پي جو %3.3) شامل ھيا[52] پھرين جنوري 2015ع تي يورو ھن ملڪ ۾ لٽس جي جاء تي قومي ڪرنسي ٿي وئي [53] 2018ع ۾ ھن ملڪ جي برآمدن ۾ زرعي ۽ کاڌي واريون شيون 18.3 سيڪڙو، ڪيميائي شيون ۽ پلاسٽڪ 17.8 سيڪڙو، مشينري ۽ اپلائنسز 15.8 سيڪڙو، معدني شيون 14.7 سيڪڙو، ڪاٺ ۽ فرنيچر 12.5 سيڪڙو ھيا [54]. 2016 جي انگن اکرن مطابق ھن ملڪ جي برآمدن جي سپلاء 14 سيڪڙو روس ڏي، 9.9 سيڪڙو ليٽويا ڏي، 9.1 سيڪڙو پولينڊ، 7.7 سيڪڙو جرمني، 5.3 سيڪڙو اسٽونيا، 4.8 سيڪڙو سوئيڊن ۽ 4.3 سيڪڙو يونائيٽيڊ ڪنگڊم ڏانھن ھئي[55] 2017 ۾ ملڪ جي جي ڊي پي جو 81.31 سيڪڙو برآمدن مان ھيو [56].

حوالا[سنواريو]

  1. "Lithuania's Constitution of 1992 with Amendments through 2019" (PDF). Constitute Project. 
  2. "Ethnicity, mother tongue and religion". Official Statistics Portal. Statistics Lithuania. وقت 15 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 December 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. https://www.pewresearch.org/fact-tank/2018/09/21/pope-francis-to-visit-the-three-baltic-countries-only-one-of-which-is-majority-catholic/%3famp=1
  4. Kulikauskienė, Lina (2002) (Lithuanian ۾). Lietuvos Respublikos Konstitucija. Native History, CD.. ISBN 978-9986-9216-7-7. 
  5. Veser, Ernst. "Semi-Presidentialism-Duverger's Concept – A New Political System Model" (PDF) (ٻولي ۾ English and Chinese). Department of Education, School of Education, University of Cologne. صفحا. 39–60. حاصل ڪيل 23 August 2017. Duhamel has developed the approach further: He stresses that the French construction does not correspond to either parliamentary or the presidential form of government, and then develops the distinction of 'système politique' and 'régime constitutionnel'. While the former comprises the exercise of power that results from the dominant institutional practice, the latter is the totality of the rules for the dominant institutional practice of the power. In this way, France appears as 'presidentialist system' endowed with a 'semi-presidential regime' (1983: 587). By this standard he recognizes Duverger's pléiade as semi-presidential regimes, as well as Poland, Romania, Bulgaria and Lithuania (1993: 87). 
  6. "Pradžia – Oficialiosios statistikos portalas". osp.stat.gov.lt. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 "Lithuania". International Monetary Fund. 
  8. "Gini coefficient of equivalised disposable income – EU-SILC survey". ec.europa.eu. Eurostat. حاصل ڪيل 12 September 2019. 
  9. "2017 Human Development Report". United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 24 March 2017. 
  10. "Composition of macro geographical (continental) regions, geographical sub-regions, and selected economic and other groupings". United Nations. وقت 30 August 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 November 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. https://op.europa.eu/en/web/eu-vocabularies/th-concept/-/resource/eurovoc/911?uri=http://eurovoc.europa.eu/911
  12. "The Baltic States: Why the United States Must Strengthen Security Cooperation". The Heritage Foundation. The Heritage Foundation. حاصل ڪيل 21 January 2019. 
  13. آرڪائيو ڪيا ويا 1 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. voruta.lt.
  14. Rowell, C. S. (1994). Lithuania Ascending: A Pagan Empire Within East-Central Europe, 1295–1345. Cambridge Studies in Medieval Life and Thought: Fourth Series. Cambridge University Press. pp. 97, 100. ISBN 978-0-521-45011-9. 
  15. Baranauskas, Tomas (23 June 2012). "Mėlynųjų Vandenų mūšis: atminties sugrįžimas po 650 metų" (lt ۾). Veidas (25): 30–32. ISSN 1392-5156. http://www.veidas.lt/melynuju-vandenu-musis-atminties-sugrizimas-po-650-metu. 
  16. 16.0 16.1 Bideleux, Robert; Jeffries, Ian (1998). A history of Eastern Europe: crisis and change. Routledge. p. 122. ISBN 978-0415161114. 
  17. Paul Magocsi (1996). History of the Ukraine. University of Toronto Press. p. 128. ISBN 0802078206.
  18. Stone, Daniel. The Polish–Lithuanian State: 1386–1795. University of Washington Press, 2001. p. 63
  19. "The Constitution of May 3, 1791" (PDF). LRS.lt. حاصل ڪيل 22 December 2017. 
  20. "1791 m. gegužės 3 d. Konstitucija" (PDF). LRS.lt. حاصل ڪيل 22 December 2017. 
  21. "History of the 3 May 1791 Constitution". pmc.usc.edu. وقت 29 November 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 December 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  22. "XX a. pradžioje rusus suerzino paviešinti lietuvių knygnešystės mastai". Lrt.lt (ٻولي ۾ Lithuanian). حاصل ڪيل 29 July 2013. 
  23. "The Great war in Lithuania 1914 -1918". Draugas.org. 
  24. "The Baltic States from 1914 to 1923: The First World War and the Wars of Independence" (PDF). Bdcol.ee. حاصل ڪيل 18 October 2018. 
  25. "Pirmosios Lietuvos nepriklausomybės kovos". Partizanai.org (ٻولي ۾ Lithuanian). حاصل ڪيل 23 December 2017. 
  26. Lesčius, Vytautas. "Lietuvos kariuomenė nepriklausomybės kovose 1918–1920. Monografija" (PDF). LKA.lt. وقت 2 January 2015 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 December 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  27. "VMU Now and Before". Vytautas Magnus University. وقت 24 December 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 December 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  28. Kantautas, Adam; Kantautas, Filomena (1975). A Lithuanian Bibliography: A Check-list of Books and Articles Held by the Major Libraries of Canada and the United States. University of Alberta. pp. 295–296. ISBN 9780888640109. https://archive.org/details/lithuanianbiblio0000kant. 
  29. Gureckas, Algimantas. "Ar Lietuva galėjo išsigelbėti 1939–1940 metais?". lrytas.lt (ٻولي ۾ Lithuanian). حاصل ڪيل 30 June 2010. 
  30. Musteikis, Kazys (1989). Prisiminimų fragmentai. Vilnius: Mintis. pp. 56–57. http://www.šaltiniai.info/files/istorija/II00/Ultimatumas_ir_paskutinis_vyriausyb%C4%97s_pos%C4%97dis.II0300.pdf. Retrieved 10 December 2017. 
  31. Senn, Alfred Erich (2007). Lithuania 1940: Revolution from Above. Rodopi. p. 99. ISBN 978-90-420-2225-6. 
  32. Imogen Bell (2002). Central and South-Eastern Europe 2003. Psychology Press. p. 376. ISBN 978-1-85743-136-0. https://books.google.com/books?id=4CrpzRJCbckC&pg=PA376. 
  33. Martha Brill Olcott. "The Lithuanian Crisis". www.foreignaffairs.com. حاصل ڪيل 18 November 2018. For over two years Lithuania has been moving toward reclaiming its independence. This drive reached a crescendo on 11 March 1990, when the Supreme Soviet of Lithuania declared the republic no longer bound by Soviet law. The act reasserted the independence Lithuania had declared more than seventy years before, a declaration unilaterally annulled by the U.S.S.R. in 1940 when it annexed Lithuania as the result of a pact between Stalin and Hitler. 
  34. "10 svarbiausių 1991–ųjų sausio įvykių, kuriuos privalote žinoti". 15min.lt. حاصل ڪيل 13 January 2016. 
  35. "Teismas nepagailėjo nė vieno kaltinamojo Sausio 13-osios byloje: "Jie siekė civilių aukų"". 15min.lt (ٻولي ۾ Lithuanian). حاصل ڪيل 27 March 2019. 
  36. "Lithuania". Canada.ca. حاصل ڪيل 18 June 2020. 
  37. Nuo 1991 m. iki šiol paskelbtų referendumų rezultatai آرڪائيو ڪيا ويا 9 September 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Microsoft Word Document, Seimas. Retrieved 4 June 2006.
  38. "Presidential Functions". lrp.lt. حاصل ڪيل 15 July 2019. 
  39. "Rezultatai – Respublikos Prezidento rinkimai 2019". rinkimai.maps.lt. حاصل ڪيل 15 July 2019. 
  40. 40.0 40.1 "Seimo rinkimai". lrs.lt. حاصل ڪيل 14 April 2018. 
  41. Baronienė, Daiva. "Teisę balsuoti Lietuvos moterys gavo vienos pirmųjų pasaulyje". Lzinios.lt. وقت 11 May 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 May 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  42. Saarts, Tõnis. "Comparative Party System Analysis in Central and Eastern Europe: the Case of the Baltic States" (PDF). Studies of Transition States and Societies. وقت 19 October 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 July 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  43. "Lietuvos Respublikos Seimo rinkimų įstatymas". e-tar.lt. حاصل ڪيل 14 April 2018. 
  44. "2016 m. Seimo rinkimų rezultatai". vrk.lt (ٻولي ۾ Lithuanian). وقت 14 April 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 April 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  45. "Constitution of the Republic of Lithuania". The Seimas of the Republic of Lithuania. حاصل ڪيل 31 July 2015. 
  46. "European Parliament 2014". European Parliament Liaison Office with U.S. Congress. حاصل ڪيل 31 July 2015. 
  47. (Republic of Lithuania Annul Law on County Governing), Seimas law database, 7 July 2009, Law no. XI-318.
  48. Justinas Vanagas, Seimo Seimas įteisino tiesioginius merų rinkimus آرڪائيو ڪيا ويا 14 October 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Delfi.lt, 26 June 2014. Retrieved 26 March 2015.
  49. 49.0 49.1 49.2 49.3 "BENDRASIS VIDAUS PRODUKTAS PAGAL APSKRITIS 2018 M." (ٻولي ۾ Lithuanian). Statistics Lithuania. حاصل ڪيل 22 November 2018. 
  50. "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org. 
  51. "World Bank Country and Lending Groups – World Bank Data Help Desk". Datahelpdesk.worldbank.org. وقت 11 January 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  52. "GDP – composition, by sector of origin". حاصل ڪيل 19 March 2018. 
  53. "ISO Currency – ISO 4217 Amendment Number 159". Currency Code Services – ISO 4217 Maintenance Agency. SIX Interbank Clearing. 
  54. "Lithuanian export map". Enterpriselithuania.com. حاصل ڪيل 7 April 2018. 
  55. "Where does Lithuania export to? (2016)". حاصل ڪيل 19 March 2018. 
  56. "Lithuania Exports of goods and services % of GDP 1988–2017". حاصل ڪيل 1 October 2019.