مواد ڏانھن هلو

لٿوينيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف لٿوينيا

Flag of Lithuania
لٿوينيا جو نسبتي نشان
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: Tautiška giesmė
(انگريزي ٻولي: "قومي گيت")
مڪانيت  لٿوينيا     (تيزي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل)

 يورپ ۾     (سائي رنگ ۾ & تيز خاڪي رنگ سان ڏيکاريل)
 in يورپي يونين     (سائي رنگ ۾)   [Legend]

گادي جو هنڌولنيئس
54°41′N 25°19′E / 54.683°N 25.317°E / 54.683; 25.317
سڀ کان وڏو شهرگاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليونلٿوينيائي[1]
علائقائيپولش، روسي
نسلي گروھ (census 2019[2])
مذهب (2016[3])
مقامي آباديلٿوينيائي يا لٿوينيئن
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ [4] [5]
 صدر
گٽانس نوسيدا
 وزيراعظم
سئولس ڪورنالس
 اسپيڪر
وڪٽورس پرنسڪيئٽس
مقننه سيئمس
لٿوينيا جو قيام
 لٿوينيا نالي جو پھريون دفعو ذڪر
9 مارچ 1009ع
 لٿوينيا واري گرينڊ ڊچي جو قيام
1236ع
 مائنڊاگس جي تاج پوشي
6 جولاء، 1253ع
 پولينڊ سان الحاق
2 فيبروري، 1386ع
 پولش۔لٿوينيائي دولت مشترڪه جو قيام
1 جولاء، 1569ع
 پولينڊ جو ورھاڱو
24 آڪٽوبر، 1795ع
 آزادي
16 فيبروري، 1918ع
 ٻيھر آزاد رياست جو قيام
11 مارچ، 1990ع
 نيٽو ۾ شموليت
29 مارچ، 2004ع
 يورپي يونين ۾ شموليت
1 مئي، 2004ع
پکيڙ
 جملي
65,300 چورس ڪلوميٽر (25,200 چورس ميل) (121st)
 پاڻي (%)
1.35
آبادي
 2020ع اندازو
Increase2,794,329[6] (140ھون)
  گھاٽائي
43/km2 (111.4/sq mi) (173ھون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2020ع لڳ ڀڳ
 ڪل
107 ارب آمريڪن ڊالر[7] (83ھون)
 في سيڪڙو
38,751 آمريڪي ڊالر[7] (38ھون)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2020ع لڳ ڀڳ
 ڪل
56 ارب آمريڪن ڊالر[7] (80ھون)
 في سيڪڙو
20,355 آمريڪي ڊالر [7] (42ھون)
جِينِي (2019)Positive decrease 35.4[8]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2018ع)Increase 0.869[9]
انتهائي اعلیٰ · 34ھون
ڪرنسييورو () (EUR)
معياري وقتاوڀر يورپي وقت (EET) (متناسق عالمي وقت+2)
اوڀر يورپي اونھاري وارو وقت (EEET) (متناسق عالمي وقت +3)
تاریخ جو نمونوyyyy-mm-dd (CE)
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+370
انٽرنيٽ ڊومين.lta
ویب سائيٽ
www.lietuva.lt

لٿوينيا (انگريزي: Lithuania)، سرڪاري نالو ريپبلڪ آف لٿوينيا، اتر یورپ جي بالٽڪ ريجن ۾ واقع ھڪ ننڍي بالٽڪ رياست آهي.[10][11] [12] جيڪا بالٽڪ سمنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي، سويڊن ۽ ڊينمارڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آھي. ان جون سرحدون اتر ۾ ليٽويا، اوڀر ۽ ڏکڻ م بيلاروس سان، ڏکڻ ۾ پولينڊ سان، ڏکڻ اولھ م روس جي اوبلاسٽ ڪاليننگراڊ (روسي اينڪليو ۽ ايڪسڪليو ) سان ملن ٿيون. ھڪ ڪاٿي مطابق ھن ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 28 لک آھي. ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ولنيئس آھي. ملڪ جا ٻيا وڏا شھر ڪئونس ۽ ڪلئيپڊا آھن. لٿوينيائي ماڻھو بالٽ نسل سان تعلق رکندڙ آھن. ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي لٿوينيائي ٻولي آھي جيڪا بالٽ نسل جي ٻن بالٽڪ شاخ جي ٻولين، لٿوينيائي ۽ ليٽويائي مان ھڪ آھي.

صدين تائين، بالٽڪ سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر واري ڪناري تي مختلف بالٽڪ قبيلا آباد هئا. سال 1230ع واري ڏهاڪي ۾، لٿوانيا جون زمينون پهريون ڀيرو منڊاگاس جي هٿان متحد ٿي ويون، جن 6 جولاءِ 1253ع تي لٿوينيا جي بادشاهت قائم ڪئي. ان کان پوءِ توسيع ۽ مضبوطيءَ جي نتيجي ۾ لٿوانيا جو گرانڊ ڊچي ٿيو، جيڪو 14هين صديءَ تائين يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ هو. سال 1386ع ۾، گرانڊ ڊچي پولينڊ جي بادشاھت جي تاج سان حقيقي ذاتي اتحاد ۾ داخل ٿيو. ٻه علائقا سال 1569ع ۾ ٻن۔وفاقي پولش۔لٿوينين ڪومن ويلٿ ۾ متحد ٿي ويا، يورپ جي سڀ کان وڏي ۽ خوشحال رياستن مان هڪ آهي. دولت مشترڪه ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين قائم رهي، جيستائين پاڙيسري ملڪن ان کي 1772ع ۽ 1795ع جي وچ ۾ آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيو، روسي سلطنت سان گڏ لٿوانيا جي اڪثر علائقي کي ملائي ڇڏيو. پهرين عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ تي، لٿوانيا 1918ع ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪيو، جديد جمهوريه لٿوانيا جو بنياد پيو. ٻي عالمي جنگ ۾، لٿوانيا تي سوويت يونين، پوءِ نازي جرمنيءَ پاران، 1944ع ۾ سوويت يونين پاران ٻيهر قبضو ڪرڻ کان اڳ، قبضو ڪيو ويو. سوويت قبضي جي خلاف لٿوانين جي هٿياربند مزاحمت سال 1950ع جي شروعات تائين جاري رهي. 11 مارچ 1990ع تي، سوويت يونين جي باضابطه تحليل کان هڪ سال اڳ، لٿوانيا پهريون سوويت جمهوريه بڻجي ويو جنهن کي ٽوڙي ڇڏيو جڏهن هن پنهنجي آزادي جي بحالي جو اعلان ڪيو. ليتوانيا هڪ ترقي يافته ملڪ آهي جنهن ۾ اعليٰ آمدني، ترقي يافته معيشت، انساني ترقي جي انڊيڪس (HDI) ۾ 37هين نمبر تي ۽ عالمي خوشيءَ جي رپورٽ ۾ 19هين نمبر تي آهي. ليتوانيا يورپي يونين، ڪائونسل آف يورپ، يوروزون، نارڊڪ انويسٽمينٽ بئنڪ، شينجن معاهدو، نيٽو ۽ او اي سي ڊي جو ميمبر آهي. اهو نورڊڪ۔بالٽڪ ايٽ (NB-8) علائقائي تعاون جي شڪل ۾ پڻ حصو وٺندو آهي.

55°N 24°E / 55°N 24°E / 55; 24

نالو

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

ڪيتريون ئي صديون اڳ بالٽڪ سمنڊ جي ڪنارن تي بالٽڪ قبيلا آباد ٿيا. 1230 واري ڏھاڪي ۾ لٿوينيائي علائقن کي منائنڊگس متحد ڪيو اھڙي طرح 6 آگسٽ 1253ع تي لٿوينيائي بادشاھت جنم ورتو[13] 1362ع يا 1363ع ۾ گرينڊ ڊيوڪ الگيرڊس بلو واٽرس واري جنگ ۾ منگولن جي خانيٽ کي شڪست ڏئي يوڪرائين جي شھر خيو ۽ ٻين وڏن علائقن کي لٿوينيائي گرينڊ ڊچي ۾ شامل ڪيو ۽ منگولن جي پيش قدميءَ کي روڪي ڇڏيو. ان سرحدي توسيع سان لٿوينيائي گرينڊ ڊچي جون حدون ماسڪو جي گرينڊ ڊچي سان ملي ويون[14].[15]


تيرھين کان پندرھين صدي عيسويءَ ۾ لٿوينيائي گرينڊ ڊچي[16]

چوڏھين صدي عيسويءَ م لٿوينيا واري گرينڊ ڊچي يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ ھئي[16] جنھن م موجوده لٿوينيا، يوڪرائين، بيلاروس، ۽ روس ۽ پولينڊ جا ڪجهه حصا شامل ھئا[17]. 1569ع ۾ لٿوينيا ۽ پولينڊ الحاق ڪندي ٻہ رياستي يونين ٺاھي جنھن جو نالو پولش- لٿوينيائي دولت مشترڪه ھيو. ان شموليت باوجود لٿوينيائي فوج، ڪرنسي ۽ ملڪي قانون الڳ رھيا .[18] 3 مئي 1791ع ۾ يونين ۾ دولت مشترڪه جو آئين آمريڪي آئين جي طرز تي ٺاھي نافذ ڪيو ويو[19][20][21]. اھا يونين 1772ع, وري 1792ع ۽ آخرڪار 1795ع ٽن مرحلن م ورھائجي روس، پروشيا ۽ ھبسبرگ جي وچ ۾ ورھائجي وئي. لٿوينيائي حصو روسي ايمپائر ۾ شامل ڪيو ويو. 1831ع ۾ ھڪ ناڪام بغاوت بعد روس جي زار اتي روسيفڪيشن واريون پاليسيون شروع ڪرائي ڇڏيون[22]

لٿوينيائي گرينڊ ڊچي جي گادي جو هنڌ ٽراڪئي شھر ھيو جيڪو ٽراڪئي ٻيٽ تي واقع ھيو. تصوير ۾ ٽراڪئي ٻيٽ وارو قلعو ڏيکاريل جيڪو گرينڊ ڊيوڪ جي رھائش گاھ ھيو
گرينڊ ڊيوڪ جو 1600ع ۾ لٿوينيا ۾ واقع محل

پھرين جنگ عظيم ۾ 1915 جي پڇاڙيءَ ۾ جرمني روسي فوج کي شڪست ڏيندي لٿوينيا تي قبضو ڪيو[23] [24].

لٿوينيائي ڪائونسل جا 20 رڪن 16 فيبروري 1918ر ۾ لٿوينيائي آزادي جي قانون تي دستخط ڪرڻ بعد

تاريخ 18 کان 22 سيپٽمبر ،1917 ۾ ولنس شھر ۾ ھڪ ڪانفرنس ۾ ھڪ ،20 رڪني لٿوينيائي ڪائونسل چونڊي وئي جنھن 16 فيبروري 1918ع تي لٿوينيا جي آزادي جي قانون تي دستخط ڪري ملڪ جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ولنس شھر کي ملڪ جي گادي جو هنڌ قرار ڏنو.

لٿوينيائي فوج ۽ جنگي ريل گاڏي جيڪا آزادي جي جنگ ۾ استعمال ۾ آئي

نومبر 1918ع ۾ جرمني جي جنگ ۾ پيش پوڻ بعد لٿوينيا م پھريون عبوري آئين آندو ويو ۽ پھرين قائم ٿيندڙ حڪومت جو وزيراعظم آگسٽينس وولديمرس ٿيو. حڪومت جي کاتن ۽ فوج کي منظم ڪيو ويو. ھن ملڪ جي ماڻھن ٽي دفعا آزادي جي جنگ وڙھي جنھن مان ھڪ جنگ بالشويڪن سان وڙھيا جن جن 1918 ۽ 1919 ۾ لٿوينيائي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو اعلان ڪيو، ٻين جنگ اولھ روس جي والنٽيئر فوج سان ۽ ٽين جنگ پولينڊ سان وڙھيا[25][26]

جنگ ۾ مصروف لٿوينيا جو پھريون ۽ آخري صدر انٽانس سميٽونا (1919–1920, 1926–1940)

15 مئي 1920ع ۾ جمھوري طريقي سان چونڊيل لٿوينيا جي پھرين آئين ساز اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنھن ذريعي سڌارن جي عمل جي شروعات ٿي. ملڪ جي نئين ڪرنسي لٿونين لٽس متعارف ڪرائي وئي. تعليمي سڌارا آندا ويا وائٽوٽس ميگنس يونيورسٽي کولي وئي [27] سڀ وڏا سرڪاري ادارا قائم ڪيا ويا ۽ لٿوينيا پائيداري حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ٻاھرين ملڪن ان کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. 1921ع ۾ ھي ملڪ ليگ آف نيشنز ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي[28] 17 ڊسمبر 1926 ۾ ھتي فوجي انقلاب آيو. 1928ع ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن ذريعي صدارتي نظام کي مضبوط ڪيو ويو. آھستي آھستي مخالف ڌر کي دٻايو ويو، سينسر شپ جي سختي وڌائي وئي، اقليتن جا حق صلب ڪيا ويا. ٻي جنگ عظيم جي شروعات ۾ ئي لٿوينيا غيرجانبداري اختيار ڪئي.

لٿوينيائي وفد سوويت لٿوينيائي باھمي مدد واري معاهدي جي لاء روانو ٿيندي

آڪٽوبر 1939ع ۾ لٿوينيا کي مجبور ڪري سويت لٿوينيائي باھمي مدد جي معاھدي تي صحيح ڪرائي جنھن تحت ولنس جي عيوض لٿوينيا ۾ پنج سوويت فوجي اڏا قائم ڪيا ويا ۽ 20000 فوجي رکيا ويا. ولنس سويت يونين پولينڊ تي حملو ڪري ان کان کسيو ھو [29] 14 جون 1940 ۾ سوويت يونين ھن ملڪ جي حڪومت جي تبديلي ۽ ريڊ آرمي جي ملڪ ۾ داخلا جو الٽيمٽم ڏنو. لٿوينيائي حڪومت مجبورن الٽيمٽم قبول ڪيو[30]. صدر سميٽونا جلاوطن حڪومت جي قيام جو ارادو ڪندي ملڪ ڇڏي ويو. ٻہ لک روسي فوجي بيلاروسي سرحد کان لٿوينيا ۾ داخل ٿي ويا[31] سوويت يونين بالٽڪ رياستن تي قبضو ڪري اتي نيم آئيني طريقن سان آزاد ملڪن کي سويت سوشلسٽ ريپلڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو م تبديل ڪيو.21 جولاء 1940 ۾ لٿوينيائي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو اعلان ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي لٿوينيا کي ڇڏي باقي سموريون سياسي پارٽيون ختم ڪيون ويون. لٿوينيئن لٽس کي ختم ڪري سوويت روبل کي ڪرنسي بڻايو ويو. لٿوينيائي فوج کي ريڊ آرمي جي اوڻٽيھين رائيفل ڪور ۾ بدلايو ويو. ,22 جون 1941ع ۾ جرمني سوويت يونين تي حملو ڪيو ته لٿوينيائي ايڪٽوسٽ فرنٽ لٿوينيا جي آزادي لاء سرگرم ٿيو پر وري ھن ملڪ تي جرمني جو قبضو ٿي ويو. ھن ملڪ م يھودين جو قتل عام شروع ڪيو ويو. پھرين ڊسمبر 1941ع تائين 120000 کان مٿي ماڻھن کي ماريو ويو جن م 95 سيڪڙو يھودي ھئا. جرمني جي شڪست بعد سويت يونين ٻيھر ھن ملڪ تي ڪنٽرول حاصل ڪيو. سويت ريپبلڪ جي ٻيھر قيام بعد ھتي گوريلا جنگ ذريعي مزاحمت جو آغاز ٿيو.


11 مارچ 1990 سپريم ڪائونسل لٿوينيائي آزادي جو اعلان جو قانون پاس ڪيو .[32] سپريم ڪائونسل طرفان قانون منسوخ ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي سوويت فوج سيمس ۾ داخل ٿي وئي پر لٿوينيا جي ماڻھن پارليامينٽ جو دفاع ڪيو. لٿوينيائي پارليامينٽ جو اھو عمل ٻين رياستن لاء ھڪ نمونو بڻجي ويو ۽ اھڙي طرح سويت يونين ٽٽي ختم ٿي ويو.

11 مارچ 1990 تي لٿوينيا جي سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي سپريم ڪائونسل لٿوينيا جي سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري سويت يونين جي سڀ کان پھرين علحده ٿي.دڙ رياست بڻجي وئي. 20 اپريل 1990 تي سوويت يونين ھن رياست جي ھر سپلاء بند ڪري ناڪابندي شروع ڪئي[33]. جيڪا 74 ڏينھن جاري رھي پر لٿوينيا آزادي جو اعلان واپس نه ورتو. جنوري 1991 ۾ ڪي جي بي، اندروني معاملن جي وزارت ۽ روس جي فوج کي استعمال ڪري فوجي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي[34]

13 جنوري1991 تي گوليون ۽ ٽئنڪ چاڙھي 13 پرامن حريت پسندن کي ماري وڌو[35]

سڄي ملڪ جي ماڻھن گادي جي ھنڌ ولنس ۾ سپريم ڪائونسل (پارليامينٽ) کي بچائڻ لاء ان جو رخ ڪيو ۽ فوجي ڪاروائي کي ناڪام بڻايو. 17 سيپٽمبر 1991 تي لٿوينيا گڏيل قومن ۾ شامل ٿيو.25 آڪٽوبر 1992 ۾ نئين ٺھيل آئين جي شھرين رفرينڊم ذريعي توثيق ڪئي. 14 فيبروري 1993ع تي ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ۽ الگيرڊس برازئوسڪاس آزاد ملڪ جو پھريون صدر چونڊجي آيو. 31آگسٽ 1993 تي سوويت فوجين جو آخري يونٽ ان سرزمين مان ٻاھر نڪري ويو. 29 مارچ 2004ع ۾ ھي ملڪ نيٽو جو رڪن ٿيو. پھرين مئي 2004 تي لٿوينيا يورپي يونين جو بااختيار رڪن بڻجي ويو. 21 ڊسمبر 2007 تي شينجن ايگريمنٽ جو رڪن ٿيو.


جاگرافي

[سنواريو]


لٿوينيا جو طبعي نقشو ۽ ان جي جيومارفالاجيڪل ورھاست

لٿوينيا يورپ جي بالٽڪ ريجن ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 65200 چورس ڪلوميٽر آهي[36] ان کي 99 ڪلوميٽر وارياسو سامونڊي ڪنارو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي ندي نيمان ندي آهي جنھن جي شامل ٿيندڙ شاخن ۾ بين الاقوامي جھازراني پڻ ٿئي ٿي.

افھولڊر جي نظريي مطابق يورپ جو جاگرافيائي مرڪز

لٿوينيا اتر يورپي پلين جي ڪناري تي واقع آهي جتي ھيٺانھان ۽ مٿانھان پٽ شامل آهن. ان جو سڀ کان بلند ترين مقام اوڪستوجاس جبل جي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 294 ميٽر بلند ۽ ملڪ جي اوڀرندي پاسي واقع آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ دروڪسيائي ڍنڍ آھي.

آبھوا

[سنواريو]

ھن ملڪ جي آبھوا ٽيمپريٽ ۽ سمنڊ ۽ خشڪي ٻنھي جو اثر رکندڙ آهي. سمنڊ ڪناري لڳ سراسري گرمي پد جنوري ۾ 2.5- سينٽي گريڊ ۽ جولاء ۾ 16 سينٽي گريڊ ھوندو آھي. ولنس شھر جو سراسري گرمي پد جنوري ۾ 6.0- سينٽي گريڊ ۽ جولاء م 17 سينٽي گريڊ رھندو آھي.

سياسي نظام

[سنواريو]


لٿوينيا 11 مارچ 1990 تي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ ۾ 25 آڪٽوبر 1992 تي عام چونڊون ٿيون56.75 سيڪڙو ماڻھن نئين آئين جي حمايت ڪئي[37].

لٿوينيا جي رياست جو سربراھ صدر آھي جيڪو 5 سالن لاء سڌي چونڊ ذريعي مقرر ٿيندو آهي ۽۽ ھڪ ماڻھو رڳو ٻہ ڀيرا صدر چونڊجي سگھي ٿو. خارجي امور ۽ دفاعي معاملا ان جي ذمي ھوندا آھن. صدر فوج جو ڪمانڊر ان چيف ھوندو آھي [38] صدر وزيراعظم جي مقرري ڪندو آھي ۽ ان کان نالا وٺي ڪابينه جي مقرري پڻ ڪندو آهي. وڏن آفيسرن ۽ ججن جي مقرري پڻ صدر ڪندو آهي. 26 مارچ 2019 تي عام چونڊون ۾ سمورن شھرن مان ڳري اڪثريت سان گيٽن نوسيد صدر چونڊجي آيو[39] ملڪ جي آئيني عدالت ۾ ججن جي مقرري 9 سالن لاء ٿيندي آهي جن مان ٽن چونڊ ملڪ جو صدر ڪندو آھي، ٽن جي وري چيئرمين سيئمس ۽ باقي ٽن جي مقرري چيئرمين سپريم ڪورٽ ڪندو آهي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو سئيمس آھي جيڪا ھڪ ايواني آھي جنھن جا 141 ميمبر آھن ۽ پارليامينٽ جو مدو چار سال آھي. انھن 141 مان 71 ميمبر تڪن مان سڌي چونڊ وسيلي ۽ باقي ٻيا متناسب نمائندگي جي بنياد تي ملڪي سطح تائين ووٽن مان چونڊجندا آھن[40] ھي دنيا جي انھن پھرين ملڪن ۾ شامل آهي جن سڀ اول عورتن کي عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق ڏنو. اھو حق 1918ع جي آئين ۾ ڏنو ويو جنھن جو 1919ع ۾ پھريون ڀيرو استعمال پڻ ڪيو ويو. آمريڪا ۾ اھو حق عورتن کي 1920ع ۾ فرانس 1945، يونان ۾ 1952ع ۾ ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ 1971ع ۾ ڏنو ويو[41] ھن ملڪ ۾ کوڙ ننڍيون وڏيون سياسي جماعتون آهن[42] عام طور تي عام چونڊون ھر چوٿين سال آڪٽوبر جي ٻئي آچر تي ٿينديون آھن [40] To be چونڊن ۾ اميدوار ٿيڻ جي عمر جي گھٽ ۾ گھٽ حد 25 سان آھي. ان لاء لازم آھي تي ڪنھن ٻي رياست جو وفادار نہ ھجي ۽ مستقل لٿوينيا جو رھاڪو ھجي چونڊن کان 65 ڏينھن اڳ ڪورٽ جو سزا کاڌل نااھل ٿي ويندو آهي. ملڪ ۾ سرڪاري ملازم يا جج يا فوج جو ملازم بہ چونڊ اميدوار ٿيڻ جي اھل نہ ھوندو آھي. [43] 2016 جون عام چونڊون لٿوينيئن پيزنٽ اينڊ گرينس نالي جماعت کٽي ھئي جنھن 141ان 54 سيٽون کٽيون[44]

پارليامينٽ (سيئمس) واري ھال ۾ لٿوينيا جي رياست جي ٻيھر بحالي واري قانون پاس ٿيڻ جي ياد ۾ ٿيل ميڙاڪو جتي ان قانون تي 1990ع ۾ صحيحون ڪيون ويون ھيون. تقريب ۾ ملڪ جو صدر ، پارليامينٽ جو چيئرمين ۽ ٻيا رتبن وارا شامل

ملڪ جي صدر جي چونڊ پنجن سالن لاءِ اڪثريتي ووٽن جي بنياد تي ٿيندي آھي[45] صدارتي اميدوار لاء عمر جي گھٽ ۾ گھٽ حد 40 سال ھوندي آھي ۽ اھو گھٽ ۾ گھٽ ٽن سالن تائين ملڪ ۾ رھندڙ ھجڻ سان گڏ پارليامينٽ جي ميمبر ٿيڻ واري اھليت رکندڙ ھوندو آھي. ھن ملڪ کي 2019ع ۾ يورپي پارليامينٽ ۾ نمائندگي 11 تائين ميمبرن تائين ملي[46]

انتظامي ورهاست

[سنواريو]